نثارابڙو
نائب منتظم
هڪ عورت کي آفيس ۾ ڪم ڪندي فون آيو ته سندس ننڍڙي ڌيءَ سخت بيمار آهي ۽ تپندڙ تپ سان آهي ...
هوءِ آفيس مان موڪل وٺي تڙ تڪڙ ۾ گاڏي هلائي اچي ڀر واري دوائن جي دڪان تي بيٺي ته جيئن ڪجهه دوائون ورتيون وڃي، دڪان تان دوائون وٺي موٽي ته سندس پريشانيءَ جي حد ٿي وئي جو هوءَ تڪڙ ۾ ڪار جون چاٻيون اندر ئي وساري دروازا بند ڪري نڪتي هئي ...
مٿي تي هٿ رکي بيهي رهي، کيس هڪ ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ هن وري گهر فون ڪري نوڪرياڻيءَ کان پڇيو ته سندس ٻار جا ڪهڙا حال آهن؟ نوڪرياڻيءَ ٻڌايو ته ٻار جي حالت خراب ٿيندي وڃي ۽ تپ پڻ تپندو وڃي ... مائي ءَ پريشانيءَ ۾ ٻئي هٿ مٿي تي رکي ڪار جي بانيٽ تي روئڻهارڪو منهن ڪري ، رب کي ٻاڏائڻ لڳي ...
”اي رب العالمين، تون ٻاجهارو آهين، تون مددگار آهين، اڄ منهنجي خاص مدد ڪر ؟ “
مائي ءَ دعا ختم ڪري هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳي ... نه ڪا گاڏي ٿي گذري ۽ نه ڪو ماڻهون؟ ... ائين ڪجهه گهڙين کانپوءِ ڦٽڦٽيءَ جو آواز آيو ۽ ڦٽڦٽيءَ تي ويٺل ميرن ڪپڙن وارو شخص، مڇون اهڙيون ڄڻ ڪي سالن کان ڪئينچي نه ڏيکاري وئي هجي ... مٿي تي ميري ڦاٽل ٽوپي پاتل، مائيءَ کي ڏسڻ سان ئي قرڀ ٿي آئي پر پوءِ به کيس هٿ ڏئي روڪيائين ۽ دل ۾ چيائين اي رب! هيءَ ڪهڙي مدد موڪلي اٿئي؟
خئير ، همراهه ڦٽڦٽي روڪي چيو! ميم ڪهڙي خدمت ڪريان، ڇا ٿيو آهي؟ مائيءَ کي جيتوڻيڪ قرڀ ٿي آئي پر ڇا ڪري، کيس سڄي ڳاله ٻڌايائين ته ڌيءَ بيمار آهي ۽ تڪڙ ۾ چاٻيون ڪار ۾ رهجي ويون آهن، ڇا هو کيس مدد ڪري سگهي ٿو؟
همراه ڳالهه ٻڌندي ئي ڪار ڏانهن وڌيو ۽ هڪ منٽ کان به گهٽ عرصي ۾ دروازو کولي ورتو ...
مائيءَ همراه جا ٿورا مڃيا ... ۽ ڏک ۾ پنهنجا ڳوڙها اگهندي چيو ...؟ اوهانجي تمام وڏي مهرباني اوهان تمام نيڪ ماڻهون آهيو ....
همراهه جواب ڏنو؛ ميم ! آءُ ڪو نيڪ ماڻهون ناهيان، اڄ ئي جيل مان ڇٽي آيو آهيان، آءُ جيل ۾ ڪارين چوري ڪرڻ جي الزام ۾ ڦاٿل هيس ۽ صرف اڄ جي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ آزاد ٿيو آهيان ... !!!
مائيءَ ان ماڻهونءَ جا وري ٿورا مڃيا ۽ هن دفعي سندس اکين مان وڌيڪ ڳوڙها وهي نڪتا ۽ ڪجهه سڏڪندي، رب ڏانهن مٿي منهن ڪري چيائين؛ اي منهنجا رب تنهنجا لک شڪرانا جو تو مدد ته ڪئي ۽ اهڙو ماڻهون موڪليو جيڪو خاص ڪارين جا دروازا کولڻ جو ماهر آهي “
حاصل مقصد؛
*********
دعا گهرڻ وقت رب تي هميشه ڀروسو ڪريو، دعا ڪريو ۽ صبر ڪريو، هو اسانجي مدد ڪندو آهي اهڙن ذريعن سان جن جي طرف اسانجي سوچ به نه هوندي آهي ...