قومي هاڪي ٽيم جي لڳاتار ٻن شڪستن بعد شاندار واپسي، روايتي حريف ڀارت کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪام

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ mohdesa طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2011۔

  1. mohdesa

    mohdesa
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2011
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    ايپوه (اسپورٽس ڊيسڪ) اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جي اهم ميچ ۾ پاڪستان ڀارت کي هڪ جي مقابلي ۾ 3 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي، ايپوه ۾ کيڏي ويندڙ ميچ جو پهريون گول ڀارت طرفان 23 هين منٽ ۾ روپيندر پال سنگهه گول اسڪور ڪيو، پهرين هاف ۾ ڀارت کي هڪ گول جي برتري حاصل هئي، ٻئي هاف ۾ پاڪستاني ٽيم جارحاڻي راند پيش ڪئي ۽ 49 هين منٽ ۾ پاڪستان پاران عمر ڀٽا گول ڪري اسڪور برابر ڪري ڇڏيو، 56 هين منٽ ۾ محمد عمران ۽ 57 هين منٽ ۾ سهيل عباس گول اسڪور ڪري پاڪستان جي پوزيشن مستحڪم ڪري ڇڏي، پاڪستان ميچ ۾ 1-3 تان ڪاميابي حاصل ڪري ايونٽ ۾ ٽين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، ان کان پهرين ٽورنامينٽ جي شروعاتي 2 ميچن ۾ ڪاميابي بعد گرين شرٽس کي انگلينڊ ۽ آسٽريليا هٿان شڪست کي منهن ڏسڻو پيو هو، گذريل چئن مقابلن ۾ شڪست بعد پاڪستان جي ڀارت خلاف اها پهرين ڪاميابي آهي، هاڪي ميچن جي ٻين مقابلن ۾ نيوزيلينڊ ملائيشيا کي 3 جي مقابلي ۾ 2 گولن تان شڪست ڏني، جڏهن ته آسٽريليا ڏکڻ ڪوريا کي 4 جي مقابلي ۾ 2 گولن تان هارايو، 5 ميچون کيڏڻ بعد پاڪستان جون ٽيبل پوائنٽس تي 9 پوائنٽون موجود آهن ۽ فائنل ۾ پهچڻ لاءِ پاڪستان کي آخري ميچ ۾ ملائيشيا کي هارائڻو پوندو.
    The Kawish Group of Publication
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو