• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فقيري نسخو

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
فقيري نسخو

هڪ درويش فقير کان ڪنهن چيو ته مون ۾ گناهن جي بيماري آهي . ڪو علاج ٻڌايو . فقير چيو ؛نسخو ٿورڙو مشڪل آهي پر ناممڪن ناهي اگر ارادو ڪيو وڃي ته تمام جلدي فائدو ٿيندو نسخي جي ترڪيب هي آهي .
درويشي جون پاڙون ، توحيد جا پن ، توبه جي مصري، زڪر جي هريڙ يقين جا اوزار انهن سڀني شين کي کڻي شريعت جي اُکري ۾ وجهي طريقت جي ڏنڊي سان چڱي طرح رڳڙي ڪپڙي ڇاڻ ڪريو.پوءِ حقيقت جي ڇانڻي ۾ ڇاڻي معرفت جي ديڳڙي ۾ وجهي عشق جي چولهي تي چاڙهيو . جڏهن پچي تيار ٿي وڃي ته صبر جي پيالي ۾ وجهي گناه جي حلق ۾ هاريو . انشاءِ الله شفاء ٿيندي . پر ٽن شين کان پرهيز ڪرڻي پوندي

[/s 1 تڪبر جي مولي کان 2؛ شرڪ جي بصر کان 3؛دغا جي چانورن کان.
نسخو مُجرب ۽ آزمايل آهي
 
جواب: فقيري نسخو

فقيري نسخو

هڪ درويش فقير کان ڪنهن چيو ته مون ۾ گناهن جي بيماري آهي . ڪو علاج ٻڌايو . فقير چيو ؛نسخو ٿورڙو مشڪل آهي پر ناممڪن ناهي اگر ارادو ڪيو وڃي ته تمام جلدي فائدو ٿيندو نسخي جي ترڪيب هي آهي .درويشي جون پاڙون ، توحيد جا پن ، توبه جي مصري، زڪر جي هريڙ يقين جا اوزار انهن سڀني شين کي کڻي شريعت جي اُکري ۾ وجهي طريقت جي ڏنڊي سان چڱي طرح رڳڙي ڪپڙي ڇاڻ ڪريو.پوءِ حقيقت جي ڇانڻي ۾ ڇاڻي معرفت جي ديڳڙي ۾ وجهي عشق جي چولهي تي چاڙهيو . جڏهن پچي تيار ٿي وڃي ته صبر جي پيالي ۾ وجهي گناه جي حلق ۾ هاريو . انشاءِ الله شفاء ٿيندي . پر ٽن شين کان پرهيز ڪرڻي پوندي[/s 1 تڪبر جي مولي کان 2؛ شرڪ جي بصر کان 3؛دغا جي چانورن کان.
نسخو مُجرب ۽ آزمايل آهي
ادا ڏاڏل نسخو ته تمام ڀلو آهي پر نسخي جو طريقو ڀنگ جي موالين وارو ٿو لڳي، اگر پوء به هي طريقو سمجهه ۾ نه اچي ته پوء ڪو هت شانتي ۾ ڀنگ جي موالين جو آستانو ڳولبو، اميد ته توهان اسان جي مدد ڪندا۔
 
جواب: فقيري نسخو

ادا ڏاڏل عشق جو چولهي جي باهه پچائي ڪير يار ايترو دم ئي ڪون آهي۔۔۔۔۔۔۔

ادا تمام ڪارائتي ڳالهه ونڊ ڪئي اٿو ۔۔۔ الله تعالي اسان کي صبر جو پيالو پئڻ جي توفيق ڏئي
 
جواب: فقيري نسخو

سائين ڀنگ جي موالين کان ڳاله چڙهيل آهي ڀلي ڳولي ڏسوجي ملي ته ٻڌائجو
 
جواب: فقيري نسخو

ادا ڏاڏل عشق جو چولهي جي باهه پچائي ڪير يار ايترو دم ئي ڪون آهي۔۔۔۔۔۔۔

ادا تمام ڪارائتي ڳالهه ونڊ ڪئي اٿو ۔۔۔ الله تعالي اسان کي صبر جو پيالو پئڻ جي توفيق ڏئي

سائين جا بيماري گناه جي آهي ان کي ڇڏائڻ به ته ڏاڍو مشڪل آهي بيماري جيتري شديد هوندي آهي ايترو علاج ڏکيو هوندو آهي
 
جواب: فقيري نسخو

ادا ڏاڏل نسخو ته تمام ڀلو آهي پر نسخي جو طريقو ڀنگ جي موالين وارو ٿو لڳي، اگر پوء به هي طريقو سمجهه ۾ نه اچي ته پوء ڪو هت شانتي ۾ ڀنگ جي موالين جو آستانو ڳولبو، اميد ته توهان اسان جي مدد ڪندا۔

ڏاڏل سائين جو هي نسخو عارفن وارو آهي نه ڪي ڀنگ موالين جو
ڪٿي عارف ڪٿي ڀنگ موالي ادا وگهيا صاحب
 
Back
Top