هڪ پهر جو پيار

جاويد نواز

سينيئر رڪن

غزل

هڪ پهر جو پيار منهنجي زندگي
تنهنجو آ ديدار منهنجي زندگي

مان نه هان عيسي جو هڪڙي ڦوڪ سان
ٿي پوي گُلزار منهنجي زندگي

منٽ هڪڙي ۾ وڃائيندي کڻي
تنهنجي هي انڪار منهنجي زندگي

پيس لڳي تنهنجي پٺيان هر شئي ڇڏي
ڪر نه هاڻي خوار منهنجي زندگي

ڪئين ڪٽيان ٿو تو بنا ڏينهن رات مان
وڃ ڏسي هڪ وار منهنجي زندگي

قسم مونکي آ مٺي الله جو
تون ئي آن سرڪار منهنجي زندگي

گهر جو جهيڙو ۽ وري ڏي وٺ ڪيون
ٿي وئي آزار منهنجي زندگي
 
جواب: هڪ پهر جو پيار

منٽ هڪڙي ۾ وڃائيندي کڻي
تنهنجي هي انڪار منهنجي زندگي

ادا جاويد سٺي شاعري

پر يار جذباتي نه ٿجو هڪ منٽ ۾ هيڏي زندگيء کي ختم نه ڪجو۔ سٺا ۽ سهڻا احساس۔
 
Back
Top