Asad Ali Siyal
سينيئر رڪن
تيز هوا ۾ ديپ
تيز هوا ۾ ديپ جلايم
توسان پيارا نيهن لڳايم
*****
گذريل سال غمن ۾ گذريو
هيل به پنهنجا حال وڃايم
*****
واٽ پهڻ جي پير پٿون ٿيا
پوءِ به تنهنجا پار پڇايم
*****
اڄ تون ايندين اڱڻ اسان جي
سالن کان پئي صحن سجايم
*****
نيهن جون ڳالهيون لوڪ نه سمجهي
هر ڪنهن کان پئي پاڻ بچايم
*****
سيال حيات