استاد بخاري جي انقلابي شاعري

'استاد بخاري' فورم ۾ مقصود احمد زهري طرفان آندل موضوعَ ‏30 اپريل 2011۔

  1. مقصود احمد زهري

    مقصود احمد زهري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 مارچ 2011
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    استاد بخاري جي شاعري​



    ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون، دريا خان ۽ دودا آهيون،
    جوٽي ڏيندا جھيڙا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها اهيون.

    هوشو جيئرو جوش ڏئي ويو، هيمون آجو هوش ڏئي ويو،
    دوَر نئين جا دودا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.

    اڳتي وڌندو، پرتي ڪِرندو، دشمن ڇهندو، ڇهندي ٻرندو،
    بجلي وارا جھٽڪا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.

    سورهن آنا سچ ته آهيون، شاهه، سچل جو مَچَ ته آهيون،
    طوفانن ۾ ٻرندا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.

    ماضي جا مهمان نه آهيون، آئيندي جا اعلان آهيون،
    تازا توانا تجلا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.

    تحريڪن جي طوفانن ۾، آزاديءَ جي ايوانن ۾،
    ڳاڙها جھنڊا ڦڙڪيا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.

    جرڪي جرڪي جئيندا آهيون، مُرڪي مُرڪي ملهندا آهيون،
    جيئرا هياسين، جيئرا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.

    دِلوارن لئه موتئيءَ ٽاري، دوڌارن لئه ڪات، ڪٽاري،
    بلڪِ بخاري، ڀالا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.
     
    مبين سنڌي ۽ منصور احمد جلالاڻي هيء پسند ڪيو آهي
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: استاد بخاري جي انقلابي شاعري

    تحريڪن جي طوفانن ۾، آزاديءَ جي ايوانن ۾،
    ڳاڙها جھنڊا ڦڙڪيا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.


    واه سائين لاجواب
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: استاد بخاري جي انقلابي شاعري



    تمام بهترين چونڊ

    استاد جي شاعريء جي ڇا تعريف ڪجي جيڪو چوي ٿو

    هڪ ٽانڊو منهنجي دل ۾ رک ، هڪ ٽآنڊو منهنجي اک ۾ رک
    اها باه سهي مان ويندس پر هڪ غير نه هن محفل ۾ رک
     
  4. مقصود احمد زهري

    مقصود احمد زهري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 مارچ 2011
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: استاد بخاري جي انقلابي شاعري

    ادا عرس پسند ڪرڻ جي مهرباني
     
  5. مقصود احمد زهري

    مقصود احمد زهري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 مارچ 2011
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: استاد بخاري جي انقلابي شاعري

    ادا سليمان وساڻ واقعي اوهان سچ چيو استاد جي شاعري جي ڇا ڳالهه ڪجي ۔۔۔۔ حوصلا افزائي جي مهرباني۔۔۔۔۔۔
     
  6. سانوڻ راڄڙ

    سانوڻ راڄڙ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 آگسٽ 2016
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    استاد بخاري جي شاعري واه واه
     
  7. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    دِلوارن لئه موتئيءَ ٽاري، دوڌارن لئه ڪات، ڪٽاري،
    بلڪِ بخاري، ڀالا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون

    واھ استاد واھ ، استاد جي انقلابي شاعريءَ ۾ به هڪ گهرو ڇلندڙ سمنڊ ۽ موجن ڀريو مهراڻ سمايل آهي ، جيڪو رهزنن جي ايوانن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي ٿو ! اي ڪاش هر سنڌ جو سڏائيندڙ عاشق سچو ٿي پئي ۽ استاد جي انقلابي شاعري تي عمل ڪندي پنهنجي سونهاري سنڌ کي هر قسم جي نقصان کان بچائي ، دهشت ۽ چالاڪيءَ بجاءِ استاد وانگر محبت جي پچار ڪري ته جيڪر سنڌ جرڪِي پئي !
     
    لطيف رداعي هيء پسند ڪيو آهي.
  8. منصور احمد جلالاڻي

    منصور احمد جلالاڻي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 مارچ 2017
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    صحافي ۽ ڪالم نگار
    ماڳ:
    ننگر ٺٽو

هن صفحي کي مشهور ڪريو