12 مئي جا نه وسرندڙ سور ۽ آزاد عدليه

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    12 مئي جا نه وسرندڙ سور ۽ آزاد عدليه

    تحرير : سليمان وساڻ

    [​IMG]

    [​IMG]

    [JUSTIFY]
    مون کي چڱيء طرح ياد آهي ته ان جدوجهد ۾ وڪيلن سان گڏ پي پي پي ۽ اي اين پي جي ڪارڪنن ڀرپور سرگرمي ڏيکاري هئي. تحريڪ پنهنجي زورن تي هئي ۽ اسان به وڪيلن سان گڏ ان جدوجهد جو حصو هياسين. 12 مئي 2007 تي صبح جو 10 بجي جو اسان سچل ڳوٺ مان نڪري پنهنجي گاڏيء ۾ ڪراچيء جو جائزو وٺڻ ۽ ايئرپورٽ پهچڻ جو سوچيو هو. معزول چيف جسٽس جو ساٿ ڏيڻ لاء هر ماڻهو تيار هو پر 12 مئي جو اهو ڏينهن اسان گلستان جوهر کان ڊرگ روڊ نه پهچي سگهياسين، بلوچ پل ۽ ڪارساز تي به روڊ بند مليو، ڀٽائي آباد کان به روڊ بند مليا ، ڪنٽينرس جا اڻ کُٽ سلسلا نظر آيا ۽ نوجوانن جو ٽوليون به نظر آيون. منهنجي ڇهين حس خبر ناهي ڇو ڪجهه ٿيڻ جا آثار سمجهي رهي هئي ۽ پوء اهو ڪجهه ٿيو جنهن لاء ڪير به تيار نه هو سواء حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم جي.

    ڪراچي يرغمال ٿي چڪو هو، ماڻهو گهرن ۾ قيد ٿي چڪا هئا ۽ ظلم ۽ بربريت جو راڄ هو. 12 مئي چيف جسٽس سان گڏ ڪراچي وارن لاء موت جو راڪاس بڻجي آئي. خون هيو، رت هيو، نوجوان ۽ معصوم شهرين جا لاش هئا ۽ بارود جي بوء هئي. ڪراچيء جا ٽريفڪ سان ڀرپور ۽ جام رستا اڄ سنسان هئا ، ان ڏينهن انهن رستن تي خطرناڪ هٿيارن سان ليس دهشتگرد هئا ته ٻئي طرف عام ۽ بيگناهه انسانن جا سينا ۽ انهن جا تڙپندڙ جسم هئا. انهن ماڻهن جو ڏوهه اهو هو ته هو ان ڏينهن هڪ اهڙي شخص جي آجيان لاءِ گڏ ٿيا هئا، جيڪو هٿين خالي هو، جنهن هڪ آمر جي سامهون جهڪڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ آزاد عدليه جو نعرو هڻي ٻاهر نڪتو هو. ان ڏينهن سياسي ڪارڪنن غير محفوظ هئا، وڪيل نشاني تي هئا، صحافي مفلوج ڪيل هئا، سول سوسائٽيء کي مجبور ڪري گوليون وسايون ويون هيون. ڪراچيء جي روڊن تي 50 کان مٿي بيگناهه نوجوانن جو قتل ڪيو ويو. هنن جو ڏوهه اهو هو ته هو عدليه جي آواز ۽ ججن جي آوازکي آزاد ڪرائڻ لاء نڪتا هئا ............

    ان ڏينهن مونکي زندگيء جي ڪا قيمت نظر ڪانه آئي هئي، گولين اهو نه ڏٺو ته هي ڪير آهي، هن جي ٻولي ڪهڙي آهي، هن جو رنگ ڪهڙو آهي..... بس گوليون بيگناهن کي ترپائينديون رهيون. ڪيئي پيئر ان ڏينهن پٽن جا لاش کڻڻ لاء اسپتالن جا ڌڪا کائيندا رهيا، ڪيئي امڙيون پنهنجي موڀي پٽن جا لاش ڏسي بيهوش ٿينديون رهيون، ڪيئي ڀينر پنهنجي ڀائرن کان جدا ٿيون ۽ ڪيئي ونيون ان ڏينهن پنهنجي ورن کان الڳ ڪيون ويون .....

    چون ٿا ته ان ئي جدوجهد جي ڪري عدليه آزاد ٿي پر اها آزادي ڪاڏي وئي، عدليه جي آزاديء لاء هميشه لاء پنهنجون جانيون قربان ڪندڙن جي موت تي آزاد عدليه، وڪيل، سياسي پارٽيون، حڪومت وقت، صحافي، ميڊيا ڇو خاموش آهي........ ڪاش ڪوئي انهن سوالن جو جواب ڏئي سگهي. 12 مئي هن سال به آئي ۽ 2007 جي زخمن کي ٻيهر تازو ڪري وئي .............. شايد چيف جسٽس افتخار چوڌري ته 12 مئي کي وساري ڇڏي پر ملڪ جي سياسي تاريخ ان واقعي کي ڪڏهن به وساري نه سگهي.

