• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا سنڌ ۾ وچين درجي جو ماڻهون اقتدار ماڻي سگهي ٿو؟

نثارابڙو

نائب منتظم
سنڌ ڄائو علي نواز ميمڻ، جيڪو هن وقت آمريڪا ۾ رهي ٿو، هُن هڪ وڊيو پيغام ذريعي اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ ۾ وچون طبقو اقتدار ۾ ڇو نه ٿو اچي سگهي؟ ۽ جيڪڏهن وچون طبقو اقتدار ۾ نه ايندو ته سنڌ جا مسئلا حل ڪون ٿيندا ۔۔۔

سنڌ جو جاگيردار، وڏيرو يا پير يا مير ڪڏهن نه چاهيندو ته اقتدار سندس هٿن مان نڪري عوامي ماڻهن جي هٿن ۾ اچي ۔۔۔۔

 
جواب: ڇا سنڌ ۾ وچين درجي جو ماڻهون اقتدار ماڻي سگهي ٿو؟

سائين نثار سلام

سائين علي نواز ميمڻ جون سڀ ڳالهيون سئو فيصد سچ آهن۔ هتي ته سسٽم ئي تباهه ٿيل آهي۔ هن سموري سسٽم کي نئين سر جياري مڊل ڪلاس جي حق ۾ آڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي۔ بدقسمتيء سان اسان جو حڪمران طبقو ۽ بيورو ڪريٽ عام ماڻهو کي مٿي اچڻ نه ٿا ڏين۔ اسان جو عام ماڻهو به مڊل ڪلاس کي اڳتي اچڻ جو موقعو نه ٿو ڏي۔

خير اميد پوء به قائم آهي۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: ڇا سنڌ ۾ وچين درجي جو ماڻهون اقتدار ماڻي سگهي ٿو؟

ڪير آهي جو پنهنجي دشمن کي دعوت ڏيندو جڏهن ته هي پنهنجا دشمن پاڻ آهن هتي پير مير وڏيرا سڀ ڳجهون آهن سي ڪٿي چاهيندا جو هنن جي ڍڏنڍ تي ڪو ٻيو اچي ويهي ۔هنن هر شي پيسي کي سمجهيو آهي پوءِ ڀل عزت جي نگاه سان نه ڏسي پر هنن عزت شهرت پيسي کي ئي سمجهيو آهي هنن جي اڳيان جي ضمير جي ڳالھ ڪجي ته کلي چوندا آهن ته اها ڪهڙي مصيبت آهي مائي آهي يا مرد ۔
 
Back
Top