يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن
معاف ڪجو پر اسان وٽ هر شي حد کان وڌيڪ ڪرڻ جي هڪ اجتماعي عادت آهي هر شي ۾ حد کان وڌي ويندا آهيون پر بعد ۾ ان جي سارسنڀال اسان لا مشڪل ٿي پوندي آهي منهنجي خيال ۾ وک وک تي ٺهيل مسجدون ۽ انهن جي ويراني ان جو واضع مثال آهي اسان وٽ مسجدون ٺهرائڻ جو شوق حد کان وڌيڪ آهي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ اوهان ڏسو ته اٺ ڏهه عاليشان مسجدون نظر اينديون جتي هر مسجد ۾ اٺ ڏهه نمازي به ناهن هوندا، انهي کان بهتر ناهي ته نمازين جو اننگ ڏسي مسجدون ٺهرايون وڃن ته جيئن وڌيڪ مسجدون ويراني کان بچي سگهن، بهرحال منهنجو موضوع مسجدن جي گهڻائي بابت ناهي پر هڪ تاريخي مسجد جي تباهه حالي بابت آهي جيڪا ٿر ۾ ننگر پارڪر کان پنج ست ڪلوميٽر پهرين " ڀوڏيسر مسجد" جي نالي سان موجود آهي اها مسجد 1505ع ۾ گجرات جي بادشاهه سلطان محمود بيگڙي ٺهرائي هئي تاريخ موجب اهو علائقو راجپوتن جو علائقو هو راجپوت ڦورو ۽ ڌاڙيل قسم جا ماڻهو هئا گجرات مان جيڪر ڪنهن کي سعودي عرب وڃڻو هوندو هو ته هو اهو رستو وٺندو هو راجپوت ان مسافر کان ڦر ڪندا هئا هڪ ڀيري سلطان محمود بيگڙي جي والدهه ان رستي تان حج ڪرڻ لا وڃي رهي هئي ته راجپوتن ان جي قافلي کي ڦريو، سلطان جي والدهه وڃي سلطان کي شڪايت ڪئي جنهن تي سلطان ڪاوڙجي ڀوڏيسر تي ڪاهه ڪئي ، راجپوتن مقابلو ڪيو ٻن مقابلن ۾ سلطان راجپوتن سان پورو نه پئجي سگهيو پو ٽيون ڀيرو وڏي لشڪر سان حملو ڪيائين ۽ راجپوتن کي شڪست ڏنائين چون ٿا ته ان سلطان راجپوتن جا مندر ڊاهي انهن جي پٿرن مان اها مسجد تيار ڪئي ڪجهه چون ٿا ته مندر پاسي ۾ بيٺو آهي اها مسجد نئين تيار ٿي هئي ، ان جنگ ۾ سلطان جي فوجي مارجي ويا هئا انهن جون قبرون به مسجد جي اڳيان موجود آهن، هن وقت ان مسجد تي نماز پڙهڻ ته هڪ طرف پر صفائي ڪرڻ وارو به ڪو ناهي ايندو آس پاس جي آبادي نان مسلم آهي جڏهن ته مسلمانن وٽ نماز جي هونهن به واندڪائي ئي ناهي!!!!!! مسجد تباهي ڏانهن وڌي رهي آهي جيڪڏهن ڪنهن مذهبي جماعت جا ڪرڪن ان علائقي ۾ آهن ته اهي هن مسجد جو انتظام سنڀالين ته ڏاڍو بهتر ٿيندو۔