ايپوه (اسپورٽس ڊيسڪ) اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جي اهم ميچ ۾ پاڪستان ڀارت کي هڪ جي مقابلي ۾ 3 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي، ايپوه ۾ کيڏي ويندڙ ميچ جو پهريون گول ڀارت طرفان 23 هين منٽ ۾ روپيندر پال سنگهه گول اسڪور ڪيو، پهرين هاف ۾ ڀارت کي هڪ گول جي برتري حاصل هئي، ٻئي هاف ۾ پاڪستاني ٽيم جارحاڻي راند پيش ڪئي ۽ 49 هين منٽ ۾ پاڪستان پاران عمر ڀٽا گول ڪري اسڪور برابر ڪري ڇڏيو، 56 هين منٽ ۾ محمد عمران ۽ 57 هين منٽ ۾ سهيل عباس گول اسڪور ڪري پاڪستان جي پوزيشن مستحڪم ڪري ڇڏي، پاڪستان ميچ ۾ 1-3 تان ڪاميابي حاصل ڪري ايونٽ ۾ ٽين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، ان کان پهرين ٽورنامينٽ جي شروعاتي 2 ميچن ۾ ڪاميابي بعد گرين شرٽس کي انگلينڊ ۽ آسٽريليا هٿان شڪست کي منهن ڏسڻو پيو هو، گذريل چئن مقابلن ۾ شڪست بعد پاڪستان جي ڀارت خلاف اها پهرين ڪاميابي آهي، هاڪي ميچن جي ٻين مقابلن ۾ نيوزيلينڊ ملائيشيا کي 3 جي مقابلي ۾ 2 گولن تان شڪست ڏني، جڏهن ته آسٽريليا ڏکڻ ڪوريا کي 4 جي مقابلي ۾ 2 گولن تان هارايو، 5 ميچون کيڏڻ بعد پاڪستان جون ٽيبل پوائنٽس تي 9 پوائنٽون موجود آهن ۽ فائنل ۾ پهچڻ لاءِ پاڪستان کي آخري ميچ ۾ ملائيشيا کي هارائڻو پوندو. The Kawish Group of Publication