1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

امان جو ڇا ٿيندو؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ محمدجوادعسڪري طرفان آندل موضوعَ ‏8 مئي 2011۔

  1. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    دوستو سائين محمود مغل جولکيل هي آرٽيڪل مان ڪاوش تان ڪاپي ڪري اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان
    مان سائين محمود ڏانهن اي ميل ڪري سائين کان ان جي ڪاپي ڪرڻ جي اجازت ورتي آهي


    خواب نگر بابت اوهان سان الاهي ڳالهيون ڪرڻيون آهن. لکڻ، بقول اوهان جي تبديل ٿيل ”انداز“...خالي ”خانه پُريءَ“ ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي فقير کي ڪجهه عرض ڪرڻو هُيو، پر مائرن جي عالمي ڏينهن تي ”ڀيشم ساهنيءَ“ جي تحرير نگاهه مان گذري ته ڄڻ اٽڪي پئي. احوال سربستو لڳو، ته اندر ۾ ان ڪانڍَ اُٿل کاڌي ته ڇو نه هن واري خواب نگر ۾، ان ڪهاڻيءَ ”چيف جي دعوت“ جو اختصاري ترجمو پيش ڪجي....من ڪٿي، ڪنهن کي ڪو عڪس نظر اچي وڃي.
    ”اڄ شام جو، مسٽر شام ناٿ جي گهر چيف جي دعوت هئي، کيس ۽ سندس زال کي پگهر اگهڻ جي فرصت به نه هئي. هڪ ڪمري کان ٻئي ڏانهن ويندي، سندن ڪمن جي فهرست مڪمل ٿيڻ لڳي... شام جا پنج ٿيڻ لڳا ها..سڀ تياريون پوريون ٿيڻ لڳيون هُيون، گهر جو آلتُو فالتُو سامان، ڪٻٽن جي پويان ۽ پلنگن جي هيٺان لڪائي، بظاهر سڀ صفايون مڪمل ڪيائون ته اوچتو شام ناٿ کي هڪ مصيبت ياد آئي...ماءُ جو ڇا ٿيندو؟...ان پاسي، هن جو ۽ هن جي زال جو ته خيال ئي ڪو نه ويو هو. زال سان انگريزي ڳالهائيندي پڇيائين ”امان جو ڇا ٿيندو...؟“ جوڻس جو هٿ بيهجي ويو...ڪجهه دير سوچي چيائين ”پويان، سندس ساهيڙيءَ جو گهر آهي، اوڏانهن موڪلي ڇڏيوس، رات وڃي اتي رهي، سڀاڻي موٽي اچي...“
    ”نه نه، مان نه ٿو گهران ته ان ڪراڙيءَ جي اچ وڃ وري امان جي ڪري، هن گهر ۾ شروع ٿئي. پهرين ئي ڏاڍي مصيبت سان ان کي ٽاريو اٿائون...امان کي چئون ٿا ته ماني جلدي کائي، پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ هلي وڃي...“
    ” ۽ جي هن کونگهرا هڻڻ شروع ڪيا ته...سندس ڪوٺيءَ جي پاسي ۾ ئي ورانڊو آهي...جتي مهمان ماني کائيندا.“ ”ته کيس چونداسين ته اندران در بند ڪري وٺي، مان ٻاهران تالو هڻي ڇڏيندومانس... يا امان کي چئون ٿا ته اندر وڃي سمهي نه...جاڳندي رهي...“ ”۽ جي سمهي پئي ته...يارنهن وڳي تائين ته اوهان رڳو ويٺا پيئندا آهيو...“
    شام باهه ٿئي ٿو...سٽ ڏئي ماءُ وٽ اچي ٿو. ”امان... اڄ تون جلدي ماني کائجانءِ...مهمان ساڍي ستين تائين اچي ويندا... جيئن به ٿئي پنهنجو ڪم جلدي نبيري وٺجانءِ“.
    ”جي ابا...“
    ”۽ ها...پهرين اسين اوطاق ۾ ويهنداسين، تون ايتري دير ورانڊي ۾ويهجانءِ...پوءِ جڏهن اسان هتي اچي وڃون ته تون، غسل خاني مان لنگهي، اوطاق ۾ هلي وڃجانءِ...“ ماٺ ڪيو ماءُ ٻُڌو ويٺي ۽ پوءِ آهستي چيائين ”جي ابا...“ ” ۽ ها امان...اڄ جلدي نه سمجهانءِ... تنهنجي کونگهرن جو آواز پري تائين وڃي ٿو...“ ماءُ شرمسار ٿي روئي ويٺي...”ڇا ڪيان ابا...منهنجي وس ۾ ته ناهي... جڏهن کان بيماريءَ مان اٿي آهيان، نڪ مان ساهه نه ٿي کڻي سگهان...“
    هاڻي جيئن تيئن شام انتظام ته سڄو ڪري ورتو، پر سندس اڻ تڻ ختم نه پئي ٿي، جو چيف اوچتو هڪ طرف اچي نڪتو ته...! اٺ ڏهه مهمان هوندا، هنن جون زالون هونديون...جو ڪو باٿ روم وڃڻ گهري ته...باهه وچان، ورانڊي ۾ هڪ ڪرسي رکندي چيائين ”امان ٿورو هن تي ويهه ته....“
    ”ائين نه امان...“ ٽنگون مٿي ڪري ناهن ويهندا، ڪرسي آهي ڪا کٽ ناهي...“ ماءُ هڪدم پير هيٺ ڪيا...”۽ ها...خدا جي واسطي، پيرين اگهاڙي نه گهمجانءِ...۽ نه وري اها چاکڙي پائي کِٽ کِٽ ڪجانءِ...۽ ها...ڪپڙا ڪهڙا پائيندينءَ...؟“
