پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم آئرلينڊ کي هارائي چار ملڪي ٽورنامينٽ کٽي ورتو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ mohdesa
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

mohdesa

سينيئر رڪن
ڪولمبو (اسپورٽس ڊيسڪ) چار ملڪي وومين ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ بسمه معروف جي شاندار ڪارڪردگي سبب پاڪستاني وومين ڪرڪيٽ ٽيم آئرلينڊ کي 9 وڪيٽن تان هارائي چار ملڪي ٽورنامينٽ کٽي ورتو، سريلنڪا ۾ جاري 4 ملڪي وومين ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ڇهين ميچ ۾ پاڪستان آئرلينڊ خلاف ٽاس کٽي پهرين بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، برسات سبب ميچ 23 اوورن تائين محدود ڪيو ويو، آئرش ٽيم پاڪستاني بالنگ جو مقابلو نه ڪري سگهي ۽ 22.1 اوورن ۾ صرف 68 رنسون ٺاهي ڍير ٿي وئي، پاڪستان طرفان بسمه معروف 4 وڪيٽون حاصل ڪيون، جواب ۾ پاڪستاني ٽيم گهربل ٽارگيٽ هڪ وڪيٽ عيوض حاصل ڪري ورتو، جويريا خان 47 رنسون ٺاهيون.
The Kawish Group of Publication
 
جواب: پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم آئرلينڊ کي هارائي چار ملڪي ٽورنامينٽ کٽي ورتو

ادا پاڪستان جي مائين کي شابس هجي کٽ کٽان لائي ويٺيون آهن، بهرحال انهن ۾ ڪا سنڌياڻي ته هوندي ڪونه، يا وري ڪا بلوچڻ به نه هوندي، پنجابي، مهاجر ۽ پٺاڻن سان ٺهيل ان ٽيم جي کٽڻ تي سوچيان ٿو خوشي ڪريان يا غم ڪريان؟؟؟
 
جواب: پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم آئرلينڊ کي هارائي چار ملڪي ٽورنامينٽ کٽي ورتو

ادا غم نه ڪريو وري به ملڪ جي ڳاله آهر ۽ وري مٿان نياڻيون آهن نياڻين سان ڪهڙي ناراضگي ادا
 
Back
Top