يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن

وائرس ڪيترن ئي طريقن سان پريشان ڪن ٿا پر اڄ ڪلهه آئون ته هن قسم جي وائرس مان اچي ڦاٿو آهيان، مون وٽ هڪ اي ميل آئي آهي جنهن ۾ لکيل آهي ته اوهان جو پارسل موڪليون پيا ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ اهو اوهان وٽ پهچي ويندو ۽ ان جو ٽريڪنگ نمبر هيٺ ڏنل آهي اهو ڊائونلوڊ ڪريو، اوهان کي اها فائيل آئيڪن جي حساب سان ورڊ، پي ڊي ايف يا زپ جي لڳندي آهي پر اها حقيقت ۾ ايپليڪيشن فائيل آهي رڳو ڊبل ڪلڪ ڪريو ته ڪمپيوٽر جو ٻيڙو ٻڏي، سو جاڳندا رهو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!!