دهشتگردي تي حڪمرانن جي بي حسي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
دهشتگردي تي حڪمرانن جي بي حسي​

اڄ امير پيو چوي اسان ناهيون دهشتگردن کان ڊڄڻ وارا
ڪوڙا ڪوڙ ٿو ڳالهائين سَوَ سَوَ گاڏين جي حفاظت ۾ هلڻ وارا

الفاظن ۾ ڏين ٿا پنهنجائپ جو هي جيڪو تاثر سو سرار غلط
حقيقت ۾ هي ڪجه به نه ٿا لڳن انهن جا، آهن جيڪي مرڻ وارا

ڪئي لاش ها رت ۾ ريٽيل ۽ انهن جي رت سان زمين به لال هئي
ڇا حال ڏيان انهنجو بس اهو سمجهو هٿ کُٽي پيا کڻڻ وارا

هر طرف هيون دانهو ڪوڪون سڏڪا، ۽ بدحواسي جو عالم هو
ڇا لکي ڇا لکان، قلم جي وس ۾ ناهن، اهي احوال لکڻ وارا

ڪاش جي الفاظ حقيقت جي تفسير ڪن، ڳاله ناهي ڪوڙ جي
سچ ٿو چوان مان خدا جو قسم ماڻهون نه ملن ها مُرڪڻ وارا

هي ظلم ۽ بربريت جو ڀريو ويو جيڪو بازار آهي ڏسجو توهان
ڏاڏل ڪونهن تنهن سامان جا خريدار ڪاٿي ڪي کُٽڻ وارا.
 
Back
Top