سنڌي صحافت کي جديد لاڙا ڏيندڙ ناليواري صحافي جي اڄ 33هين ورسي ملهائي ويندي

سچار سنڌي

سينيئر رڪن
سنڌي صحافت کي جديد لاڙا ڏيندڙ نامياري صحافي ۽ روزاني سنڌ نيوز جي مئنيجنگ ايڊيٽر سليم اڪبر قاضي جي 33هين ورسي اڄ ملهائي ويندي، نامياري سياستدان قاضي محمد اڪبر جو پٽ ۽ قاضي محمد اسلم، قاضي محمد ايوب ۽ محمد علي قاضي جو ڀاءُ سليم اڪبر قاضي 33سال اڳ 9 مئي 1978ع تي ڪراچي ويندي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، جنهن جي 33هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي، ان موقعي تي سندس پونئيرن پاران خيرات جي ماني ۽ قرآن خواني جو بندوبست ڪيو ويو آهي ۽ سندس مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر پڻ چاڙهي ويندي، ٻئي طرف وڏي وزير جي ميڊيا ڪنسلٽنٽ آفتاب احمد خانزادي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته قاضي سليم منهنجو دوست ۽ سياسي استاد به هو ۽ منهنجي سياسي تربيت ان جي ڇانو ۾ ٿي آهي.
 
جواب: سنڌي صحافت کي جديد لاڙا ڏيندڙ ناليواري صحافي جي اڄ 33هين ورسي ملهائي ويندي

ادا سٺي ونڊ آهي ۔
 
جواب: سنڌي صحافت کي جديد لاڙا ڏيندڙ ناليواري صحافي جي اڄ 33هين ورسي ملهائي ويندي

انا لله وانا عليه راجعون ۔۔۔ رب العالمين مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۔۔۔۔

هر انسان پنهنجو وارو وڄائي وڃي ٿو ۔۔۔۔ قاضي خاندان جون سنڌي ميڊيا ۾ سٺو ۽ تعريف جوڳو ڪردار رهيو آهي ۔۔

محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن
تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگهايو
 
Back
Top