واپاري يا بازاري نقطن جي آسان سمجهاڻي

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏18 آگسٽ 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    واپاري يا بازاري نقطن جي آسان سمجهاڻي
    (1)
    اوهانکي پارٽيءَ ۾ هڪ سهڻي ڇوڪري نظر آئي
    اوهان ان وٽ هلي ويا ۽ کيس چيو؛
    ” آءُ تمام شاهوڪار ماڻهون آهيان، مونسان شادي ڪر“
    انکي سڌو واپار چئبو آهي ....
    (2)
    اوهين هڪ پارٽيءَ ۾ پنهجن دوستن سان گڏ آهيو ۽ اوهانکي هڪ سهڻي ڇوڪري نظر اچي وئي
    اوهانجو هڪ دوست ان وٽ هلي وڃي ۽ اوهان ڏانهن اشارو ڪندي کيس چئي؛
    ” هو مون وارو دوست تمام شاهوڪار ماڻهون آهي، تون ساڻس شادي ڪر“
    انکي مشهوري چئبو آهي ....
    (3)
    اوهانکي پارٽيءَ ۾ هڪ سهڻي ڇوڪري نظر آئي
    اوهان ان وٽ هلي وڃو ۽ کائنس ٽيليفون نمبر وٺو؛
    ٻي ڏينهن کيس فون ڪري اوهان چئو ته
    ” آءُ تمام شاهوڪار ماڻهون آهيان، مونسان شادي ڪر“
    انکي فون ذريعي ڪيل واپار چئبو آهي ....

    (4)
    اوهانکي پارٽيءَ ۾ هڪ سهڻي ڇوڪري نظر آئي
    اوهين پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿيا، پنهنجا ڪپڙا صحيح ڪيا، ان وٽ هلي ويا، کيس شربت سان ڀريل گلاس جي آڇ ڪئي، ڪرسي سوري ڏني، سندس ڪريل هٿ وارو ٿيلهو کڻي ڏنو، سندس ڪپڙن جي سٺي هجڻ جي تعريف ڪري کيس چيو ...
    ”هڪ ڳالهه اوهانکي ٻڌائڻي آهي ته آءُ تمام شاهوڪار ماڻهون آهيان، مونسان شادي ڪريو“
    انکي عوامي رشتن کي وڌائڻ وارو عمل چئبو آهي ....
    (5)
    اوهانکي پارٽيءَ ۾ هڪ سهڻي ڇوڪري نظر آئي
    هوءَ اوهان وٽ هلي آئي ۽ چيائين ...
    ”اوهين آسودا آهيو ۽ مونکي پسند آهيو“
    انکي چئبو آهي مارڪيٽ ۾ مڃتا ۽ سڃاڻ ....
    (6)
    اوهانکي پارٽيءَ ۾ هڪ سهڻي ڇوڪري نظر آئي
    اوهين ان وٽ ويا ۽ کيس چيو
    “آءُ تمام شاهوڪار ماڻهون آهيان، مونسان شادي ڪريو“
    ”ڇوڪريءَ اوهانکي تمام زور سان هڪ ٿڦ وهائي ڪڍي“
    انکي چوندا آهن گراهڪ جي موٽ ...
     
  2. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    سائين گراهڪ جي موٽ تمام زبردست آهي۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا رنجيت،
    حق موجود؛

    يار ! جي ڪو ذاتي تجربو هجي ته اسان سان ونڊ ضرور ڪجو ته خبر پئي ته اها مارڪيٽنگ ڪرڻ کان اسين بشمول دوست احتياط ڪيون ...

    ۽ ها سنڌ جي سڪ لڳڻ دوران جنهن بزرگ سنڌيءَ سان ڪچهريون ڪيون هيوَ سي اسان سان ونڊ ڪريو ها ته اسانکي به خبر پئي ها ته اسان کان وڇڙيل سنڌي ڪيئن سوچين ٿا سنڌ باري ۾؟

    جڙيل هجين هميشه
     
  4. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    حاضر سائين صرف لوڪل ٽرين ۾ ويهڻ جي جاءِ ملي ته مان لکي وٺندس ۽ پوءِ هتي شيئر ڪندس۔ باقي وقت ۾ لکڻ ٿوڙو مشڪل آهي۔ بس ڪجهه ڏينهن انتظار ڪريو۔
    هڪ ڳالهه آهي ته اڄ به سنڌي ان ڏينهن کي وساري ڪونه سگهيا آهن جڏهن پاڪستان کان انڊيا لاءِ آخري ٽرين نڪتي هئي۔۔۔۔۔۔ اصلي انهن ڳالهين منهنجي جيءَ کي جهوڙي وڌو
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مڪمل منصوبا بندي کان پوءِ به گراهڪ جي موٽ جو ڊپ پاڻ کي مارڪيٽنگ ڪرڻ نه ٿو ڏئي نه ته واپاري يا بازاري ٿيڻ ڪو ڏکيو به نه اهي....
    مهرباني سائين نثار ابڙو صاحب
     
  6. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    سائين انڊيا ۾ مارڪيٽنگ جون نيون نيون ٽيڪنڪس آهن۔ انهن تي اهو گراهڪ پاڻمرادو توهان ڏانهن هليو ايندو
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين نثار ابڙا صاحب تمام بهترين شيئرنگ آهي اصل توهان ڪمال ڪري ڇڏيو اهو
    مان حيران ان ڳالهه تي آهيان ته جيڪو نمبر 5 وارو فارمولو آهي اها مون جي ڳالهه اوهان کي ڪنهن ٻڌائي:D

    lajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharing



    sindhsalamatsaathsal
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا فقير سائين
    آهستي آهستي خبر پوندي ٿي وڃي ته سنڌ جا فقير ڪهڙن حالن ۾ آهن...
    ها ها ها
    فارمولي نمبر 6 لئه طارق روڊ تي وڃي اهڙا ڪم نه ڪجو ... فارمولي نمبر 5 لئه ته ٻليءَ کي خواب ۾ ڇڇڙا ...
    asul matt
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو