mohdesa
سينيئر رڪن
ڪولمبو (اسپورٽس ڊيسڪ) چار ملڪي وومين ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ بسمه معروف جي شاندار ڪارڪردگي سبب پاڪستاني وومين ڪرڪيٽ ٽيم آئرلينڊ کي 9 وڪيٽن تان هارائي چار ملڪي ٽورنامينٽ کٽي ورتو، سريلنڪا ۾ جاري 4 ملڪي وومين ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ڇهين ميچ ۾ پاڪستان آئرلينڊ خلاف ٽاس کٽي پهرين بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، برسات سبب ميچ 23 اوورن تائين محدود ڪيو ويو، آئرش ٽيم پاڪستاني بالنگ جو مقابلو نه ڪري سگهي ۽ 22.1 اوورن ۾ صرف 68 رنسون ٺاهي ڍير ٿي وئي، پاڪستان طرفان بسمه معروف 4 وڪيٽون حاصل ڪيون، جواب ۾ پاڪستاني ٽيم گهربل ٽارگيٽ هڪ وڪيٽ عيوض حاصل ڪري ورتو، جويريا خان 47 رنسون ٺاهيون.
The Kawish Group of Publication
The Kawish Group of Publication