انهن سوالن تي اعتراض آهي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
انهن سوالن تي اعتراض آهي​


انهن سوالن تي اعتراض آهي
تنهنجو اعتراض اسانجو اعزاز آهي

وقت ۽ سجدا ته آهن ساڳيا
ملان، مجاهد جي جدا نماز آهي

توبهه سوا نه ترندي ڪا ٻيڙي
ڪو ڪيڏو به پاڪباز آهي

حلالي حرامي هڪ نڪتو آهي
جوهر ڪرگس ۽ جوهرِ شهباز آهي

ڏاڏل کي ڏاهي هيئن سمجهايو
عارفن جي صحبت دلنواز آهي​
 
Back
Top