TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
پنجاب ۾ وڌيڪ صوبا ٺهندا ته سنڌ ۾به ٺاهڻا پوندا: شهباز شريف
بهاولپور(اين اين آءِ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته اسان پنجاب وانگر چولستان کي به ترقي يافته ڏسڻ چاهيون ٿا، اسان پنجاب جي ورڇ جي خلاف آهيون جيڪڏهن پنجاب ۾ صوبا ٺهندا ته پوءِ سنڌ ۾ به وڌيڪ صوبا ٺاهڻا پوندا. پنجاب جي خلاف سازش جا سٺا نتيجا نه نڪرندا، ڊرون حملا مذمتي بيانن ۽ ڌرڻن سان نه بند ٿيندا. سموري قوم کي متحد ٿيڻو پوندو، هو بهاولپور، حاصل پور، خير پور ٽاميوالي ۽ ٽوبا نور سر بلوچن جي علائقن جي دوري دوران مختلف ميڙاڪن کي خطاب ڪري رهيو هو. وزير اعليٰ اربع جي صبح 7 لڳي 50 منٽن تي بهاولپور ايئر پورٽ لهڻ کانپوءِ چولستان ٽوبا نور بلوچان پهتو ۽ اتي لائيو اسٽاڪ فارمنگ ۽ شمسي توانائي جي منصوبن جو افتتاح ڪيو ۽ چولستان ۾ شمسي توانائي جي وڌيڪ پراجيڪٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي چولستاني رهواسين کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيوته اسان پنجاب جي تقسيم جي سخت مخالفت ۾ آهيون، بهاولپور به پنجاب جو هڪ حصو آهي اسان پنجاب ۾ وڌيڪ صوبا نه ٿا چاهيون جيڪڏهن صوبا ٺاهڻا آهن ته پوءِ سنڌ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهيا وڃن. هن چيو ته اسان ٽوپي ڊرامي جي سياست نه ڪندا آهيون جيڪو دل ۾ هوندو آهي اهو چوندا آهيون اسان عوام کي اونداهي طرف نه ٿا وٺي وڃڻ چاهيون. وزير اعليٰ چيو ته مون پهرين به چيو هو ۽ اڄ به ان ڳالهه جو اعلان ڪريان ٿو ته چولستان جي زمين تي پهريون حق چولستانين جو آهي ان جي هڪ انچ زمين تي به غير چولستانين کي قبضو نه ڪرڻ ڏيندا سين. هن دانش اسڪول حاصل پور ۾ داخل ڪرڻ لاءِ 5 سيڪڙو چولستاني ٻارن کانسواءِ ڪوٽا جو به اعلان ڪيو. هن چيو ته دانش اسڪول ۾ اميرن کي نه پر غريبن جي ٻارن کي داخلائون ملنديون. ان موقعي تي وزير اعليٰ خير پور ٽاميوالي جي مسلم ليگي اڳواڻ حاجي محمد شعيب جي نياڻي کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ سمورا خرچ خود برداشت ڪرڻ جو واعدو ڪيو.