ڀوڏيسر جي مسجد جي تباهه حالي

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2011۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    [​IMG]
    معاف ڪجو پر اسان وٽ هر شي حد کان وڌيڪ ڪرڻ جي هڪ اجتماعي عادت آهي هر شي ۾ حد کان وڌي ويندا آهيون پر بعد ۾ ان جي سارسنڀال اسان لا مشڪل ٿي پوندي آهي منهنجي خيال ۾ وک وک تي ٺهيل مسجدون ۽ انهن جي ويراني ان جو واضع مثال آهي اسان وٽ مسجدون ٺهرائڻ جو شوق حد کان وڌيڪ آهي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ اوهان ڏسو ته اٺ ڏهه عاليشان مسجدون نظر اينديون جتي هر مسجد ۾ اٺ ڏهه نمازي به ناهن هوندا، انهي کان بهتر ناهي ته نمازين جو اننگ ڏسي مسجدون ٺهرايون وڃن ته جيئن وڌيڪ مسجدون ويراني کان بچي سگهن، بهرحال منهنجو موضوع مسجدن جي گهڻائي بابت ناهي پر هڪ تاريخي مسجد جي تباهه حالي بابت آهي جيڪا ٿر ۾ ننگر پارڪر کان پنج ست ڪلوميٽر پهرين " ڀوڏيسر مسجد" جي نالي سان موجود آهي اها مسجد 1505ع ۾ گجرات جي بادشاهه سلطان محمود بيگڙي ٺهرائي هئي تاريخ موجب اهو علائقو راجپوتن جو علائقو هو راجپوت ڦورو ۽ ڌاڙيل قسم جا ماڻهو هئا گجرات مان جيڪر ڪنهن کي سعودي عرب وڃڻو هوندو هو ته هو اهو رستو وٺندو هو راجپوت ان مسافر کان ڦر ڪندا هئا هڪ ڀيري سلطان محمود بيگڙي جي والدهه ان رستي تان حج ڪرڻ لا وڃي رهي هئي ته راجپوتن ان جي قافلي کي ڦريو، سلطان جي والدهه وڃي سلطان کي شڪايت ڪئي جنهن تي سلطان ڪاوڙجي ڀوڏيسر تي ڪاهه ڪئي ، راجپوتن مقابلو ڪيو ٻن مقابلن ۾ سلطان راجپوتن سان پورو نه پئجي سگهيو پو ٽيون ڀيرو وڏي لشڪر سان حملو ڪيائين ۽ راجپوتن کي شڪست ڏنائين چون ٿا ته ان سلطان راجپوتن جا مندر ڊاهي انهن جي پٿرن مان اها مسجد تيار ڪئي ڪجهه چون ٿا ته مندر پاسي ۾ بيٺو آهي اها مسجد نئين تيار ٿي هئي ، ان جنگ ۾ سلطان جي فوجي مارجي ويا هئا انهن جون قبرون به مسجد جي اڳيان موجود آهن، هن وقت ان مسجد تي نماز پڙهڻ ته هڪ طرف پر صفائي ڪرڻ وارو به ڪو ناهي ايندو آس پاس جي آبادي نان مسلم آهي جڏهن ته مسلمانن وٽ نماز جي هونهن به واندڪائي ئي ناهي!!!!!! مسجد تباهي ڏانهن وڌي رهي آهي جيڪڏهن ڪنهن مذهبي جماعت جا ڪرڪن ان علائقي ۾ آهن ته اهي هن مسجد جو انتظام سنڀالين ته ڏاڍو بهتر ٿيندو۔
    [​IMG]
    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڀوڏيسر جي مسجد جي تباهه حالي

    ادا سائين مهربانيون

    اوهان سنڌ جي هڪ تاريخي مسجد جي تباه حاليء جو ذڪر ڪيو آهي۔ ڇا ڪجي اسان جي حڪومتن ۽ اوقاف کاتي مان ڀلائي جي اميد رکڻ ته ببرن کان بير گهرڻ جي برابر آهي۔ رهي سهي ڪسر اسان پاڻ به پوري ڪري ڇڏي آهي۔ اسان پنهنجي گهرن جي صفائي ۽ مرمت جو خيال ته رکون ٿا پر ڏهه ويهه چڻا گڏجي جيڪڏهن ڪنهن تاريخي ورثي يا اجتمائي فائدي وارين شين جو خيال رکڻ کان ڪيٻائيندا آهيون۔

    ڪاش اسان جو معاشرو سڌري پوي ۽ اسان پنهنجي شين جو خيال رکڻ شروع ڪيون ته جيڪر حڪومت کان به پوء مدد وٺي سگهجي ٿي۔

    لک قرب اوهان اهم تاريخي ورسي جي ياد ڏياري آهي۔
     
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: ڀوڏيسر جي مسجد جي تباهه حالي

    ادا مون کي ڊائريڪٽر فارميسي سنڌ يونيورسٽي ۽ شاگردن وچ ۾ ٿيل بحث ياد اچي وئي جڏنهن شاگردن هولي جي ڏينهن سڄي انسٽيٽوٽ کي رنگ هڻي ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو هو۔

    ڊائريڪٽر۔۔هي ڇا ڪيو اٿو؟
    شاگرد۔۔سائين سيليبريٽ ڪيو آهي۔
    ڊائريڪٽر۔۔هي طريقو آهي سيليبريٽ ڪرڻ جو؟
    شاگرد۔۔سائين اسان هڪ آزاد ملڪ ۾ رهون ٿا۔۔هي آزادي جو استعمال آهي۔
    ڊائريڪٽر۔۔سڀ کان وڏيڪ آزادي ته پنهنجي گهر ۾ هوندي آهي پوءِ آزادي جو اهو استعمال هتي ڇو نه ٿا ڪريو؟


    شاگرد نڪ جي پڪائي ڪري بيٺا ڏسندا رهيا ۽ ڊائريڪٽر وائيٽ واش جو آرڊر ڏيڻ لاءِ فون گهمايو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ب
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڀوڏيسر جي مسجد جي تباهه حالي

    ادا سٺو معلومات آهي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو