تنهنجي ياد جي وري آوير - اداڪار، فلم اسٽار منصور بلوچ جي ورسي جي مناسبت سان

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    تنهنجي ياد جي وري آوير
    اداڪار، فلم اسٽار منصور بلوچ جي ورسي جي مناسبت سان
    تحرير : حميد ڀٽو

    سنڌ جي ڌرتي ثقافتي رنگن سان هميشه کان خوشحال رهي آهي، ثقافتي رنگن ۾ فلم ۽ ناٽڪ جا رنگ به سنڌي ثقافت جي پنهنجي سونهن آهن. سنڌي ناٽڪن ۾ سوين اداڪارن پنهنجي فن کي تمام گهڻو اوج ڏياريو ۽ انهن مان منصور بلوچ به سنڌي ناٽڪ جي دنيا کي تمام گهڻو اوج ڏياريو آهي، جڏهن ديوارين ۾ هاشم خان جو ڪردار ۽ جهنگل ۾ مهراڻ خان جو ڪردار ڪيائين ته سندس اداڪاري ڏسڻ لاءِ سنڌ واسي پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي ٽيليويزن آڏو ويهي ناٽڪ ڏسڻ لاءِ انتظار ڪندا هئا، اهڙي ئي سنڌ جي عظيم اداڪار منصور بلوچ 1944ع ڌاري رئيس عبدالله خان لنڊ جي گهر نوابشاهه جي ڳوٺ بڇيري سٺ ميل ۾ جنم ورتو، سندس والد پنهنجي لنڊ قبيلي نوابشاهه جو چڱو مڙس هو. جيڪو پنهنجي راڄ ڀاڳ جا فيصلا وغيره ڪندو هو. منصور بلوچ اهڙي ماحول ۾ اک کولي.

    هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، اڳتي هلي وڌيڪ تعليم نوابشاهه ڪاليج مان حاصل ڪيائين. ان دوران ئي کيس اداڪاري جو شوق ٿيو. جنهن جو سبب کيس‎ دليپ ڪمار جي فلم ترانا ڏسڻ کانپوءِ فني دنيا ۾ اچڻ جو وڌيڪ شوق پيدا ٿيو. جنهن سبب هو پي.ٽي.وي ڪراچي سينٽر تي آيو جتي شروعات ۾ کيس تڏهوڪي پي ٽي وي جي ماحول سبب ڪم ملڻ ۾ کوڙ ساريون ڏکيائيون پڻ پيش آيون پر هن همت نه هاري کيس 1970ع ڌاري مرزا قليچ بيگ جي لکيل ناٽڪ انڪوائري آفيسر کان پنهنجي فني صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو جيڪو ناٽڪ تمام گهڻو مقبول ويو. جنهن سبب هن لاءِ پي ٽي وي جا دروازا کلي ويا. انکانپوءِ منصور بلوچ ڊراما سيريل سام، گفٽ، تلاش ۽ ٻين ۾ پنهنجي فن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. منصور بلوچ کي ديوارين ۾ هاشم خان ۽ ڊراما سيريل جهنگل ۾ مهراڻ خان جي ڪردار ۽ سندس لهجي دنيا ۾ تمام گهڻي مقبوليت ڏياري ۽ ديوارين ۽ جهنگل ڊرامي تي کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا. جڏهن ته سندس ڊرامون ديوارين يا جهنگل پي ٽي وي تي هلندا ها سندس ڊرامي تي ڪيل ڪردارن تي ڏسڻ لاءِ ماڻهو پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي ٽيليويزن سامهون ويهي رهندا ها، تڏهن نجي ٽي وي وي سينٽرز نه هجڻ ۽ اڪيلي پي ٽي وي سينٽر جي سبب سندس ڊرامن کي سڄي ملڪ ۾ ته پذيرائي ملي ئي ملي پر پاڙيسري ملڪن ۾ پڻ سندس اداڪاري جي هاڪ پئجي وئي۔

    سندس پهرين فلم تنهنجون ڳالهيون سڄڻ ۾ هن پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو جنهن بعد سنڌ جي ناليواري فلمي هدايتڪار شاهه اسد جي ٺاهيل سنڌي فلم شهيد ۾ منصور بلوچ جي ڪردار کي تمام گهڻي موٽ ملي ۽ شهيد فلم منصور بلوچ جي سڃاڻپ بڻجي وئي، ڇاڪاڻ ته شهيد فلم ڪهاڻي ۽ موضوع جي حوالي سان تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ۽ سئنيمائن تي ماڻهن جا انبوهه سندس فلم ڏسڻ لاءِ ايندا هئا. ائين ئي منصور بلوچ لاءِ سنڌي فلم انڊسٽري ۾ رستا کلندا ويا، جنهن بعد پنهنجي وقت جي بدنام ڌاڙيل پرو چانڊيو ڌاڙيل تي شاهه اسد جي ٺاهيل فلم پرو چانڊيي ۾ ڌاڙيل جي ڪردار کيس پرستارن ۾ هڪ الڳ جڳهه ٺاهي ڏني. ان وقت جا وڏي ۾ وڏا ڌاڙيل به سندس پرو فلم ڏسڻ لاءِ سئنيمائن تي قبضو ڪري سندس فلم پرو ڏسڻ پڻ ايندا هئا، ان فلم کي به تمام گهڻي عوامي مقبوليت ملي ۽ منصور بلوچ جي اداڪاري سندس فني دنيا ۾ اوج واري پاسي وڌندي وئي.

    انهي دوران منصور بلوچ سنڌي فلم ۽ ٽي.وي جي دنيا کان هڪ وک اڳتي وڌائيندي وڌيڪ شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ لاهور جو رخ ڪيو، هن ڊراما سيريل ڪن ۽ ڪنارا ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو ۽ اسلام آباد مان پروڊيوسر سميع بلوچ جي ڊراما سيريل خواب ۽ راستي ۾ فن جو ڀرپور مظاهرو ڪيائين، جيڪو منصور بلوچ جا پي.ٽي.وي تان آخري ناٽڪ ثابت ٿيو. منصور بلوچ جي آخري پنجابي فلم ضدي گجر آهي ۽ سندس فلم پجارو گروپ اڻپوري رهجي وئي. منصور بلوچ کي ديوارين ڊرامي تي صدارتي ايوارڊ سان 1984ع ۾ نوازيو ويو. هن پنجابي ۽ اڙدو فلمن ۾ روٽي، ڪالا پاني، ڪالي چور، زندگي، انٽرنيشنل گوريلي، حسينون ڪي بارات، ليڊي ڪمانڊو ۽ پشتو فلمن ۾ خزو انتقام، ڊمٽو، زور وينو سيلاب ۽ چٽان ۾ به پنهنجا فني جوهر ڏيکاريا. منصور بلوچ 1986ع کان 1994ع تائين لاهور ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي فلم ۽ ڊرامن ۾ سندس لاءِ دروازا کليل رهيا ۽ سندس اداڪاري جي اوج کي ڏسي پنجاب واسي ڪيترائي سنڌي دشمن عناصر سندس دشمنن جيان ڪڍ لڳيا رهيا جن نه پئي چاهيو ته سنڌ ڄائو منصور بلوچ ملڪ جي فني دنيا جو هيرو ئي رهي ۽ سندس خلاف سازشن جو سلسلو هلندو رهيو. جڏهن ته منصور بلوچ شادي پنهنجي مائٽن مان ڪئي سندس اولاد ۾ 5 نياڻيون ۽ 4 پٽ آهن. جن ۾ اسد بيگ لنڊ، گل منصور بلوچ، اڪبر خان ۽ مهراڻ خان شامل آهن جڏهن ته گل منصور پنهنجي والد جي نقشي قدم تي هلندي سندس فني دنيا جي ڇڏيل سفر کي اڳتي هلائي رهيو آهي، گل منصور 1999ع کان پي.ٽي.وي تي بادل جمالي جي ڊرامي منزلن ۽ مسافر کان شروعات ڪئي.

    جڏهن ته سنڌ ڄائي هن عظيم اداڪار منصور بلوچ 3 مئي 1994ع ڌاري اڱاري جي ڏينهن منجهند جو 3 وڳي لاهور جي اقبال ٽائون ۾ فلمي دنيا جي ماڻهن جي بي حسي ۽ سازشي روين سبب ڊگهي عرصي کان مايوس هو جتي انهيءَ ڪشمڪش واري حالت ۾ وفات ڪري ويو. جڏهن ته سندس مڙهه لاهور کان ڪراچي آڻي اباڻي قبرستان بڇيري ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، اڄ منصور بلوچ جي وفات کي 17 سال گذري ويا آهن پر سندس ڪيل فني پورهيو سنڌ واسين کان نه وسريو آهي هو اڄ به پنهنجي نه وسرندڙ ڪردارن ذريعي سنڌ واسين جي دلين ۾ زنده آهي. منصور بلوچ تمام پيار ڪندڙ سٻاجهڙو انسان هو جيڪو ڪڏهن به ٻين جي دل آزاري نه ڪندو هيو هميشه پنهنجو پاڻ کي تڪليف ۾ وجهي ٻين کي خوشيون مهيا ڪندو هيو. ڌڻي در دعا آهي ته کيس جوار رحمت ۾ جڳهه عطا ڪري.

    [​IMG]

    روزانه عوامي آواز تان ورتل
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏3 مئي 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تنهنجي ياد جي وري آوير - اداڪار، فلم اسٽار منصور بلوچ جي 17هين ورسي جي مناسبت س


    [​IMG]

    سنڌي فلمن، اسٽيج ۽ ڊرامن جو منفرد آواز ۽ شخصيت جو مالڪ منصور بلوچ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڄ سندس ورسيء تي سنڌ سلامت جو سٿ کيس ڀيٽا پيش ڪري ٿو۔​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: تنهنجي ياد جي وري آوير - اداڪار، فلم اسٽار منصور بلوچ جي ورسي جي مناسبت سان

    منصور بلوچ منهنجو پسنديده اداڪار آهي، جڏهن مون هن سهڻي اداڪار جي هڪ فلم ”شهيد“ ڏٺي هئي ته سچ پڇو ته ائين محسوس پئي ٿيو ته منهنجي سنڌ جا جوڌا به اهڙا ئي هوندا آهن، ٻيون ڪيئي فلمون ۽ ڊراما مون ڏٺا آهن، توهان جا قرب جو جيڪي يادون هن عظيم اداڪار سان جڙيل هيون اهي تازيون ٿي پيون...الا منهنجي ڌرتي تي ڪيترا نه سهڻا به بها موتي پيدا ٿيا آهن..پر اسان انهن جو قدر ڪري نٿا ڄاڻون..توهان کي شابس هجي جو اهڙن ماڻڪن کي ڳولي لهو ٿا ۽ اسان جهڙن کي اهو احساس ڏياريو ٿا ته اسان جي ثقافت جا ڪيئي اڻ ميا موتي جيڪي اڄ اسان کي ڏور ٿي پيا آهن ته اسين کين وساري ويٺا آهيون جيڪو وڏي ۾ وڏو قومي ڏوهه آهي جو اسان پنهنجن چمڪندڙ ستارن کي وساري ٿا ويهون۔۔۔ان حوالي سان مون به سنڌ جي ڀلوڙ اداڪار ”لالا عبدالحسين ساريو مرحوم“ تي هڪ مضمون لکيو هيو جيڪو هن جي حياتي ۾ ئي ”روزاني سوڀ“ ۾ ڇپيو هيو، ڪڏهن مقعو مليو ته اوهان سان ونڊ ڪندس۔۔۔سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: تنهنجي ياد جي وري آوير - اداڪار، فلم اسٽار منصور بلوچ جي ورسي جي مناسبت سان

    منصور بلوچ هڪ ڀلوڙ سنڌي اداڪار هيو هن جي بهترين اداڪاري ديوار ڊرامي ۾ جنهن تمام گهڻو متاثر ڪيو ان وقت اسان ننڍا هوندا هئا سين ء ان ڊرامي جو پورو هفتو انتظار ڪندا هئا سين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    17 سال گذري ويا خبر ئي نه پئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    منصوربلوچ جي ورسيءَ تي سندس ياد
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ

هن صفحي کي مشهور ڪريو