    [/JUSTIFY]
     
  2. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 12 مئي جا نه وسرندڙ سور ۽ آزاد عدليه

    ۔
    سهڻا سائين !
    چيف انهن واقعن جو پاڻ اکين ڏٺو گواه آهي پوءِ ڇو نه ٿو ڪاروائي ڪري؟ جواب ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ جيڪو ڏاڍو سو گابو ۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 12 مئي جا نه وسرندڙ سور ۽ آزاد عدليه

    مون کي ياد آهي ته چانڊيو صاحب به ڪوٽ ڪلهي تي کڻي روز احتجاج ۽ ريلين ۾ شرڪت ڪندو هو پر اڄ هو به پنهنجي پٽي ڀائي وڪيلن ۽ ججن جي خاموشيء تي حيران هجڻ سان گڏ پريشان به هوندو ۔۔۔۔۔۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: 12 مئي جا نه وسرندڙ سور ۽ آزاد عدليه

    ادا اسان جو ملڪ معجزاڻي نموني هلي رهيو آهي، هتي ڪو به وڏو واقعو ٿئي ٿو ته وقت جي رفتار سان گڏ ان جي حقيقتن جي مٿان مٽيءَ جا ٿلها تهه چڙهندا وڃن ٿا ۽ اهو واقعو ايترو ته پراڻو ٿي وڃي ٿو جو ان جي يادگيري ئي نه ٿي ڪجي۔۔ ڪراچي ۾ ڪلهه به دهشتگردن جو راڄ هو ۽ اڄ به اهي ساڳئي ئي طرح سان ساڳئي عهدن تي موجود آهن
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: 12 مئي جا نه وسرندڙ سور ۽ آزاد عدليه

    [justify][justify]ادا سليمان وساڻ صاحب۔انهن ڏينهن ۾ اسان به ڪراچي ۾ موجود هئاسين ۽ انهن ڪينٽرين جي ڪري تمام گهڻين مشڪلن کانپو۽ آفيس پهتا هئا سين۔هڪ تنظيم جي غنڊن هٿيارن جي زور تي سڄي ڪراچي کي يرغمال بنائي ڇڏيو هو۔ان واقعي جي هڪ پٽيشن سنڌ هائي ڪورٽ ۾ ٻڌاڻي لا رکيل آهي چيف جسٽس آف پاڪستان مسٽر افتخارچوهدري صاحب هن واقعي جي مظلومن مان هڪ ها ۽ هئي سڄو واقعو سائين جن جي ڪراچي جي دوري کي ناڪام ڪرڻ لا ڪيو ويو هئو۔ قانون جي نظر ۾ ڪو به جج پنهنجي مقصد لا جج جا فرائض انجام نه ٿو ڏئي سگهي ( ان ڳاله جي تائيد سائين عبدالڪريم چانڍيو صاحب جن به ڪندا)اسان جي خيال ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان انهيئ ڪري ان واقعي جو سويو موٽو ايڪشن وٺڻ نه ٿا چاهين ۽ سنڌ هائي ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪري رهيا آهن۔آها اسان جي را آهي اها غلط به ٿي سگهي ٿي۔ [/justify][/justify]
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 12 مئي جا نه وسرندڙ سور ۽ آزاد عدليه

    ڇا 12 مئي کي وساريو ويو آهي ؟؟ يا حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي؟؟

    اوهان جي ان ڳالهه سان بلڪل سهمت آهيان ته ڪراچي اڄ به يرغمال آهي ۽ چند منٽن ۾ ويراني ڇانئجي وڃي ٿي، خوف جو ماحول ٿي وڃي ٿو ۽ حڪومت بي بس آهي۔
     
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: 12 مئي جا نه وسرندڙ سور ۽ آزاد عدليه

    ادا بي بي سي جي مشهور تجزيه نگار وسعت الله خان ڪراچي جي باري ۾ چيو هو ته "هتي هڪ گولي هلڻ کان وٺي ٻي گولي هلڻ تائين کي امن چئبو آهي"۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۽ ڏسڻو اهو آهي ته جڏنهن به اهرا حالات هجن ٿا ته ڪهڙي پارٽي تي ٽف ٽائيم هوندو آهي يا وري اچڻ وارو هوندو آهي۔
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: 12 مئي جا نه وسرندڙ سور ۽ آزاد عدليه


