رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
مون چنڊ کان پڇيو ۔۔۔۔۔
چنڊ تون ئي ٻڌاء
ديس ڪهنجو ڀلو۔۔۔
ويس ڪنهنجو ڀلو۔۔۔۔
ٻولي ڪنهنجي ڀلي۔۔۔
ماڻهو ڪنهنجا ڀلا۔۔۔۔۔
چنڊ مرڪي چيو۔۔۔۔
پار جيڪي پڇيه
سڀ سنڌ ۾ اٿئي
اهي جيء اهڙا جيارا اٿئي
نينهن وارا اٿئي
سونهن وارا اٿئي
ڏاڍا پيارا اٿئي
جن جي ٻولي مٺي
سڀ کان آهي سٺي
جن جا ويس وڳا
ملڪا ملڪ پڳا
اهو ديس وطن
منهنجو آهي چمن
اهو ديس ڀلو منهنجو سنڌو وطن
اهو ديس ڀلو منهنجو سنڌو وطن۔۔۔۔۔