12 مئي جا نه وسرندڙ سور ۽ آزاد عدليه
تحرير : سليمان وساڻ
تحرير : سليمان وساڻ


مون کي چڱيء طرح ياد آهي ته ان جدوجهد ۾ وڪيلن سان گڏ پي پي پي ۽ اي اين پي جي ڪارڪنن ڀرپور سرگرمي ڏيکاري هئي. تحريڪ پنهنجي زورن تي هئي ۽ اسان به وڪيلن سان گڏ ان جدوجهد جو حصو هياسين. 12 مئي 2007 تي صبح جو 10 بجي جو اسان سچل ڳوٺ مان نڪري پنهنجي گاڏيء ۾ ڪراچيء جو جائزو وٺڻ ۽ ايئرپورٽ پهچڻ جو سوچيو هو. معزول چيف جسٽس جو ساٿ ڏيڻ لاء هر ماڻهو تيار هو پر 12 مئي جو اهو ڏينهن اسان گلستان جوهر کان ڊرگ روڊ نه پهچي سگهياسين، بلوچ پل ۽ ڪارساز تي به روڊ بند مليو، ڀٽائي آباد کان به روڊ بند مليا ، ڪنٽينرس جا اڻ کُٽ سلسلا نظر آيا ۽ نوجوانن جو ٽوليون به نظر آيون. منهنجي ڇهين حس خبر ناهي ڇو ڪجهه ٿيڻ جا آثار سمجهي رهي هئي ۽ پوء اهو ڪجهه ٿيو جنهن لاء ڪير به تيار نه هو سواء حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم جي.
ڪراچي يرغمال ٿي چڪو هو، ماڻهو گهرن ۾ قيد ٿي چڪا هئا ۽ ظلم ۽ بربريت جو راڄ هو. 12 مئي چيف جسٽس سان گڏ ڪراچي وارن لاء موت جو راڪاس بڻجي آئي. خون هيو، رت هيو، نوجوان ۽ معصوم شهرين جا لاش هئا ۽ بارود جي بوء هئي. ڪراچيء جا ٽريفڪ سان ڀرپور ۽ جام رستا اڄ سنسان هئا ، ان ڏينهن انهن رستن تي خطرناڪ هٿيارن سان ليس دهشتگرد هئا ته ٻئي طرف عام ۽ بيگناهه انسانن جا سينا ۽ انهن جا تڙپندڙ جسم هئا. انهن ماڻهن جو ڏوهه اهو هو ته هو ان ڏينهن هڪ اهڙي شخص جي آجيان لاءِ گڏ ٿيا هئا، جيڪو هٿين خالي هو، جنهن هڪ آمر جي سامهون جهڪڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ آزاد عدليه جو نعرو هڻي ٻاهر نڪتو هو. ان ڏينهن سياسي ڪارڪنن غير محفوظ هئا، وڪيل نشاني تي هئا، صحافي مفلوج ڪيل هئا، سول سوسائٽيء کي مجبور ڪري گوليون وسايون ويون هيون. ڪراچيء جي روڊن تي 50 کان مٿي بيگناهه نوجوانن جو قتل ڪيو ويو. هنن جو ڏوهه اهو هو ته هو عدليه جي آواز ۽ ججن جي آوازکي آزاد ڪرائڻ لاء نڪتا هئا ............
ان ڏينهن مونکي زندگيء جي ڪا قيمت نظر ڪانه آئي هئي، گولين اهو نه ڏٺو ته هي ڪير آهي، هن جي ٻولي ڪهڙي آهي، هن جو رنگ ڪهڙو آهي..... بس گوليون بيگناهن کي ترپائينديون رهيون. ڪيئي پيئر ان ڏينهن پٽن جا لاش کڻڻ لاء اسپتالن جا ڌڪا کائيندا رهيا، ڪيئي امڙيون پنهنجي موڀي پٽن جا لاش ڏسي بيهوش ٿينديون رهيون، ڪيئي ڀينر پنهنجي ڀائرن کان جدا ٿيون ۽ ڪيئي ونيون ان ڏينهن پنهنجي ورن کان الڳ ڪيون ويون .....
چون ٿا ته ان ئي جدوجهد جي ڪري عدليه آزاد ٿي پر اها آزادي ڪاڏي وئي، عدليه جي آزاديء لاء هميشه لاء پنهنجون جانيون قربان ڪندڙن جي موت تي آزاد عدليه، وڪيل، سياسي پارٽيون، حڪومت وقت، صحافي، ميڊيا ڇو خاموش آهي........ ڪاش ڪوئي انهن سوالن جو جواب ڏئي سگهي. 12 مئي هن سال به آئي ۽ 2007 جي زخمن کي ٻيهر تازو ڪري وئي .............. شايد چيف جسٽس افتخار چوڌري ته 12 مئي کي وساري ڇڏي پر ملڪ جي سياسي تاريخ ان واقعي کي ڪڏهن به وساري نه سگهي.