صدارتي ايوارڊ يافته مشهور گهڙي نواز مٺا خان زرداري به موڪلائي ويو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [JUSTIFY]مٺا خان زرداري جڏهن گهڙو وڄائيندو هو ته ، گهڙي جي تال تي پاڻ به جهومندو هو ته پنڊال کي به جهومائيندو هو۔ خوبصورت رنگ ۽ چٽسالي وارو گهڙو سندس سڃاڻ هو۔ هن پنهنجي فن جو مظاهرو اٽلي، چين، جرمني، برطانيه، دبئي ، ڊنمارڪ، ڀارت ، ڪينيا ۽ ڪ۔ناڊا سميت ٻين ڪيترن ملڪن ۾ پڻ ڪيو۔ خميسي خان سان العوزي تي سندس جوڙي تمام گهڻو مشهور ٿي۔ مٺا خان کي صدر ايوب خصوصي جهاز ذريعي اسلام آباد گهرائي سندس گهڙو ٻڌو هو۔ کيس سندس فن جي مڃتا تي صدارتي اوارڊ پڻ مليو۔ نصير مرزا کيس کيس هيٺين سٽن ۾ ياد ڪيو آهي۔[/JUSTIFY]

    نيٺ، مٺا خان به موڪلايو
    تحرير: نصير مرزا

    [JUSTIFY]سنڌ پنهنجي ٻن گهڙا نواز وڄتن تي جيترو فخر ڪري، گهٽ آهي. ڪهڙا ٻه گهڙا نواز؟ هڪ ته حسين آباد گدوءَ وارو احمد ملاح، جنهن ڪلاسيڪل گوَين سان هڪ پاسي، ته اڪتاري واري عظيم فنڪار سائين مرنا سان ٻئي پاسي گهڙي تي سنگت پئي ڪئي. ٻئي پاڻ ۾ گهاٽا دوست هئا. ريڊيو تي ڊيوٽيءَ تي ايندا هئا ته گدوءَ مان سالم ٽانگو ڪري اچي آفيس جي در وٽ لهندا هئا. سائين مرنا کي مون صرف پري کان ڏٺو، پر احمد ملاح کي مون گهڻو ويجهي کان ڏٺو. آئون موسيقيءَ جي شعبي جو ڪم عمر انچارج هوندو هوس، ان ڪري مون کي سڏيندو ئي هو: ”ننڍڙو صاحب“ خير.. احمد گهڙا نواز جو ذڪر پوءِ ڪڏهن، جو تذڪرو هن وقت مون کي ڪرڻو آهي سنڌ جي هڪ ٻئي قابل گهڙه نواز مٺا خان جو، جنهن جي ذات هئي زرداري. هونئن زرداري ذات جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، جو ان ذات، سنڌ کي هڪ کان هڪ وڏو فنڪار ڏنو آهي، ڦوٽو زرداري، الهداد زرداري، امام ڏنو زرداري ۽ اهي سڀ به، پنهنجي سڀاوَ ۾ برابر ته وضعدار ۽ سڀ شاندار ۽ محبوب ماڻهو هئا، پر مٺا خان زرداري ڪوڻ سڏائي بابا! نهايت شفيق انسان ۽ نهايت وضعدار انسان هو. ياد اٿم! ٿورائي ته ڪي مهينا ٿيا هوندا، جو عظيم ڪالوني نواب شاهه ۾ ساڻس ڪچهري وڃي ڪئي هئم، اکين کان ويهي ويو هو، پر مون ڏانهن منهن ۾ ڏسندي اک اصل ئي ڪو نه ٿي ڪڍيائين. چيائين: ڏسي نٿو سگهان ته ڇا ٿيو؟ منهن ۾ ته توهان کي ڏسي من ٺاري ٿو سگهان...سندس فرزند ظهير زرداري، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو سهڻو شاعر آهي، مون کي هڪ تقريب مان مٺا خان سان ملائڻ لاءِ جيستائين گهر وٺي هلي، منهنجي اچڻ جو اطلاع فون تي کيس ڏنائين، ته اتي پهچڻ تائين کٽن تي بهترين ۽ رنگين رليون وڇرائي منهنجي لاءِ اڳ ئي منتظر ويٺو هو. ساڻس مليس، ته مليو ائين، ڄڻ ڪنهن ورهين کان وڇڙي ويل يار سان ملبو آهي. پوءِ ڪي تحفا ڏيڻ ۽ تواضح لاءِ ظهير کي سرائيڪي ۾ ڪجهه چيائين، ته پهريون ڀيرو ڀاسيم، سرائيڪي ٻولي واقعي به سانوري محبوب جهڙي سهڻي ٻولي آهي. مٺا خان جيئن ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ تيز رفتار هوندو هو، ائين ئي گهڙي تي ڪلواڙي جي ردمَ ۽ تار سان به وڏا نٽ ناز ڪري ڄاڻندو هو. وڄائڻ دوران ٻانهن ۽ هٿن سان نچ ڪري، پوءِ سم مڪائڻ وقت ٻانهن ۽ هٿ کي گهڙي جي منهن ۾ وجهي ڇڏڻ واري انداز سبب ته، محفل کي اصل موهي وجهندو هو. نهايت پڙهيل لکيل ۽ بي حد ذوق وارو انسان هو، نواب شاهه سندس جنم جي جُوءِ هئي ۽ نوشهري فيروز جي اِن ئي مدرسي مان پڙهيو هو، جتان ڊاڪٽر بلوچ صاحب پڙهي لکي دنيا ۾ وڏو نالو ڪڍيو هو. مٺا خان ان مدرسي مان فارغ ٿيڻ بعد، بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪئي هئي ۽ پوءِ سڄي زندگي، پوليس کاتي ۾ گذاريائين ۽ ان ئي کاتي مان سٺي عهدي تان رٽائر ڪيو هئائين. نهايت عقل وارو انسان هو، ان ڪري اولاد کي پڙهايائين ۽ ان قابل بنايائين جو انهن مان نصير زرداري لنڊن ۾ ڊاڪٽر آهي، ظهير زرداري ناميارو شاعر سڏبو آهي ۽ سندس ٻيو اولاد به اعلى عهدن تي آهي. ڪجهه سال اڳي کيس پرائيڊ آف پرفارمنس مليو ته ان خوشيءَ ۾ 1992ع ڌاري مون ريڊيو حيدرآباد لاءِ سندس طويل ترين انٽرويو ڪيو هئو، جيڪو آواز خزاني ۾ باقاعدي موجود آهي. الاس! ڪالهه صبح جو، يعني ٻارهين مئي تي عزيزم ظهير، فون تي اطلاع ڏنو ته، ”جوڳي جيڪس ويا جبروت“! ۽ پوءِ ٻڌايائين ته صبح سان ڄام صاحب ۾ تدفين ڪنداسين. افسوس! پنهنجي دوست مٺا خان جو آئون نوابشاهه وڃي ڪلهي ڪانڌي ٿي نه سگهيس، انهيءَ ڪري دل ئي دل ۾ چوانس ٿو، ”مٺا خان! ڪجهه مهينا اڳ جڏهن پنهنجي آخري ملاقات ٿي هئي، تڏهن اوهان منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي ڪيڏي نه حُب مان هڪ تصوير ڪڍرائي هئي ۽ پوءِ پنهنجي گهر اچڻ تي اوهان مون کي اجرڪ به پارائي هئي ۽ اڄ ڪيڏو نه شرمنده پيو ٿيان جو چاهڻ جي باوجود به ڪنهن مجبوريءَ جي ڪري، نه آئون توهان جو ڪلهي ڪانڌي ٿي سگهيس ۽ نه اوهان جي محبوب بدن تي اجرڪ بطور ڇاڙ جي اچي وجهي سگهيس. پنهنجي انهيءَ ڪوتاهيءَ تي، منهنجو روح...اوهان جي روح کان معافيءَ جو طلبگار آهي، معافي ڏيو ٿا نه مِٺا سائين!!

