• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سنڌ سلامت جي سهڻي دوست ادا عرس پريو کي سندس جنم ڏينهن تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ٿا ڪريون ۽ سندس اها ئي دعا ٿا ڪريون ته ادا عرس اهڙا ڪيئي جنم ڏينهن ملهائي آمين​
w2m7nk.jpg
 
خبر ئي ڪانه پئي جو سال ٿي ويو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

اسان جي دوست ، سنڌ جي عاشق ۽ استاد بخاري جي سونهن پرست شاعريء جي چاهيندڙ عرس پريو جي سالگرهه اچي وئي۔ دعا آهي ته اسان جو هي سلڇڻو ۽ ملنسار دوست سدا خوش هجي ، ٽهڪ وکيريندو رهي ۽ خوشيون ماڻي۔۔۔۔۔۔ آمين
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

عرس پريو ،،،، جنهنکي آءُ سنڌ سلامت جو ”پريو مڙس“ چوندو آهيان، سنڌي لغت جي حساب سان پريي مڙس جو مفهوم ڪجهه هن طرح سان آهي؛

سٺو، سچو دوست
معزز، ڏاهو، بزرگ انسان

مونکي ته اهي سڀ خوبيون عرس پريي ۾ نظر اينديون آهن، مونکي ڪنهنجي ڄم تاريخ ياد ناهي بيهندي، ايتري حد تائين جو گهر واريءَ ڪئي ڀيرا پڇيو آهي ته آءُ کيس اهڙو ته پيارو جواب ڏيندو آهيان جو وري ڄم تاريخ ناهي پڇندي

عرس جي هڪ وڏي خوبي آهي ته هو رشيد کي ستائيندو رهندو آهي ۽ اها به هڪ خوبي چئبي جو ککر ۾ کڙو هڻڻ ڀلا ڪو سولو ڪم آهي

عرس جي ٻي خوبي آهي ته استاد بخاريءَ جي شاعري اهڙي ته ڳولهي ڳولهي ٻڌائيندو آهي، جو ڪئي پهر مٿي تي هٿ هوندو آهي

عرس پريي جي ٽين خوبي اها آهي ته هو ڪڏهن ڪڏهن حڪومت وارن تي اهڙو ڏمربو آهي جو بس دل چوندي اٿس ته هاڻ ئي پادر کڻي اٿي ۽ سڀني جو ٺوڙ تي ٺهڪائي

عرس جي چوٿين خوبي اها آهي ته غضب جو حسن پرست آهي، بس ڪو حسين چهرو نظر نه اچيس، اصل پنهنجو ڏينهن ته خراب ڪندو ئي ڪندو ڪافي ٻين کي به هر هر ان چهري جي سونهن ٻڌائي پيو پريشان ڪندو

عرس جي پجين خوبي اها آهي ته جي منهنجي گهر جو ڪمپيوٽر خراب ٿيو ناهي، ۽ ٺهيو ناهي، ونڊو نئين ڪرڻ اهڙي اچيس ڄڻ اصل اڪبر واڍو، جيڪو منهنجي در جي دري هميشه ٺاهيندو آهي ۽ هميشه اها ئي دري خراب ٿيندي آهي

بهرحال عرس پريي سان منهنجيون ڇٽيهه دليون آهن ،،، اوهان چوندا دل ته هڪ هوندي آهي، وري ڇٽيهه ڪيئن؟ ته ادا سائين جيڪي ڇٽيهه عشق ڪيا آهن اهي سڀ عرس پريي تان گهور سواءِ هڪ ستٽيهين جي، جو مجبوري آهي اهو ستٽيهون عشق منهنجي ٻچڙن جي ماءُ آهي

سدا جيئو دوست، معاف ڪجو کل مزاح پئي ڪئي سون، باقي اوهان اسانجي سر جا سائين آهيو، پيارا انسان آهيو

رب العالمين اوهانکي ۽ اوهانجي ڪٽنب کي ڪوسي واءُ کان بچائي ،،،، آمين
 
230191_2023784952476_1179567033_32552221_5778698_n.jpg

سنڌ سلامت جي سهڻي دوست ۽ سنڌ سلامت جي ساٿي محترم عرس پريو کي سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران جنم ڏڻ جون واڌايون هجن۔ ادو عرس پريو واقعي پريو مڙس لڳندو آهي۔ يارن جو يار، سچو ، کرو ۽ سنڌ پرست۔ جڏهن به ملندو ته ڀاڪر ڀري ملندو ۽ سدائين پيو کلندو ۽ مسڪرائيندو۔ ادا رشيد سمون جو پڳ مٽ يار آهي ۽ سنڌ سلامت جو عاشق آهي۔

دعا آهي ته استاد بخاريء جي سونهن پرستي ۽ عاشق مزاجي جو پرستار عرس پريو سدائين خوش رهي ۽ ڊگهي ڄمار ماڻي۔
محترم سليمان وساڻ جو وڏيون مهربانيو جو مون سميت سڀني دوستن کي جنم ڏينهن تي پيو ياد ڪندو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الله کيس خوش رکي جوت جلندي رهي لاٽ برندي رهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

وري به تمام گهڻيون مهربانيو
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

عرس پريو ،،،، جنهنکي آءُ سنڌ سلامت جو ”پريو مڙس“ چوندو آهيان، سنڌي لغت جي حساب سان پريي مڙس جو مفهوم ڪجهه هن طرح سان آهي؛

سٺو، سچو دوست
معزز، ڏاهو، بزرگ انسان

مونکي ته اهي سڀ خوبيون عرس پريي ۾ نظر اينديون آهن، مونکي ڪنهنجي ڄم تاريخ ياد ناهي بيهندي، ايتري حد تائين جو گهر واريءَ ڪئي ڀيرا پڇيو آهي ته آءُ کيس اهڙو ته پيارو جواب ڏيندو آهيان جو وري ڄم تاريخ ناهي پڇندي

عرس جي هڪ وڏي خوبي آهي ته هو رشيد کي ستائيندو رهندو آهي ۽ اها به هڪ خوبي چئبي جو ککر ۾ کڙو هڻڻ ڀلا ڪو سولو ڪم آهي

عرس جي ٻي خوبي آهي ته استاد بخاريءَ جي شاعري اهڙي ته ڳولهي ڳولهي ٻڌائيندو آهي، جو ڪئي پهر مٿي تي هٿ هوندو آهي

عرس پريي جي ٽين خوبي اها آهي ته هو ڪڏهن ڪڏهن حڪومت وارن تي اهڙو ڏمربو آهي جو بس دل چوندي اٿس ته هاڻ ئي پادر کڻي اٿي ۽ سڀني جو ٺوڙ تي ٺهڪائي

عرس جي چوٿين خوبي اها آهي ته غضب جو حسن پرست آهي، بس ڪو حسين چهرو نظر نه اچيس، اصل پنهنجو ڏينهن ته خراب ڪندو ئي ڪندو ڪافي ٻين کي به هر هر ان چهري جي سونهن ٻڌائي پيو پريشان ڪندو

عرس جي پجين خوبي اها آهي ته جي منهنجي گهر جو ڪمپيوٽر خراب ٿيو ناهي، ۽ ٺهيو ناهي، ونڊو نئين ڪرڻ اهڙي اچيس ڄڻ اصل اڪبر واڍو، جيڪو منهنجي در جي دري هميشه ٺاهيندو آهي ۽ هميشه اها ئي دري خراب ٿيندي آهي

بهرحال عرس پريي سان منهنجيون ڇٽيهه دليون آهن ،،، اوهان چوندا دل ته هڪ هوندي آهي، وري ڇٽيهه ڪيئن؟ ته ادا سائين جيڪي ڇٽيهه عشق ڪيا آهن اهي سڀ عرس پريي تان گهور سواءِ هڪ ستٽيهين جي، جو مجبوري آهي اهو ستٽيهون عشق منهنجي ٻچڙن جي ماءُ آهي

سدا جيئو دوست، معاف ڪجو کل مزاح پئي ڪئي سون، باقي اوهان اسانجي سر جا سائين آهيو، پيارا انسان آهيو

رب العالمين اوهانکي ۽ اوهانجي ڪٽنب کي ڪوسي واءُ کان بچائي ،،،، آمين

سائين وڏا ڪي بادشاهه ماڻهون آهيو اهڙيون ٽوپيون ته نه پارايو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لک لائق جو ياد ڪيو ۔۔۔۔۔ سائين مون ۾ ته اهڙي ڪابه خوبي ڪانه آهي بس توهان جي نظر جي سوچ آهي ۔۔۔۔۔۔ باقي رشيد سان منهنجو جهيڙو ننڍي لاء جو آهي
باقي سائين ۔۔۔ استاد ۾ بظاهر ٻي ڪابه خوبي ناهي هڪ حسن جو پڄاري ٻيو سنڌ يار آهي ۔۔۔۔۔۔۔

لک قرب جو ايڏي تعظيم ڏني ۔۔۔۔ بس سائين مڙئي گاڏو پيا گهليون ان بهاني سان توهان جهڙن مهان شخصيتن کان ڪجهه سکڻ جي لاء ملي ٿو وڃين
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

محترم ڀا محمد عرس پريو کي منهنجي پاران به سندس هن جنم ڏينهن جو کوڙ ساريون واڌايون، ڌڻي در دعا آهي ته الله سائين سدائين کيس اڻ ميون خوشيون عطا فرمائي، سدائين محبتون ماڻيندو رهي آمين۔ ادا محمد سليمان وساڻ کي شاباسون هُجن جو هو پنهنجي دوستن جي خوشين ڀرين ڏينهن کي ياد رکي پنهنجو ناتو انتهائي ايمانداري ۽ خلوص سان نڀائي پيو اسان کي ان دوست جي خوشين ۾ شريڪ ڪري اسان کي بي انتها خوشيون پهچائي پيو۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

ادا عرس پريو صاحب اسلام عليڪم۔ادا توهان جهڙا ڏاها هن محبتي اڳڻ جو اثاثو آهيو۔توهان پنهنجي محنتن سان هن فورم کي سينگارڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي آهي۔توهان جي هڏ ڏوکي واري عادت توهان کي سڀني ميمبرن جي دل ۾ تمام گهڻي جڳھ ڏني آهي۔ان جو مثال توهان کي مبارڪباد جي پيغامن مان ظاهر ٿئي ٿو۔ادا رياض گلال جيڪو صرف "سٺو ونڍ ۽ توهانجي مهرباني" کان سواء ڪجھ ٻيا ڪمينٽس نه ڏيندا آهن،توهان جي ڄمڻ جي ڏينهن واري خوشي جي موقعي تي ،پنهنجي ان روايت جي برعڪس نه رڳو توهان کي تمام سٺن الفاظن ۾ ڪمينٽس ڏنا آهن پر هڪ دلنشين ڊيزائين جو لباس به انهن کي پهريايو آهي۔ادا اسان جي طرفان به اوهان کي ڄمڻ ڏينهن جون دلي جي گهرائين سان تمام گهڻيون مبارڪون هجن۔الله پاڪ جي در تي نماڻو عرض آهي ته اوهان جي زندگي جو نئون سال اوهان لاء تمام گهڻيون خوشيون کڻي اچي ۽ اوهان جي هر اها جائز خواهش جيڪا پٺين سال پوري نه ٿي سگهي،پنهنجي رحم ۽ ڪرم سان هن سال پوري ڪري۔توهان لاء هر معاملي ۾ آسانيون پيدا ڪري ۔آمين
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سائين وڏا ڪي بادشاهه ماڻهون آهيو اهڙيون ٽوپيون ته نه پارايو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لک لائق جو ياد ڪيو ۔۔۔۔۔ سائين مون ۾ ته اهڙي ڪابه خوبي ڪانه آهي بس توهان جي نظر جي سوچ آهي ۔۔۔۔۔۔ باقي رشيد سان منهنجو جهيڙو ننڍي لاء جو آهي
باقي سائين ۔۔۔ استاد ۾ بظاهر ٻي ڪابه خوبي ناهي هڪ حسن جو پڄاري ٻيو سنڌ يار آهي ۔۔۔۔۔۔۔

