• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چئو سٽا

جاويد نواز

سينيئر رڪن

چئو سٽا

رهبري ۽ رهزني مونکي نه ڏس
زوري منهنجو حق ڇني مونکي نه ڏس
وڃ ٽري منهنجي اڳيان پوندين مري
تون شڪل پنهنجي ڪني مونکي نه ڏس

اسان کان غلامي نه ٿي آ نه ٿيندي
تنهنجي او حرامي نه ٿي آ نه ٿيندي
اسان غيرتي آهيون جيجل جا ٻچڙا
اسان کان سلامي نه ٿي آ نه ٿيندي

دشمن ٿيندين ڪنڌ نه هوندئي
ويجهو ايندين ڪنڌ نه هوندئي
هٿ کڻي جي غلط بياني
سنڌ جي ڏيندين ڪنڌ نه هوندئي

جيئي سنڌ جيئي سنڌي ٻولي

جاويد نواز
دعائن ۾ ياد
 
جواب: چئو سٽا

ادا ماشاء الله اڄ ته دودي ۽ هوشو جي ياد تازي ڪري ڇڏي اٿئو
دٻي واري جنگ ۾ به هوشو جو نعرو اوهان جي فڪر سان ملي ٿو
ان چيو
مرمر ويسون سنڌ نه ڏيسون
يعني اسان غلامي قبول نه ڪندا سين
ادا تمام سهڻا شعر
 
جواب: چئو سٽا

ادا محمد جواد اوهانجي مهرباني ادا جئسين آزادي جي جدوجهد کي تيز نه ڪبو تئيسن اڳتي آزادي ڪون ماڻي سگهبي
 
جواب: چئو سٽا

ادا جاويد مهرباني

اوهان بهترين چئوسٽا ونڊ ڪيا آهن

لفظن جو بهترين ميلاپ
 
جواب: چئو سٽا

سائين ڪجه ڏينهن پريان وساڻ صاحب اها ڳاله ڪئي هئي ته اسان صرف مرون ڇو؟ اسان غازي ٿي جيؤن اسن ڪنڌ لاهيون اوهان اها ڳاله ڪئي ڏاڍي سٺي لڳي بهٿرين سائين
وسلام
 
جواب: چئو سٽا

دشمن ٿيندين ڪنڌ نه هوندئي
ويجهو ايندين ڪنڌ نه هوندئي
هٿ کڻي جي غلط بياني
سنڌ جي ڏيندين ڪنڌ نه هوندئي

واه ادا جاويد نواز واه تمام سهڻا خيال​
 
جواب: چئو سٽا

هو چون ٿا ادا ! سنڌ وڪڻون پيا،
ڪو جهلڻ وارو ناه سنڌ وڪڻون پيا،
ووٽ ڏيندا رهو، سنڌ وڪڻون پيا،
سڀ ڏسندا رهو،سنڌ وڪڻون پيا۔



لوچ لَٽِجي وئي، ڄِڀَ ڪٽِجي وئي،
سمجھ ۽ سوچ ساري ته سٽجي وئي،
پوءِ به ڊاڙون ٻٽاڪون اسان وٽ ادا!
ڪيئن ٿيون ڀرجهلا،سنڌ لُٽِجي وئي۔


شاعر۔۔۔۔ عبدالڪريم چانڊيو۔​
 
جواب: چئو سٽا

واهه ادا عبدالڪريم تمام بهترين ادا ڪنهنجي جي مجال آ جو سنڌ کي وڪڻندو تارا نه ڪڍونس۔
 
Back
Top