    ”جيڪو پارائيندي سو، پائينديس ابا....“ ” ۽ ها، روز وانگر موڳي ٿي نه ويهجانءِ، جي صاحب هن پاسي اچي وڃي ته ٺيڪ نموني سندس ڳالهه جو جواب ڏجانءِ....“ ”مان ته لکيل پڙهيل ناهيان ابا...تون چئي ڇڏجائنس، ماءُ کي ڪجهه سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي...هُو ڪو نه پڇندو...“ وڏي مشڪلات ۾ شام گذري ٿي، مهمان اچن ٿا، گلاس کُلن ٿا... سڀ حسين آهي، جو اوچتو، اوچتو رات جو دير سان اوطاق مان ورانڊي ڏانهن ماني کائڻ لاءِ ويندي، شام تي وڄ ڪري ٿي...اڳيان شام آهي، رستو ڏيکاريندي، پويان چيف ۽ ٻيا مهمانَ...سڄو نشو تيل ٿئي ٿو، جڏهن ورانڊي ۾ امڙ، پنهنجي ڪرسيءَ تي مٿي ٽنگون ڪيو، کونگهرا پئي ٿي هڻي. مٿو اگهاڙو اٿس...ڪنڌ هڪ طرف کان ٻئي طرف جهُوليس ٿو، شام کي باهه وٺي وئي، دل چويس ٿي ته زور جو ڌڪو ڏئي ڇڏيس يا بس اتان غائب ڪري ڇڏيس....ماءُ کي ڏسندي، مهمانن جون ڪجهه زالون کلن ٿيون ۽ هوءَ ڇرڪ ڀري جاڳي ٿي...شام پاڻ سنڀاليندي چئي ٿو ”امان...توهان وڃي سمهو نه...ايتري دير ڇو پيا جاڳو...“ هُو شرمسار لهجي جي ادائگي ڪندي چيف ڏي نهاري ٿو، جيڪو هڪدم ماءُ کي هٿ جوڙي ٿو...هوءَ شرمسار ٿي، صحيح نموني هٿ به نٿي ملائي سگهي...بس چيف آهي جيڪو سندس هٿ جهلي بيحد محبت سان چوندو ٿو رهي... ”هائو ڊو يو ڊُو؟“ هوءَ مونجهه وچان بڙ بڙ ڪري ٿي، شام شرمساريءَ سان چيف کي چئي ٿو...”امان به توهان کي هائو ڊو يو ڊُو چوي ٿي...ڳوٺاڻي آهي...شرمائي ٿي...“
    ”مون کي ڳوٺاڻا ڏاڍا وڻندا آهن... ۽ سا به ماءُ...“ چيف وٽس ويهي ٿو رهي...”مان ته امان وٽ ويهندس“ هو سڀ ويهن ٿا... ماءُ جي ويجهو چيف جي قربت ڪمال ڪري ٿي. هو ماءُ کان ڳوٺاڻا ڳيچ ٻڌي ٿو...سندس هٿ جو ڪيل ڪم ڏسي ٿو ۽ ڏاڍي تعريف ٿو ڪري...امڙ کي چوي ٿو ته مون کي به اهڙي دستڪاري کپي...ماءُ کي پنهنجي ڪمزور نظر جي خبر آهي. شام بهرحال چيف سان واعدو ٿو ڪري ته امان ٺاهي ڏيندي... ڇو نه ٺاهيندي؟...صاحب پنهنجي خوشيءَ جو سامان ڪري، مانيءَ تي هليو ٿو وڃي...۽ ماءُ پنهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي ٿي رهي...اڌ رات جو اوچتو سندس ڪوٺيءَ جو در کڙڪي ٿو...هوءَ ڏڪي ٿي وڃي، ڇا وري مون کان ڪا غلطي ٿي آهي....؟ هوءَ الاهي ڪيتري دير پنهنجو پاڻ کي پٽيندي رهي هئي ته ڇو ائين ڪرسيءَ تي ورانڊي ۾ سمهي رهي...! ته ڇا کيس پُٽَ اڃان تائين معاف ناهي ڪيو...؟ در کوليندي ئي، جهومندو، نچندو، شام کيس ڀاڪر ۾ ڀري ٿو ”او امان...اڄ تو ته رنگ لائي ڇڏيا... چيف صاحب تومان ايترو خوش ٿيو...ايترو خوش ٿيو...مان توکي ڇا ٻڌايان...ڇا ٻڌايان...امڙي... او امڙي...“ ماءُ، پٽ جي ڪڇ ۾ ڄڻ لڪي وئي. چيائين ”تون مون کي هردوار موڪلي ڇڏ...“
    ”۽ اها دستڪاري...صاحب سان تنهنجي سامهون ته مون واعدو ڪيو آهي... اهو ڀرت؟“
    ”منهنجون اکيون ختم ٿي ويون آهن ابا...تون ڪنهن ٻئي کان ٺهرائي وٺ...بازاري وٺي ڏئينس...“
    ”امان....تون مون سان ائين دوکو ڪندينءَ...منهنجو ٺهندڙ ڪم بگاڙيندينءَ؟ نه ٿي ڄاڻين ته صاحب خوش ٿيندو ته منهنجي ترقي ٿيندي؟“ ماءُ حيران ٿي وئي ”تنهنجي ترقي ٿيندي!!“
    ”ٻيو نه ته وري...چئي پيو....امان جڏهن ڀرت ڀرڻ شروع ڪندي نه...ته مان ڏسڻ ايندس ته ڪيئن ٿي ڪم ڪري...جي صاحب تنهنجي ڪم مان خوش ٿي ويو ته مان وڏو آفيسر به ٿي سگهان ٿو امان...تنهنجي ڪري...“ ماءُ جي منهن جو رنگ مٽجڻ لڳو. سندس گهٽ نور واريون اکيون چمڪڻ لڳيون...”ته تنهنجي ترقي ٿيندي!“ ”ائين ترقي ٿيندي...تون ڪم ڪندينءَ، صاحب خوش ٿيندو ته ڪجهه ٿيندو نه...نه ته هن جي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪو گهٽ ماڻهو آهن ڇا...!“ ڏڪندڙ آواز ۾ امڙ چئي ٿي ”ته پوءِ ٺاهيندس بابا، جهڙو به ڪم ٿيو ضرور ڪنديس...“ ماءُ جي دل ۾ پٽ جي روشن آئيندي جون حسرتون آهن...۽ پٽ سوچي ٿو....امان کي هاڻي سمهڻ گهرجي... ”ماءُ به ڪيڏي نه وڏي نعمت آهي...“ اچو...سوچيون ٿا...امان جو ڇا ٿيندو...؟
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,770
    ورتل پسنديدگيون:
    27,187
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: امان جو ڇا ٿيندو؟

    مهرباني ادا جواد

    محمود مغل بهترين ليکڪن مان هڪ آهي ، جيڪو پنهنجي ليک ۾ ماڻهن کي گم ڪري ڇڏيندو آهي۔

    ماء جهڙي عظيم هستي تي لکيل سندس هي ڪالم دل کي ڇهندڙ ۽ سچائي سان ڀريل آهي۔
     
  3. نازش خاتون

    نازش خاتون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 مئي 2011
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    shahdad kot
    جواب: امان جو ڇا ٿيندو؟

    ادا جواد
    اوهان جي ڏنل تحرير انتهائي دل کي وڻندڙ آهي
    ادا سليمان سائين محمود مغل جي لکڻين ۾ واقعي هڪ عجيب ڪشش آهي
     
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,514
    ورتل پسنديدگيون:
    3,469
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: امان جو ڇا ٿيندو؟

    ادا سائين محمود مغل صاحب جو هڪ سبق آميز ليک کي هن آوطاق جي زينت بنائڻ تي توهان جون تمام گهڻيون مهربانيون۔اهو ماءجو رشتو آهي جنهن ۾ هميشه خلوص ملندو۔ماء جي عظمت جي باري ۾ توهان سان هڪ ڳاله ونڍ ڪرڻ چاهيندس ،


    صبح کان شام تائين سخت محنت کانپوء گهر واپسي تي،
    پي پڇو،،،،، گهڻو ڪمايو اٿئ۔؟ زال پڇو،،،،،،،،،، ڪيترو بچايو اٿئي؟ اولاد پڇو،،،،،،،،،، ڇا آندو اٿهو ؟ پر ماء پڇو ته،سڄو ڏينهن ڪجه کاڌو به اٿئي يا بک پيٽ آهين۔چڳو منهن ڌوئي آچ ته تنهنجي لاء ماني کڻي اچان (قربان وڃون ماء جي محبت اولاد لاء، تان ۽ ماء توکي سلام)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو