انقلابي رستا

'مقالا' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏3 مئي 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    [JUSTIFY]قومن جي عام ۽ آزاد زندگيءَ ۽ قومي غلاميءَ دوران انقلابي زندگيءَ ۾ فرق هوندو اهي ۔۔۔ عام زندگيءَ ۾ ماڻهون زنده رهندو آهي، خوشين ڀري زندگي گذاريندو آهي ۽ قوم کي ترقيءَ جون منزلون عطا ڪندو آهي ۽ ٻي طرف قومي غلاميءَ دوران انقلابي زندگيءَ ۾ ماڻهون مرندو آهي قوم کي زنده رکڻ لاءِ ۔۔۔ عام ۽ خوشحال زندگي واپس آڻڻ لاءِ ...

    انقلاب آڻڻ هروڀرو، تلوار يا بندوق کڻي وڙهڻ جو نالو ناهي ۔۔۔ انقلاب آڻڻ لاءِ مختلف منزلون ۽ مختلف رستا ٿيندا آهن، هاڻ اهو انسان تي مبني آهي ته هو ڪهڙو رستو اختيار ٿو ڪري؟ رستا ڪجهه هن طرح سان آهن:

    ا۔ علمي
    ب؛ سياسي
    ٻ: هنري
    ڀ: ڪاغذي
    ت: ويڙهه

    علمي رستو؛
    هڪڙا ماڻهون، علمي، فڪري ۽ قلم جي جنگ جوٽيندا آهن، وڏا وڏا مفڪر ۽ علم جا اڪابر انقلابي ويڙهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، وڏيون وڏيون سختيون سهندا آهن ۽ ڪيترن کي ته ڦاهيءَ چاڙهيو ويو آهي ۔۔۔ پري ڇو وڃجي سنڌ جا تازا مثال:

    جي ايم سيد
    ذوالفقار ڀٽو
    بينظير ڀٽو
    مرتضا ڀٽو
    حيدر بخش جتوئي
    شيخ اياز
    نظير عباسي
    ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا سياسي ۽ انقلابي نوجوان .....؟؟؟؟؟

    ڇا انهن مٿين اڳواڻن هٿن ۾ بندوقون کنيون هيون؟ نه، انهن اڳواڻن بندوقون نه کنيون هيون پر بندوق جي گوليءَ کي فڪري رستي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر ماريا ويا، شهيد ڪيا ويا ۽ جيل جون صعوبتون کائي ويا ۔۔۔۔


    سياسي رستو؛
    هن رستي تحت قومون پنهنجي رياست جي ڪار وهنوار لاءِ سياسي ماهر پئدا ڪنديون آهن، جيڪي رياست جا قانون ۽ آئين ٺاهي ڄاڻند آهن، ماڻهن کي پنهنجي انقلاب سان ڳنڍڻ لاءِ مختلف منصوبا تيار ڪندا آهن، ۽ عام نظر ۾ ايندڙ سماجي، سياسي ۽ ثقافتي ڀلايون ڪري ماڻهن جي دلين ۾ انقلابي اثر گهرا ڪندا رهندا آهن …

    2. هنري رستو؛

    دنيا جي سڄاڻ قومن جا انقلابي پنهنجي قوم ۾ ماهر انجنيئر، ماهر ڊاڪٽر، علم معاش ۽ تجارت جا ماهر ۽ سٺا مزدور ۽ ڪاريگر پئدا ڪندا آهن ته جيئن وقت سر هو پنهنجي ملڪ جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي بچائي سگهن ۽ قومي ضرورتون پوريون ڪري سگهن ....

    هن وقت جو تازو مثال فلسطين آهي، جن کي پنهنجو ملڪ ته ناهي پر انهن وٽ هزارين ڊاڪٽر، هزارين انجنيئر ۽ هزارين معاشي ماهر ۽، ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماهر موجود آهن، جيڪي سموري دنيا ۾ خدمتون سرانجام ڏئي قوم لاءَ ناڻو به موڪلن ٿا ته وقت سر وڃي انهن جي ويڙهه ۾ به مدد ڪنٿا ...

