

اسان سڀ تمام گهڻو جلدي ۾ هوندا آهيون يا تمام گهڻو مصروف به هوندا آهيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته وري تمام گهڻو ڪاهل ۽ سست هوندا آهيون ۽ ايترو به نه ٿيندو آهي جو ڪنهن دوست يا عزيز جو نمبر ملائي ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪيون۔ پر امريڪا جي ڪمپني هڪ اهڙو دماغي موبائل سيٽ ٺاهيو آهي جيڪو توهان جي اشارن کي سمجهندي بغير آکرين جي استعمال جي اوهان جو سوچيل نمبر ڊائل ڪري وٺندو۔ ان برين موبائل جي استعمال ڪرڻ لاء اوهان کي صرف هڪ مخصوص هيڊ بينڊ پائڻو پوندو جنهن کي egg سڏجي ٿو جيڪا بليو ٽوٿ جو ڪم ڪندي۔ ان هيڊ فون ۾ اها صلاحيت آهي ته اها ان ۾ موجود اليڪٽروز ذهن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جو ڪم ڪندا ۽ گهربل نمبر پڙهي بليو ٽوٿ ذريعي اهي سگنل موبائل فون ڏي موڪليندا۔
هي فون سيٽ خاص ڪري جسماني معذور ماڻهن لاء ، ڊرائونگ ڪندڙ ماڻهن لاء، ڪم ۾ مصروف ماڻهن لاء ۽ اسان جهڙن ٿڪل ماڻهن لاء گهڻو مددگار ثابت ٿيندا۔
هي فون سيٽ خاص ڪري جسماني معذور ماڻهن لاء ، ڊرائونگ ڪندڙ ماڻهن لاء، ڪم ۾ مصروف ماڻهن لاء ۽ اسان جهڙن ٿڪل ماڻهن لاء گهڻو مددگار ثابت ٿيندا۔