هاشم آمله ڏکڻ آفريڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ريڙهه جي هڏي واري حيثيت رکي ٿو ۽ سندس ڪارڪردگي ئي آهي جيڪا ڏکڻ آفريڪي ٽيم کي ڪاميابيون ڏياري ٿي۔ هاشم آمله جو مسلمان هجڻ کيس هر مهيني 500 آمريڪي ڊالر جو جرمانو ڀرڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي۔ جنهن جو هڪ سبب شراب ٺاهيندڙ ڪمپني جي اشتهار کانسواء شرٽ جو پائڻ آهي، جنهن کي هو حرام سمجهي ٿو۔ نه صرف اهو پر کيس ميچ فيس کان به هٿ ڌوئڻا پون ٿا۔ هن آئي پي ايل جو ملين ڊالر معاهدو صرف ان ڪري منسوخ ڪري ڇڏيو جو اتي به کيس شراب ٺاهيندڙ ڪمپني جو اشتهار لڳائي شرٽ پائڻي هئي۔ کيس آئي پي ايل ۾ موجود عريانيت ۽ اگهاڙپ به پسند ناهي۔ جيڪڏهن هو چاهي ته هو ڏکڻ آفريڪا جو سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ رانديگر ٿي سگهي ٿو پر هن اسلام جي خاطر اهو سڀ قربان ڪري ڇڏيو آهي۔ هوڏانهن پاڪستاني رانديگر ڪنهن به قيمت تي آئي پي ايل کيڏڻ لاء تيار آهن پوء کڻي هنن کي ڪهڙو به معاهدو ڇو نه ڪرڻو پوي۔
