جي مائوس به خراب هجي ۽ فيس بوڪ به استعمال ڪرڻو هجي ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏9 مئي 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    ڪالهه ادا سليمان فيس بوڪ بابت هڪ ڪمانڊ ٻڌائي ته مون کي به ڪجهه ڪمانڊو ياد اچي ويون۔۔

    فيس بوڪ جو انٽر فيس اهڙي طرح بڻايل آهي جو ان کي درست طريقي سان استعمال ڪرڻ لاءِ مائوس ضروري آهي۔۔۔ پر جن وٽ ليپ ٽاپ هجي يا جن جو مائوس خراب هجي انهن لاءِ فيس بوڪ استعمال ڪرڻ ڪافي مشڪل هوندو آهي۔۔۔ ان ڪري اڄ مان توهان کي ڪجهه ڪي بورڊ ڪمانڊس ڏسي رهيو آهيان جنهن ذريعي توهان فيس بوڪ کي بغير مائوس جي ڪنهن حد تائين ڪنٽرول ڪري سگهو ٿا۔۔۔
    Alt + 1 : هوم تي وڃڻ لاءِ
    Alt + 2 : توهان جو وال پيج يا پروفائيل کولڻ لاءِ
    Alt + 3 : دوست بنائڻ لاءِ ڊراپ ڊائون لسٽ کولڻ لاءِ
    Alt + 4 : پيغامن جي ڊراپ ڊائون لسٽ کولڻ لاءِ
    Alt + 5 : نوٽيفڪيشن يا اطلاع نامن جي ڊراپ ڊائون لسٽ کولڻ لاءِ
    Alt + 6 : اڪائونٽنگ سيٽنگ پيج کولڻ لاءِ
    Alt + 7 : پنهنجي کاتي جي پرائيوسي سيٽنگ واري پيج کولڻ لاءِ
    Alt + 8 : فيس بوڪ فين پيج يعني facebook.com/facebook پيج کولڻ لاءِ
    Alt + 9 : فيس بوڪ جي Rights & Responsibilities کولڻ لاءِ
    Alt + 0 : فيس بوڪ هيلپ سينٽر کولڻ لاءِ
    Alt + m : نئون پيغام لکڻ لاءِ
    ? + Alt : مائوس ڪرسر کي سرچ باڪس تي آڻڻ لاءِ

    نوٽ : ياد رهي ته مٿيون سموريون ڪمانڊس گوگل ڪروم ۽ مائڪروسافٽ انٽرنيٽ ايڪسپلورر تي درست ڪم ڪري رهيون آهن ۔۔۔ جڏهن ته فائر فاڪس استعمال ڪندڙ ڪمانڊ ۾ شفٽ جو پڻ اضافو آڻين جهڙوڪ Shift+Alt + 1
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جي مائوس به خراب هجي ۽ فيس بوڪ به استعمال ڪرڻو هجي ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادا رشيد مهربانيون

    تازو هاڻي هاڻي ليپ ٽاپ ورتو اٿم پر ان سان گڏ مائوس پڻ رکيو اٿم۔ مطلب هي الٽ ڪي به ڪا وڏي ڪم آهي آهي ۔ مان ته ان کي فضول سمجهندو هوس۔ خير اوهان واري هنن نين ٽرڪس کي به اڄ ئي استعمال م آڻبو۔ مهربانيون اوهان جون۔ اميد ته ڪجهه وڌيڪ نواڻ به ونڊ ڪندا رهندا۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: جي مائوس به خراب هجي ۽ فيس بوڪ به استعمال ڪرڻو هجي ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    تمام بهترين ونڊ آهي ادا

    هي ڪي خاص طور تي ادا سليمان کي ڪم اينديون ڇو جو کيس بنا مائوس جي ڪم ڪرڻ ۾ ڪافي ڏکيائي محسوس
    ٿيندي آهي

    ادا رشيد فيس بوڪ جي حوالي سان توهان جي ڏنل معلومات تمام بهترين آهي

    اهڙي شيئرنگ جاري رکجو

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو