جاويد نواز
سينيئر رڪن
چئو سٽا
رهبري ۽ رهزني مونکي نه ڏس
زوري منهنجو حق ڇني مونکي نه ڏس
وڃ ٽري منهنجي اڳيان پوندين مري
تون شڪل پنهنجي ڪني مونکي نه ڏس
اسان کان غلامي نه ٿي آ نه ٿيندي
تنهنجي او حرامي نه ٿي آ نه ٿيندي
اسان غيرتي آهيون جيجل جا ٻچڙا
اسان کان سلامي نه ٿي آ نه ٿيندي
دشمن ٿيندين ڪنڌ نه هوندئي
ويجهو ايندين ڪنڌ نه هوندئي
هٿ کڻي جي غلط بياني
سنڌ جي ڏيندين ڪنڌ نه هوندئي
جيئي سنڌ جيئي سنڌي ٻولي
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد