ڪالهه ادا سليمان فيس بوڪ بابت هڪ ڪمانڊ ٻڌائي ته مون کي به ڪجهه ڪمانڊو ياد اچي ويون۔۔
فيس بوڪ جو انٽر فيس اهڙي طرح بڻايل آهي جو ان کي درست طريقي سان استعمال ڪرڻ لاءِ مائوس ضروري آهي۔۔۔ پر جن وٽ ليپ ٽاپ هجي يا جن جو مائوس خراب هجي انهن لاءِ فيس بوڪ استعمال ڪرڻ ڪافي مشڪل هوندو آهي۔۔۔ ان ڪري اڄ مان توهان کي ڪجهه ڪي بورڊ ڪمانڊس ڏسي رهيو آهيان جنهن ذريعي توهان فيس بوڪ کي بغير مائوس جي ڪنهن حد تائين ڪنٽرول ڪري سگهو ٿا۔۔۔
Alt + 1 : هوم تي وڃڻ لاءِ
Alt + 2 : توهان جو وال پيج يا پروفائيل کولڻ لاءِ
Alt + 3 : دوست بنائڻ لاءِ ڊراپ ڊائون لسٽ کولڻ لاءِ
Alt + 4 : پيغامن جي ڊراپ ڊائون لسٽ کولڻ لاءِ
Alt + 5 : نوٽيفڪيشن يا اطلاع نامن جي ڊراپ ڊائون لسٽ کولڻ لاءِ
Alt + 6 : اڪائونٽنگ سيٽنگ پيج کولڻ لاءِ
Alt + 7 : پنهنجي کاتي جي پرائيوسي سيٽنگ واري پيج کولڻ لاءِ
Alt + 8 : فيس بوڪ فين پيج يعني facebook.com/facebook پيج کولڻ لاءِ
Alt + 9 : فيس بوڪ جي Rights & Responsibilities کولڻ لاءِ
Alt + 0 : فيس بوڪ هيلپ سينٽر کولڻ لاءِ
Alt + m : نئون پيغام لکڻ لاءِ
? + Alt : مائوس ڪرسر کي سرچ باڪس تي آڻڻ لاءِ
نوٽ : ياد رهي ته مٿيون سموريون ڪمانڊس گوگل ڪروم ۽ مائڪروسافٽ انٽرنيٽ ايڪسپلورر تي درست ڪم ڪري رهيون آهن ۔۔۔ جڏهن ته فائر فاڪس استعمال ڪندڙ ڪمانڊ ۾ شفٽ جو پڻ اضافو آڻين جهڙوڪ Shift+Alt + 1