جواب: جسمم جو وائيس چيئرمين نصرالله تنيو
قومپرست ڪار جي سي اين جي ڪٽ کي گولي لڳڻ سبب سڙي ويا:آءِ جي
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ جي سنڌ چيو آهي ته سانگهڙ ۾ قتل ٿيل ٽن قومپرستن مٿان فائرنگ ٿي، هڪ گولي گاڏي جي سي اين جي ٽانڪي ۾ لڳي، جنهن سان باهه لڳي، ان مامري جي جاچ آخري مرحلي ۾ آهي، جلد مامري جو ورڪ آئوٽ سامهون ايندو، پارليامينٽ هائوس ۾ آءِ جي سنڌ فياض لغاري گهرو مامرن جي وفاقي وزير رحمان ملڪ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ گهٽتائي آئي آهي، اسان ٽارگيٽ ڪلرز پڪڙيا آهن، جيڪي بسن تي حملا ڪري رهيا هئا، امن ڪاميٽي جو فعال ڪردار رهندو، لياقت بنگش ڏوهاري آهي، ان اي اين پي سنڌ جو هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، سانگهڙ واري قومپرستن جي قتل واري ڪيس جي جاچ هلي رهي آهي، جيڪا آخري مرحلي ۾ آهي، جلد مامرا سامهون ايندا، آءِ جي سنڌ چيو ته قومپرستن جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي، هڪ گولي ڪار جي سي اين جي ٽانڪي کي لڳي، هن چيو ته قومپرست جي سي اين جي ڪار هئي، سي اين جي ڪٽ کي گولي لڳندي ته باهه ضرور لڳندي، قومپرستن کي ڪنهن ساڙيو آهي؟ اهو سوال نه ڪيو وڃي.