سنڌي ۾ نڙ بيت

سچار سنڌي

سينيئر رڪن
دِلو کنيو هئائين دل سان جيڪو چٽيل هو چوڌار
جڙيل هو جتوئي چئي ڪنهن ڪاريگر ڪنڀار
سو سانڍي کنيو هئائين ساھ ۾ وٺيو آئي ڪنڌي ۽ ڪِنار
هڪڙا هئا دورَ دريا کي ٻي هئي ڪُنَن جي ڪارونڀار
جھانگي چڙهي وئي جَر منجھان اُن عاشق جي آڌار
ملڻ بنا ميهار ڪي نه رهندي گل محمد چوي​
 
جواب: سنڌي ۾ نڙ بيت

سٺي شاعري آهي

نڙ بيت سنڌ جي روايت ۽ ثقافت آهن۔

مهرباني سچار سائين جي جنهن هي ونڊ ڪيو
 
نڙ بيت سنڌي ادب جي ھڪ بھترين ۽ پُراڻي صنف آھي جنھن تي سانوڻ فقير ڪافي طبع آزمائي ڪئي آھي۔ سچار سنڌي ٻيھر ھن ونڊ ذريعي اُھا ياد تازي ڪري ڇڏس آھي کيس جس ھجي۔ ۽ اميد تـ شروع ڪيل سلسلي کي وڌائيندي پنھنجي اعلي ونڊ ذريعي اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا۔ شال خوش ھُجو سدا۔۔۔۔۔
 
دِلو کنيو هئائين دل سان جيڪو چٽيل هو چوڌار
جڙيل هو جتوئي چئي ڪنهن ڪاريگر ڪنڀار
سو سانڍي کنيو هئائين ساھ ۾ وٺيو آئي ڪنڌي ۽ ڪِنار
هڪڙا هئا دورَ دريا کي ٻي هئي ڪُنَن جي ڪارونڀار
جھانگي چڙهي وئي جَر منجھان اُن عاشق جي آڌار
ملڻ بنا ميهار ڪي نه رهندي گل محمد چوي
 
Back
Top