    ڪراچي جيڪو روشنين جو شهر سڏبو آهي، جنهن ۾ محبت جو مينهن وسندو آهي ۽ امن جي ٽڙندڙ گلڙن جي خوشبوءِ جو لکين ماڻهون مزو چکيندا هئا، جتي سمنڊ جي مٽي جي وڻندڙ خوشبوءِ سمنڊ ڪناري راند ڪندڙ ٻارڙن جي جسم ڇوهيندي هئي جنهن ڪراچي شهر ۾ امن جو شهر به سڏيو ويندو هو ان روشنين واري مائي ڪلاچي جي شهر ڪراچي ۾ بارود جي ڌپ سان سينگارڻ لاءِ انسانيت جو قتل ائين جاري آهي ڄڻ ڪراچي هندستان جي ٽڪري واديءَ ڪشمير هجي جتي هندو مسلم فساد ٿي رهيا هجن اهڙي ئي طريقي سان ڪراچي شهر ۾ڪراچي راڄ ڌڻي سڏائيدڙ ٻن برادرين وچ ۾ ڪافي وقت کان هلندڙ تنظيمي تڪرار واري چڻنگ باهه ٻاري ڪراچي جي ڪروڙين شهرين سميت سنڌ جي پنج ڪروڙ عوام جي ذهنن کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي ڪراچي جيڏو وڏو شهر آهي اوترا ان شهر ۾ مسئلا کڙا ٿيندا پيا اچن ڇاڪاڻ ته هن شهر تي هڪ مخصوص برادري جنهن کي اسان مهاجر ڪوٺي رهيا آهيون انهي مهاجر برادري ڪراچي شهر ۾ تمام وڏي اڪثريت هئڻ ڪري جيڪي ٻيون برادريون يا وري تنظيمون آهن انهن جي مزاحمت جو رخ به هن برادري سان ٿيندو آهي ليڪن انهي قتل وگارن ۾ ڪراچي ۾ رهندڙ مهاجر برادري جي مڙني ماڻهن جو ڏوهه به نٿو ڏيئي سگهجي ڇو ته سموري برادري جون واڳون مهاجر جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ هڪ تنظيم جي هٿن ۾ آهن ۽ ان تنظيم سان ڪراچي جي مهاجرن جي اڪثريت هئڻ ڪري اها تنظيم ان اڪثريت جو فائدو حاصل ڪندي ڪيترائي ناجائز ڪم به ڪري رهي آهي ايتري قدر جوهن تنظيم کي پاڪستان جي فوجي سرڪار يعني مارشالا کانسواءِ جمهوريت جو تاج کڻي ايندڙ سمورين سرڪارين پارا حڪومتي ڍانچي ۾ شامل ڪيو ويندو آهي ۽ وري جڏهن ان تنظيم کي جيڪر ٿورڙي به ڏکيائي ٿيندي آهي ته ان تنظيم پاران جنهن سرڪار ۾ رهندا آهن ان سرڪار کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ سرڪار کان ڌار ٿيڻ جون بس خالي ڌمڪي ڏيندا آهن ته سرڪار ڪراچي شهر تي راڄ ڪندڙ تنظيم جي اڳيان گوڏا کوڙيندي به دير نه ڪندي آهي ۽ خبر به آهي ته اهڙاي انڌير نگري ڪيسيتائين جاري رهندي، هت ايم ڪيو ايم وارا ته سري عام اهيو پيا چوندا آهن ته ايم ڪيو ايم ڪجهه به ڪري ته ڀلي پئي ڪري ۽ ان لاء ڪجهه به نه چيو وڃي، ورنه هر ماڻهون جي ماپ جي ٻوري اسان وٽ تيار آهي، افسوس جو اهڙن انسان دشمنن کي وقت جي حڪومت به ڪجهه نٿي ڪري، اهو ان ڪري جو انهيء جا ذاتي پنهنجا ڪجهه مفادات آهن، بس ادا لله رحم ڪري هن اسان جي سهڻي سنڌڙي تي باقي هي مڪڙ ماڪڙ وانگر وڃن ٿا قابض ٿيندا، جنهن جو جيترو ارمان ڪجي اهو گهٽ آهي۔





     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 12 مئي جا نه وسرندڙ سور ۽ آزاد عدليه

    سائين ميمڻ صاحب مهربانيون

    ان تنظيم جا غنڊا اچ به ايتري ئي منظم طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهن ۽ حڪومت ۾ موجود آهن۔ هاڻوڪي حڪومت مفاهمت واري پاليسيء تحت خاموش آهي پر وڪيلن ۽ ججن کي پنهنجو ڪردار ضرور ادا ڪرڻ گهرجي ها۔

