۽ چنڊ ڏنو روئي

Asad Ali Siyal

سينيئر رڪن
۽ چنڊ ڏنو روئي


پئي سمنڊ ڀريا سڏڪا ۽ چنڊ ڏنو روئي .
يادن جا مليا تحفا ۽ چنڊ ڏنو روئي .

*****


هڪ چئنچل چاهت جي چادر ٿي چهاڙيون وئي
سپنا ٿي ويا صحرا ۽ چنڊ ڏنو روئي .

*****

ڪنهن واءَ وفائن کي ڪک پن جيئن اڏاريو هو
وکري ويا سڀئي سپنا ۽ چنڊ ڏنو روئي .

*****

محبوب ميارن جا تو مينهن وسايا پئي
اکڙين مان ڪريا الڪا ۽ چنڊ ڏنو روئي .

*****
لفظن کي تقدس کي ڪا باهه وڪوڙي وئي
پئي سيال جليا جذبا ۽ چنڊ ڏنو روئي .

*****

سيال حيات
 
جواب: ۽ چنڊ ڏنو روئي

لفظن کي تقدس کي ڪا باهه وڪوڙي وئي
پئي سيال جليا جذبا ۽ چنڊ ڏنو روئي .

تمام سهڻا ۽ سٺا خيال آهن۔ لاجواب شاعري

ا
 
Back
Top