    روزانه ڪاوش تان ورتل[/JUSTIFY]

    خميسي خان جو الغوزو ۽ مٺا خان جو گهڙو (لنڊن ۾ ڪيل تاريخي پروگرام)



    پنهنجي پٽ سان گڏ گهڙو وڄائيندي

     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: صدارتي ايوارڊ يافته مشهور گهڙي نواز مٺا خان زرداري به موڪلائي ويو

    انا لله وانا عليه راجعون ۔۔۔ جنهن مٽي مان آيو ان مٽي ۾ ويو، رب العالمين سندس روح کي سڪون ۽ روز حساب سندس گناهه بخش فرمائي جنت الفردوس نصيب فرمائي ۔۔۔ آمين

    سنڌ جي ثقافتي ۽ لوڪ فن جا استاد وڃن ٿا گذرندا ۔۔۔ ۽ سنڌي قوم يا قوم جي چونڊيل حڪمرانن انهن فني صلاحيتن کي محفوظ ڪرڻ لا ڪي ادارا به قائم نه ڪيا آهن جو اهڙي قسم جو فن زنده رهي، انڪري يقين آهي ته انهن ماڻهن جي گذر ڪري وڃڻ کانپو اهو فن به گذري ڪري ويندو ۔۔۔

    ڏک جي خبر آهي ۔۔۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: صدارتي ايوارڊ يافته مشهور گهڙي نواز مٺا خان زرداري به موڪلائي ويو

    انا لله وانا عليه راجعون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو