سنڌي صحافت کي جديد لاڙا ڏيندڙ نامياري صحافي ۽ روزاني سنڌ نيوز جي مئنيجنگ ايڊيٽر سليم اڪبر قاضي جي 33هين ورسي اڄ ملهائي ويندي، نامياري سياستدان قاضي محمد اڪبر جو پٽ ۽ قاضي محمد اسلم، قاضي محمد ايوب ۽ محمد علي قاضي جو ڀاءُ سليم اڪبر قاضي 33سال اڳ 9 مئي 1978ع تي ڪراچي ويندي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، جنهن جي 33هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي، ان موقعي تي سندس پونئيرن پاران خيرات جي ماني ۽ قرآن خواني جو بندوبست ڪيو ويو آهي ۽ سندس مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر پڻ چاڙهي ويندي، ٻئي طرف وڏي وزير جي ميڊيا ڪنسلٽنٽ آفتاب احمد خانزادي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته قاضي سليم منهنجو دوست ۽ سياسي استاد به هو ۽ منهنجي سياسي تربيت ان جي ڇانو ۾ ٿي آهي.