    دنيا جي آزادي ۽ خودمختياري ماڻيندڙ ملڪن جي تحريڪن جا بيان پڙهبا ته انهن پڻ پنهنجي قوم کي آزاديءَ طرف وٺي ويندي گهڻ رخي جدوجهد ڪئي آهي، نه ڪي صرف هٿيار بند ...

    3. ڪاغذي رستو؛

    ڪاغذي رستو آهي سجاڳيءَ ۽ قومي فڪر کي اجاگر ڪرڻ جو رستو، جنهن ۾ هن وقت موجوده دور جي ميڊيا ( اليڪٽرڪ يا اليڪٽرانڪ يا وري صحافت) اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ... دنيا جا سڀ انقلاب اشتهارن جي مدد سان، ريڊيو جي مدد سان ۽ ٽي ويءَ جي مدد سان، ادب جي مدد سان ۽ ٻين گهڻن وسيلن سان پنهنجي فڪر کي اجاگر ڪرڻ سان قومي جاڳرتا پئدا ڪري، قوم جي ڇوٽڪاري جي راهه هموار ڪري رهيا آهن .... هن وقت سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ان رستي تي هلي ڪافي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ....

    ويڙهه وارو رستو؛

    هي رستو آخري ۽ فيصلا ڪن هوندو آهي، هن رستي تي قومون تڏهن پهچنديون آهن، جڏهن سندن ڪيل سڀ ڪوششون ڪامياب ٿي ان منزل تائين اچي وينديون آهن، جو هاڻ سامراج يا ظالم جي اقتدار کي هڪ زور آور جهٽڪي جي ضرور ت هوندي آهي ... ۽ قومي تحريڪ ٻين شعبن ۾ پاڻ ڀري هوندي آهن ... جيڪڏهن قوم وٽ ٻيا شعبا ڪمزور هوندا ته هٿيار بند جدوجهد نه فقط نقصانڪار بلڪ قومي ڪارڪنن جي ضايع ٿي وڃڻ جو ڪارڻ ٿيندي آهي .... ويڙه وارو رستو اختيار ڪرڻ کان اڳ تمام محاذن تي ڪاميابيون ماڻڻ ضروري هوندو آهن ....

    جيئن بنگلاديش جي آزاديءَ ۾ مجيب الرحمان پنهنجي قوم کي سياسي، هنري ۽ ٻين شعبن ۾ فتح ڏيارڻ کانپوءِ ئي ويڙهه وارو رستو اختيار ڪيو ۽ قوم کي آزاد ڪرائي ورتو، پر افسوس جو اڃان ڪجهه ڪمزورين رهڻ سبب ان انقلاب سان آزادي ته ملي وئي اٿن پر اڃان قومي خوشحالي ماڻي نه سگهيا آهن ۽ مختلف سامراجي سگهن جي هٿن ۾ وڃي عوامي آزاديءَ واري نعمت کان محروم آهن ...

    سنڌ جي سياسي، انقلابي تنظيمن تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هو قوم کي تعليم ۽ جاڳرتا ڏين ۽ مختلف محاذن تي دشمن جو مقابلو ڪن ... قومن ۾ موجود هر انسان جي هڪ الڳ حيثيت هوندي آهي، ان وٽ الڳ ڏات هوندي آهي ... عقلمند قومي اڳواڻ انهن انسانن جي مختلف ڏات واري سگهه کي پنهنجو ڪري وٺندا آهن ۽ قوم کي دنيا جي قومن ۾ سرخرو ڪندا آهن ...

    ڏسجي ته سنڌ جون تنظيمون قوم جو ٻيڙو ڪيئن ٿيون تار ڪرائن ....؟ عقلمنديءَ واري عمل سان يا صرف جذبات ۽ نعرن سان ... وقت ٻڌائيندو ....
    [/JUSTIFY]

    اصل عاشقن جو، سِرُ نه سانڍڻُ ڪــمُ؛
    سَؤ سِسِنئان اَڳَــــرو، سَندو دوســان دمُ؛
    هِيُ هڏو ۽ چمُ، پِڪَ پِريان جِيَ نه پَڙي؛
    (شاھُ ڀٽائيؒ
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: انقلابي رستا

    سائين نثار سلام

    تمام سهڻو مضمون آهي ۽ اوهان قومن جي ترقي ۽ انقلاب جا واضح ڏس ڏنا آهن ۽ مفصل نموني اهو ڏسيو آهي ته ڪيئن ۽ ڪهڙا انقلابي رستا آهن۔ هڪ دفعو وري اوهان اها ڳالهه ۽ پنهنجو نقطه نظر ناهي ڏنو ته سنڌ کي ڪهڙو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي۔

    ٻي ڳالهه ته هن وقت سنڌ جي سمورن سياسي پارٽين وٽ ڳالهيون ته وڏيون آهن پر ڪابه واضح پاليسي ڪانهي ته ڪيئن اسان منزل طرف وڌون ۽ ان لاء ڪهڙيون راهون آهن۔ ان راهن ۽ منزل جي تعين ڪرڻ کانسواء اسان جون سڀ ڪوششون بيڪار ٿيون وڃن۔

    لک قرب هڪ سهڻي ۽ جاندار ليک لکڻ جا
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: انقلابي رستا

    سائين محترم وساڻ صاحب، اصل ۾ مون اهي رستا ٻڌائي اها ڪوشش ڪئي آهي ته ڪنهن به تنظيم کي انهن سڀني رستن کي پنهنجو ڪري قوم جي آزاد، خودمختياري يا خوشحاليءَ طرف وڌڻو آهي؛ اهي سڀ رستا هڪ ئي چوراهي طرف ويندڙ آهن، انڪري هڪ قوم جيڪا غلام آهي يا پاڻ کي مظلوم سمجهي ٿي، اها انهن سڀني رستن تان گذرندي ته چوراهي تائين پهچندي، پر جيڪڏهن ڪنهن هڪ رستي سان هلڻ جي ڪوشش ڪندي ته سوڀ حاصل ڪرڻ ڏکيو آهي ۔۔۔

    انڪري اسان سنڌ واسين کي پڻ نظرياتي ويڙهه، هنري ويڙهه، ڪاغذي ويڙهه ۽ ممڪن هجي ته هٿيارن جو آسرو پڻ وٺڻو پوندو ۔۔۔

    اسانکي هن دور جي سڀني منطقي ڳالهين کي نظر ۾ رکي انقلاب جي ڳالهه ڪرڻي آهي، ٻي صورت ۾ احمق جو خواب سڏرائبو ۔۔۔۔

    لک ٿورا، ليک کي پسند ڪرڻ جا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: انقلابي رستا

    سائين تمام پيارو مضمون آهي ۔
     
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: انقلابي رستا

    سائين اوهان جي رهبري جا لک لائق ۔
    رات ڪنهن دوست سان ويٺا ها سين ان جو به اهو چوڻ هو ته ڏاڏل جي اسامه اڄوڪي دور جي حساب سان جهاد ڪري ها ته مسلمانن لاءِ بهتريين ڪا ريسرچ يونيورسٽي ٺاهي ها ، بي بي سي سي اين اين فوڪس وغيره جهڙي ادارا قائم ڪري ها جن جي زريعي عالم اسالم دنيا ۾ هڪ انقلاب برپا ٿي سگهي ها هي اهي ماڻهون ها جي ڪجه ڪرڻ گهرن ها ته ڪري سگهن ها ۔
    اها هڪ حقيقت پڻ اهي ته اسلم تلوار جي زور ي نه پر اخلاق جي بنياد تي قائم آهي ۔ اڄ جي ڪو ليڊر جهاد ڪرڻ چاهي ٿو ته ان کي هي رستا چونڊڻان پوندا ان کان سواءِ هر رستي تي ناڪامي ئي ناڪامي ملندي ۔بندوق جو رستو آخري رستو آهي ۔ پر بندوق به اهو کڻي جيڪو اهو ڏسي سگهي ته آءُ ڪنهن کي ٿو ماريان ۔ باقي جن بندوق کڻي اسان جي لاءِ ٻائتال مچائي ڏنو آهي تنهن جهاد اسلام جي عجيب شڪل دنيا ۾ پيش ڪئي آهي ۔
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو