دِلو کنيو هئائين دل سان جيڪو چٽيل هو چوڌار جڙيل هو جتوئي چئي ڪنهن ڪاريگر ڪنڀار سو سانڍي کنيو هئائين ساھ ۾ وٺيو آئي ڪنڌي ۽ ڪِنار هڪڙا هئا دورَ دريا کي ٻي هئي ڪُنَن جي ڪارونڀار جھانگي چڙهي وئي جَر منجھان اُن عاشق جي آڌار ملڻ بنا ميهار ڪي نه رهندي گل محمد چوي
جواب: سنڌي ۾ نڙ بيت سٺي شاعري آهي نڙ بيت سنڌ جي روايت ۽ ثقافت آهن۔ مهرباني سچار سائين جي جنهن هي ونڊ ڪيو
نڙ بيت سنڌي ادب جي ھڪ بھترين ۽ پُراڻي صنف آھي جنھن تي سانوڻ فقير ڪافي طبع آزمائي ڪئي آھي۔ سچار سنڌي ٻيھر ھن ونڊ ذريعي اُھا ياد تازي ڪري ڇڏس آھي کيس جس ھجي۔ ۽ اميد تـ شروع ڪيل سلسلي کي وڌائيندي پنھنجي اعلي ونڊ ذريعي اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا۔ شال خوش ھُجو سدا۔۔۔۔۔