نيهن کان ناتو ڪٽڻ

جاويد نواز

سينيئر رڪن

غزل

نيهن کان ناتو ڪٽڻ ڀي آ ڏکيو
محب کان منهڙو مٽڻ ڀي آ ڏکيو

حسرتن جو لاش ڪُلهڙن تي کڻي
هيڪلو دلبر هلڻ ڀي آ ڏکيو

ڪم پتنگ جو آ پچڻ پچندو پيو
ائين مگر ٻئي لئي پچڻ ڀي آ ڏکيو

ٻئي ڪري بند نيڻ ڪنهن ٻئي غير تي
ڀروسو ايڏو ڪرڻ ڀي آ ڏکيو

گولو تنهنجي در جو هان ڪنهن وقت کان
هاڻي تنهنجو در ڇڏڻ ڀي آ ڏکيو

جي ڀڄي پيو بند نيڻن جو اگر
بند سو جلدي ٻڌڻ ڀي آ ڏکيو

سونهن جي ۽ سنڌ جي جت ڳالهه ٿئي
جاءِ تنهن کان جهٽ اُٿڻ ڀي آ ڏکيو

حق تي گر جاويد آ ان کي مڃون
ڪنهن کي ائين ناحق مڃڻ ڀي آ ڏکيو

جاويد نواز

دعائن ۾ ياد
 
جواب: نيهن کان ناتو ڪٽڻ

سونهن جي ۽ سنڌ جي جت ڳالهه ٿئي
جاءِ تنهن کان جهٽ اُٿڻ ڀي آ ڏکيو

سنڌ جي ڳالهه هجي يا سونهن جي ڳالهه هجي ته واقعي اتان دل اٿڻ تي ناهي ڪندي۔ تمام سهڻا خيال۔

مهربانيون اهڙي ونڊ جون
 
Back
Top