لک قرب جو ايڏي تعظيم ڏني ۔۔۔۔ بس سائين مڙئي گاڏو پيا گهليون ان بهاني سان توهان جهڙن مهان شخصيتن کان ڪجهه سکڻ جي لاء ملي ٿو وڃين

توهان کي غلط فهمي ٿي آهي دوست ۔۔۔ سائين نثار پنهنجي بيان ۾ توهان جي ڪا تعظيم ئي نه لکي آهي ۔۔۔ ڀلي ٻيهر پڙهو ۽ لڳايل منهنجي مسڪراهٽن کي ڏسي وار پٽيو۔۔۔

عرس جي هڪ وڏي خوبي آهي ته هو رشيد کي ستائيندو رهندو آهي :hitwall: ۽ اها به هڪ خوبي چئبي جو ککر ۾ کڙو هڻڻ ڀلا ڪو سولو ڪم آهي
:dance3:

عرس جي ٻي خوبي آهي ته استاد بخاريءَ جي شاعري اهڙي ته ڳولهي ڳولهي ٻڌائيندو آهي، جو ڪئي پهر مٿي تي هٿ هوندو آهي :crazy:

عرس جي چوٿين خوبي اها آهي ته غضب جو حسن پرست آهي، بس ڪو حسين چهرو نظر نه اچيس، اصل پنهنجو ڏينهن ته خراب ڪندو ئي ڪندو ڪافي ٻين کي به هر هر ان چهري جي سونهن ٻڌائي پيو پريشان ڪندو
:no:

عرس جي پجين خوبي اها آهي ته جي منهنجي گهر جو ڪمپيوٽر خراب ٿيو ناهي، ۽ ٺهيو ناهي، ونڊو نئين ڪرڻ اهڙي اچيس ڄڻ اصل اڪبر واڍو، جيڪو منهنجي در جي دري هميشه ٺاهيندو آهي ۽ هميشه اها ئي دري خراب ٿيندي آهي
:rofl:
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سائين رشيد صاحب اوهان به ڇا ٿا چئو! سائين ادا عرس ۾ واقعي اهي مٿي ٻڌايل خوبيون موجود آهن، اوهان ته ادا عرس کي تصور ۽ خيالن ۾ به مزو وٺڻ نه ٿا ڏيو!!!:dancinglock:
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

ادا عرس پريو کي جنم ڏينهن مبارڪ هجي

الله پاڪ ڪري کيس هن سال هر خوشي نصيب ڪري

سدائين گڏ
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سنڌ سلامت جي سهڻي دوست ادا عرس پريو کي سندس جنم ڏينهن تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ٿا ڪريون ۽ سندس اها ئي دعا ٿا ڪريون ته ادا عرس اهڙا ڪيئي جنم ڏينهن ملهائي آمين​
w2m7nk.jpg

ادا رياض توهانجي مهرباني جو اڄ پنهنجي روايت کان هٽي ڪري ڪجهه لکيو اٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
وڏي مهرباني
 
ادا عرس اڃان به!!! ڀا مٺا ادا رياض هي ليک گذريل سال موڪليو هو۔۔۔۔ اڄ وري ڪٿان آئي؟؟؟
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

ادا عرس توهان کي جنم ڏينهن جون مبارڪون هجن۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست عرس پريو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

توهان کي غلط فهمي ٿي آهي دوست ۔۔۔ سائين نثار پنهنجي بيان ۾ توهان جي ڪا تعظيم ئي نه لکي آهي ۔۔۔ ڀلي ٻيهر پڙهو ۽ لڳايل منهنجي مسڪراهٽن کي ڏسي وار پٽيو۔۔۔

:dance3:

عرس جي ٻي خوبي آهي ته استاد بخاريءَ جي شاعري اهڙي ته ڳولهي ڳولهي ٻڌائيندو آهي، جو ڪئي پهر مٿي تي هٿ هوندو آهي :crazy:

:no:

:rofl:

ابا عرس، يار بلڪل به نه رشيد جي ڳالهين ۾ هرگز به نه اچجو ،،،، ننڍپڻ کان ٿيندڙ جهيڙن جا بدلا پيو وٺي، رشيد کي ڪٿي تو ملهه ماري هوندي سو ان ملهه جو بدلو پيو وٺي ،،، باقي مون سچ پڇو ته تعريف ڪئي آهي پر ڀوڳاڻي انداز ۾ ،،،،

ادا عرس توکي ته خبر آهي ته پنهنجي ياري پيار ۽ محبت جي آهي جنهن ۾ الله نه ڪري ڪا عداوت ناهي، پڙهڻ وارا پيا هزار مطلب ڪڍن پر اسين ۽ اوهين کير کنڊ هونداسون

رشيد جي سازش ڪامياب نه ٿيندي، رشيد ته آهي ئي اهڙي نوڪريءَ ۾ جو هر لفظ مان ٻه معنائون ڪڍڻ ڄاڻي

عرس، سلڇڻو سٻاجهڙو دوست آهي، سنڌ سلامت سان مطلب اسان سان دوستي تڏهانڪو اٿس جڏهن کان سنڌ سلامت جو وجود پيو آهي، هميشه عزت وارن کي عزت ڏيندو آهي ۽ پيار ڪرڻ وارن سان پيار ڪندو آهي، هي دوست ماکيءَ جي مک جيئان گلن جي رس چوسي اچي ماکي تيار ڪندو آهي ته جيئن سنڌ سلامت جا دوست چس وٺي سگهن

الله تعالا عرس پريي کي سدائين جڙيل ۽ سلامت رکي ،،،، آمين
 
مان سڀني جا ڪمينٽس ٻيهر پڙهيا آهن۔ سائين ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته اسان جي دوست پرين پياري عرس سان ڇا پيو ٿئي۔ ۔۔۔۔۔۔۔ ويچارو اڳيئي پريشان آهي پر پوء به مون کيس اوهان جي ڪمپيوٽر جي ونڊوز ٻيهر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي۔
 
ادا بس ڏاڍي ٿا ڪريو سمجهڻ وارا ته الائي ڇا ٿا سمجهن باقي رشيد هڻي ويو ۔۔۔۔۔۔۔ نيٺ ته واري م ايندو هن دفعي طبعيب به ناساز آهي ڏسنداسونس ٻئي دفعي۔
 
ادا اسان دعاء ٿا گهرون ته توهان جي طبيعت جلد ٺيڪ ٿي وڃي۔۔۔۔
 
عشق سان منهنجي گهاٽي ياري،
جوڀن کان استاد بخاري،
پهرا جاري پهر اجاڙي - اهو ئي ته آهي عشق الاڙي!

اهڙي ئي عاشق مزاج شاعر جو پرستار آهي اسان جو دل گهريو دوست عرس پريو ۔۔۔

سندس جنم ڏينهن تي دعاگو آهيون ته هو سدا خوش هجي ۽ سنڌ جي گيتن سان گڏ سونهن ۽ پيار جا گيت جهونگاريندو رهي۔
 
ميان پريا مُڙس يار دير سان خبر پئي شايد ان جي وجه اها به ٿي سگهي ٿي ته تنهنجو سال جلدي گزري ويو اسان جو سال ته ميان سالن جو پيو ٿئي خدا ڪري هاڻي تنهنجا سال به وڏا ٿين ۔جي اهي سال ائين ننڍا ٿيا تنهنجا ته اجهو آئين سهڻا۔
ادا تو کي اسان جهڙن غير حاضرن پارا ن سال گذري وڃڻ جون مبارڪون هجن ۔وسلام
 
Back
Top