    زرداري صاحب جي خلاف ته فيصلو هڪ هفتي ۾ اچي ٿو وڃي پر 12 مئي 2007 کي ٽي سال گذري ويا آهن ۔۔۔۔ ڪاش ڪو اسان کي سمجهائي ته هن ڪيس ۾ ججن کي ڪهڙيون رڪاوٽون آهن۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 12 مئي جا نه وسرندڙ سور ۽ آزاد عدليه

    ادا ممتاز ، تفصيلي راء لاء مهربانيون

    ادا مان اوهان جي مٿين ڳالهين سان بلڪل متفق آهيان ته حڪومت وقت ذاتي مفادات ڪري ڪجهه ڪانه پئي ڪري ۔۔۔ پر يار صحافي، وڪيل ۽ جج ڇو خاموش آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ !!!!
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 12 مئي جا نه وسرندڙ سور ۽ آزاد عدليه

    ادا حفيظ مهرباني

    بي بي سي بلڪل صهيح لکيو آهي۔ امن ۽ اهو به ڪراچيء ۾ ۔۔۔ هاڻي اهو سڀ خواب لڳندو آهي۔ هتي سڀ پارٽيون پنهنجو اثر رسوخ برقرار رکڻ لاء دهشتگرد ونگ جي سرپرستي پيون ڪن۔۔
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 12 مئي جا نه وسرندڙ سور ۽ آزاد عدليه

    12 مئي 2007 جي هن خوني واقعي کي 5 سال گذري ويا، ڪيئي فيصلا آيا ، اسان جي آزاد عدالتن جي هر ٽي وي چينل تي وڏي تعريف هلي رهي آهي، پر افسوس جو اهو ڏينهن جنهن ڏينهن عدالتي مسند تي ويٺل چيف جسٽس جي سامهون 50 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿيا، ڪيئي مائرون پنهنجي جوان پٽن کان محروم ٿيون، ڪيئي ونيون پنهنجي ڪونڌر مڙسن کي وڃائي ويٺيون ۽ ڪيئي ڀينر پنهنجي ڀائرن جا لاش وٺي رڙنديون رهيون ،،،،،،،،،،، ان ڪيس جو فيصلو نه آيو ۽ نه وري اچڻ جي ڪا اميد به آهي،

    پر 12 مئي وسرڻ جهڙو واقعو ناهي، پ پ پ کان ته وسري ويو، عدليه کان به وسري ويو پر مان ان ڏينهن کي ڪڏهن به ڪونه وساري سگهندس اهو ڏينهن جڏهن ڪراچي کي ڪوس گهر بڻايو ويو هو،
     
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: 12 مئي جا نه وسرندڙ سور ۽ آزاد عدليه

    ادا سليمان وساري ڇڏي ڪيترو ياد ڪندي؟

    ڀلا هڪ ويڌن هجي، ڪا هڪ ناانصافي هجي يا ڪو هڪ اهڙو واقعو هجي ته ياد به ڪجي هت ته هروروز انصاف جو قتل ٿئي ٿو، هر روز ڪئي ڪونڌر ڪسجن ٿا، ڪي رياستي دهشتگرديءَ روپ ۾ ته ڪي غير رياستي روپ ۾ ،،،، ڀلا تازو لياريءَ ۾ 40 ماڻهون قتل ٿيا، ڪئي ماڻهون لولا لنگڙا ۽ معذور ٿيا، ڪروڙن جو نقصان ٿيو ،،،، ڪنهنجي مٿي تي جونءَ چري ،،،، ؟؟؟؟

    ڏاهو ٿي، هروڀرو پاڻ کي نه ساڙ ،،،،

    هڪ مائيءَ کي مڙس تنگ ڪندو هو، کيس هر روز رات جو کائنس زور ڏياريندو هو، سو مائي ويچاري تنگ اچي وئي الله کان دعا ڪيائين ته الله جان ڇڏاءِ، دعا قبول ٿي همراه مري ويو ،،،

    مائيءَ جوان هئي سو هاڻ ڇا ڪري، خئير ٻي شادي ڪيائين، ته هي مڙس وري کائنس صبح الڳ ته شام الڳ زور ڏياريندو هو، پوءِ مائي ويچاري اهو راڳ ڳائيندي هئي؛

    ”مٺيس اڳئين مڙس لاءِ پوئين ڀاڙيءَ جا سور“

    مطلب ته اسانجي قسمت ۾ سور ئي سور آهن ،،،، گذريل، پوئين کان ڀلو لڳندو آهي ،،،، ۽ وري اڃان ايندڙ وري الائجي ڪهڙو هوندو؟

    ڏس ويٺو رنگيءَ جا رنگ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو