هو چون ٿا ادا ! سنڌ وڪڻون پيا،

هو چون ٿا ادا ! سنڌ وڪڻون پيا،
ڪو جهلڻ وارو ناه سنڌ وڪڻون پيا،
ووٽ ڏيندا رهو، سنڌ وڪڻون پيا،
سڀ ڏسندا رهو،سنڌ وڪڻون پيا۔



لوچ لَٽِجي وئي، ڄِڀَ ڪٽِجي وئي،
سمجھ ۽ سوچ ساري ته سٽجي وئي،
پوءِ به ڊاڙون ٻٽاڪون اسان وٽ ادا!
ڪيئن ٿيون ڀرجهلا،سنڌ لُٽِجي وئي۔


شاعر۔۔۔۔ عبدالڪريم چانڊيو۔​
 
جواب: هو چون ٿا ادا ! سنڌ وڪڻون پيا،

هو چون ٿا ادا ! سنڌ وڪڻون پيا،
ڪو جهلڻ وارو ناه سنڌ وڪڻون پيا،
ووٽ ڏيندا رهو، سنڌ وڪڻون پيا،
سڀ ڏسندا رهو،سنڌ وڪڻون پيا۔



لوچ لَٽِجي وئي، ڄِڀَ ڪٽِجي وئي،
سمجھ ۽ سوچ ساري ته سٽجي وئي،
پوءِ به ڊاڙون ٻٽاڪون اسان وٽ ادا!
ڪيئن ٿيون ڀرجهلا،سنڌ لُٽِجي وئي۔


شاعر۔۔۔۔ عبدالڪريم چانڊيو۔​

محترم سائين اوهانجي شاعري ۽ حق سچ جي پيغام کي آءُ صرف هيءَ ڀيٽا ڏئي سگهانٿو؛


[/URL
http://imageshack.us
http://imageshack.us
]
 
جواب: هو چون ٿا ادا ! سنڌ وڪڻون پيا،

توهان صحيح پئي فرمايو ادا سنڌ ڪامورن وڪڻي ڇڏي آهي
 
جواب: هو چون ٿا ادا ! سنڌ وڪڻون پيا،

هو چون ٿا ادا ! سنڌ وڪڻون پيا،
ڪو جهلڻ وارو ناه سنڌ وڪڻون پيا،
ووٽ ڏيندا رهو، سنڌ وڪڻون پيا،
سڀ ڏسندا رهو،سنڌ وڪڻون پيا۔

لوچ لَٽِجي وئي، ڄِڀَ ڪٽِجي وئي،
سمجھ ۽ سوچ ساري ته سٽجي وئي،
پوءِ به ڊاڙون ٻٽاڪون اسان وٽ ادا!
ڪيئن ٿيون ڀرجهلا،سنڌ لُٽِجي وئي۔

ڪامريڊ ڪريم چانڊيو سنڌ سان محبت ڪندڙ دوست آهي ۽ سندس هي سٽون سندس دل جو آواز آهن. جيڪو ڪجهه سنڌ ۽ سنڌين سان پيو ٿئي اهو کيس سمهڻ ئي ڪونه ٿو ڏي. سندس اها اڻ تڻ مان روز ڏسندو آهيان ۽ محسوس ڪندو آهيان۔

وري به سٺو جو شاعر ٿي ويو اهو به هن عمر ۾. اسان وٽ شاعرن جي هونئن ئي گهڻائي آهي، هڪ ٻيو به اکين تي ۔ باقي هاڻي اسان جو خير ناهي روز پيو ڪجهه نه ڪجهه ٻڌائيندو رهندو ۽ اوطاق مان ڀڄائيندو۔ خير جهونن سان سِر لڳي۔

سائين نثار جا قرب جو سندس سٽن کي سهڻا رنگ ڏيئي دوستن سان ونڊ ڪيو اٿس۔
 
جواب: هو چون ٿا ادا ! سنڌ وڪڻون پيا،

چانڊيو صاحب جي دل مان نڪتل اهو باه جو شعلو آهي ۽ اهو اسان سڀني جي سيني ۾ جلي رهو آهي۔ باقي شاعر جو واڌارو بهترين ڳاله آهي ڪجه سکڻ لا ملندو رهندو۔
 
جواب: هو چون ٿا ادا ! سنڌ وڪڻون پيا،

سائين محمد سليمان وساڻ، محتر نثار ابڙي صاحب۽پياري نويد احمد ڪلوڙ جا لک ٿورا جو مون ناچيز جي چوءُ سٽن تي تبصرو ڪيو اٿن ۽انهن سٽن کي هڪ خوبصورت ڊزائن ڏئي نوازيو اٿن۔ سندن مهرباني۔
 
جواب: هو چون ٿا ادا ! سنڌ وڪڻون پيا،

ادا عبدالڪريم اوهان جي ان نڪتل اڌمن ۾ حقيقت جهلڪي رهي آهي
ان جي موٽ اسان جي لفظن سان نٿي ڏئي سگهجي
 
Back
Top