• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
230191_2023784952476_5778698_n.jpg

سنڌ سلامت جي سهڻي دوست ۽ سنڌ سلامت جي ساٿي محترم عرس پريو کي سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران جنم ڏڻ جون واڌايون هجن۔ ادو عرس پريو واقعي پريو مڙس لڳندو آهي۔ يارن جو يار، سچو ، کرو ۽ سنڌ پرست۔ جڏهن به ملندو ته ڀاڪر ڀري ملندو ۽ سدائين پيو کلندو ۽ مسڪرائيندو۔ ادا رشيد سمون جو پڳ مٽ يار آهي ۽ سنڌ سلامت جو عاشق آهي۔

دعا آهي ته استاد بخاريء جي سونهن پرستي ۽ عاشق مزاجي جو پرستار عرس پريو سدائين خوش رهي ۽ ڊگهي ڄمار ماڻي۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

ادا عرس شل جڙيو هجين ، خوش رهو ۽ خوشيون ورهائيندا رهو ۔
اوهان جون فورم تي ڪوششون قابل ساراه آهن ۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

ادا عرس پريو کي دل جي گهرائين سان جنم ڏينهن جون واڌايون هجن۔۔۔ سنگت جي سونهن آهي ادا عرس پريو، سندس جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي، الله کان دعا آهي ته کيس زندگيءَ ۾ هر قدم تي هزارين خوشيون ملن۔۔۔​
 
http://imageshack.us

سنڌ سلامت جو سڄڻ. دوستن جو دوست، سنڌ سان چاهه ايترو جيترو استاد بخاري کي سنڌ سان هو .... استاد بخاريءِ سميت هر سنڌ دوست شاعر کي ائين چاهيندو آهي جيئن ڪو عاشق پنهنجي محبوب سان پيار ڪندو آهي ...

سنڌ سلامت تي ايندڙ هر دوست جو آڌرڀاءُ ڪرڻ، سنڌ سلامت جي سڏ تي پنهنجي هر ڪم کي اڇلائي ايئن پهچي ويندو آهي جيئن ڪو هاري پنهنجي فصل کي پاڻي ڏيڻ جي واري تي پهچي ويندو آهي ...

اهڙا مخلص دوست جيڪڏهن ساٿ ۾ هجن ته ڏاڍن کي به ڏاري وجهبو ... سنڌ جي حڪمرانن جو بدعنوانيون کيس ائين فڪرمند ڪنديون آهن، ڄڻ کيس شخصي ڪو نقصان رسيو هجي ۽ انهن جي انهن بدعنوانين تي ڏک جو اظهار ڪندي، اسانکي به جذباتي ڪري وجهندو آهي ...

سنڌ کي عرس پريي جهڙن سڄڻ دوستن جي ڪمي ناهي پر افسوس جو اسانجون تنطيمون نااهل آهن جو اهڙن دوستن کي ڪٺو ڪري ڀنڀٽ ٻاري نه سگهيون آهن ...

آءُ کيس سلام پيش ڪريانٿو ۽ ساڻس ڪيل ملاقات تي فخر هوندو اٿم ته منهنجن دوستن ۾ عرس جهڙا ڏاها، سهڻا ۽ دلير دوست شامل آهن ...

رب العالمين کيس وڏي ۽ صحتمند ڄمار ڏيس ۽ کيس هر مشڪل کان پناه ۾ رکي ... آمين
 
مُنهنجي پياري ڀا محترم عرس پريو کي سندس هن جنم ڏينهن تي کوڙ ساريون واڌايون الله سائين جي در دُعا اٿم ته اسان جو هي محبتي دوست هر جنم ۾ جيجل ڌرتي سنڌ ڌرتي جو پُٽ ٿي جنم وٺي ۽ ڌرتي لا دشمنن سان کُلي ويڙهاند ڪري، سنڌ ڌرتي لاامن سُک ۽ شانتيون آڻي، شال کيس ڪو ڪوسو وا نه لڳي سنڌ جو هوشو ٿئي سنڌ جو دودو ٿئي شال مهڪون ۽ مُرڪون ماڻيندو رهي آمين

222586_10150183032738216_794048215_6838515_1724939_n.jpg
 
سائين اوهان جي آمد دنيا تي توهان کي مبارڪ هجي ۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

ادا عرس پريا اوهان کي مون حقير طرف کان به جنم ڏينهن جو لکين واڌايون قبول پون۔۔۔۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

230191_2023784952476_1179567033_32552221_5778698_n.jpg

سنڌ سلامت جي سهڻي دوست ۽ سنڌ سلامت جي ساٿي محترم عرس پريو کي سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران جنم ڏڻ جون واڌايون هجن۔ ادو عرس پريو واقعي پريو مڙس لڳندو آهي۔ يارن جو يار، سچو ، کرو ۽ سنڌ پرست۔ جڏهن به ملندو ته ڀاڪر ڀري ملندو ۽ سدائين پيو کلندو ۽ مسڪرائيندو۔ ادا رشيد سمون جو پڳ مٽ يار آهي ۽ سنڌ سلامت جو عاشق آهي۔

دعا آهي ته استاد بخاريء جي سونهن پرستي ۽ عاشق مزاجي جو پرستار عرس پريو سدائين خوش رهي ۽ ڊگهي ڄمار ماڻي۔

سونهن پرست استاد بخاري۔۔۔۔ دادو جي دل جا اسان شيدائي آهيون

ادا سليمان توهان جون مهربانيو جو ياد رکيو۔۔۔۔۔۔ سچ پچ ته مونکائي پنهنجي ڄمڻ جي تاريخ وسري وئي هئي۔۔۔۔۔ توهان جهڙا دوست گڏ هجن ته پوء ڏونگر کي به ڏاري وجهبو

وري به لک لائق
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

ادا عرس پريو کي دل جي گهرائين سان جنم ڏينهن جون واڌايون هجن۔۔۔ سنگت جي سونهن آهي ادا عرس پريو، سندس جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي، الله کان دعا آهي ته کيس زندگيءَ ۾ هر قدم تي هزارين خوشيون ملن۔۔۔​

ادا مست توهان جون وڏيون مهربانيو
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

http://imageshack.us

سنڌ سلامت جو سڄڻ. دوستن جو دوست، سنڌ سان چاهه ايترو جيترو استاد بخاري کي سنڌ سان هو .... استاد بخاريءِ سميت هر سنڌ دوست شاعر کي ائين چاهيندو آهي جيئن ڪو عاشق پنهنجي محبوب سان پيار ڪندو آهي ...

سنڌ سلامت تي ايندڙ هر دوست جو آڌرڀاءُ ڪرڻ، سنڌ سلامت جي سڏ تي پنهنجي هر ڪم کي اڇلائي ايئن پهچي ويندو آهي جيئن ڪو هاري پنهنجي فصل کي پاڻي ڏيڻ جي واري تي پهچي ويندو آهي ...

اهڙا مخلص دوست جيڪڏهن ساٿ ۾ هجن ته ڏاڍن کي به ڏاري وجهبو ... سنڌ جي حڪمرانن جو بدعنوانيون کيس ائين فڪرمند ڪنديون آهن، ڄڻ کيس شخصي ڪو نقصان رسيو هجي ۽ انهن جي انهن بدعنوانين تي ڏک جو اظهار ڪندي، اسانکي به جذباتي ڪري وجهندو آهي ...

سنڌ کي عرس پريي جهڙن سڄڻ دوستن جي ڪمي ناهي پر افسوس جو اسانجون تنطيمون نااهل آهن جو اهڙن دوستن کي ڪٺو ڪري ڀنڀٽ ٻاري نه سگهيون آهن ...

آءُ کيس سلام پيش ڪريانٿو ۽ ساڻس ڪيل ملاقات تي فخر هوندو اٿم ته منهنجن دوستن ۾ عرس جهڙا ڏاها، سهڻا ۽ دلير دوست شامل آهن ...

رب العالمين کيس وڏي ۽ صحتمند ڄمار ڏيس ۽ کيس هر مشڪل کان پناه ۾ رکي ... آمين

نٿو جو سنڌ لاء لڙي سو سنڌ مان لڏي وڃي سو سنڌ کي ڇڏي وڃي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ حقيقت هي آهي سنڌ سان محبت جو جذبو ته هيو پر ان کي جياريو توهان۔۔۔۔۔۔ توهان جي هر تحرير ۾ سنڌ جي جياپي لاء جيڪا ڪوشش هوندي آهي اها تعريف جي لائق آهي نه وسارڻ جوڳي آهي۔۔۔۔

سنڌ سلامت کي توهان تي فخر آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

لڪ لائڪ جو مونکي اهڙي عزت بخشي
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

مُنهنجي پياري ڀا محترم عرس پريو کي سندس هن جنم ڏينهن تي کوڙ ساريون واڌايون الله سائين جي در دُعا اٿم ته اسان جو هي محبتي دوست هر جنم ۾ جيجل ڌرتي سنڌ ڌرتي جو پُٽ ٿي جنم وٺي ۽ ڌرتي لا دشمنن سان کُلي ويڙهاند ڪري، سنڌ ڌرتي لاامن سُک ۽ شانتيون آڻي، شال کيس ڪو ڪوسو وا نه لڳي سنڌ جو هوشو ٿئي سنڌ جو دودو ٿئي شال مهڪون ۽ مُرڪون ماڻيندو رهي آمين

222586_10150183032738216_794048215_6838515_1724939_n.jpg

سائين توهان سان ٿيل هڪ ملاقات ۾ ائين محسوس ٿيو جئين ڪو صدين جو وسطو هجي ۔۔۔۔۔۔۔ ء ڇو نه ٿئي توهان وٽ سنڌ ء سنڌيت جي خدمت جو جذبو ئي اهڙو آهي۔۔۔۔۔۔۔

وڏيون مهربانيو جو مون لاء شعر لکيو۔۔۔ءعزت بخشي

وڏي مهرباني
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

ادا عرس جنم ڏڻ جون کوڙ ساريون واڌايون
سدائين خوش هجين آباد هجين مهڪندو ۽ مسڪرائيندو رهين (آمين)
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سائين عرس پريو صاحب کي مون فقير پاران پڻ دل جي گهرائين سان جنم ڏينهن جون مبارڪون

مون جي دعا آهي ته سائين جي لا۽ هي سال خوشين جو سال ثابت ٿئي

آمين

سدائين گڏ
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

وحيد کوسو، عاشق سولنگي ء فقير صاحب جون مهربانيون جو اسان کي ياد رکيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top