تيز هوا ۾ ديپ

Asad Ali Siyal

سينيئر رڪن


تيز هوا ۾ ديپ


تيز هوا ۾ ديپ جلايم
توسان پيارا نيهن لڳايم

*****

گذريل سال غمن ۾ گذريو
هيل به پنهنجا حال وڃايم

*****

واٽ پهڻ جي پير پٿون ٿيا
پوءِ به تنهنجا پار پڇايم

*****

اڄ تون ايندين اڱڻ اسان جي
سالن کان پئي صحن سجايم

*****

نيهن جون ڳالهيون لوڪ نه سمجهي
هر ڪنهن کان پئي پاڻ بچايم

*****

سيال حيات​
 
جواب: تيز هوا ۾ ديپ

ادا سيال تمام بهترين ونڊ جاري رکو

گذريل سال غمن ۾ گذريو
هيل به پنهنجا حال وڃاي
 
Back
Top