هڪ نئون ”اسدالله ڀٽو“

'تعارف' فورم ۾ ابو واصف طرفان آندل موضوعَ ‏18 آگسٽ 2009۔

  1. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    دوستؤ! منهنجو نالو اسدالله ڀٽو آهي. واضح رهي ته هن نالي سان 2 مشهور شخصيتون پڻ آهن، (1) اسدالله ڀٽو، سکر جو هو، جيڪو ناليرو وڪيل هو. سندس تعلق جماعت اسلاميءَ سان هو. کيس وفات ڪندي ڪي سال ٿي گذريا آهن.
    (2) هن نالي سان ٻي شخصيت هن وقت پڻ سکر سان تعلق رکي ٿي ۽ هن وقت جماعت اسلامي صوبي سنڌ جو امير آهي.
    اتفاق سان منهنجو نالو ۽ ذات به ساڳي آهي. پر حقيقت اها آهي ته مٿيون شخصيتون واقعي به ’شخصيتون‘ آهن. کانئن نيازمندي ۽ سلام دعا ته ضرور رهي آهي، باقي آءٌ ته سندن نالي جو کَٽيو ٿو کاوان.

    ٻنهي جهانن جي سردار حضور ڪريم ﷺ جن جي هڪ حديث جو مفهوم ڪجهه هن طرح آهي ته ”پنهنجو پاڻ کي ڪنيت ڏيو، پر منهنجي ڪنيت جي نسبت نه ڪريو.“ (واضح رهي ته پاڻ سڳورن ﷺ جي ڪنيت ”ابوالقاسم“ هئي. يعني ته ”ابوالقاسم“ جي ڪنيت کان سواءِ ٻي هر ڪنيت رکي سگهجي ٿي).

    شايد انهيءَ حديث جي حوالي کي سامهون رکي عربن ۾ پڻ اڄ تائين اهو رواج آهي ته پنهنجي پهرين اولاد جي نالي سان ڪنيت رکندا آهن، پوءِ چاهي اهو ڇوڪرو هجي يا وري نياڻيءَ جو اولاد هجي، ان نالي سان ڪنيت رکي ويندي آهي. آئون پڻ انهيءَ حوالي سان پنهنجو پاڻ کي ”ابوواصف“ سڏايان پيو.

    دوستؤ! ڪافي ڏينهن اڳ آءٌ هن فورم تي ته رجسٽر آهيان، پر حقيقت اها آهي ته سُستيءَ سبب پنهنجو تعارف نه ڪرائي سگهيس.

    منهنجو نالو اسدالله ڀٽو آهي. اصل مديجي (ضلعو شڪارپور) جي ويجهو هڪ ڳوٺ ’جندوديرو‘ سان تعلق رکان ٿو. هن وقت مستقل رهائش حيدرآباد، لطيف آباد نمبر4 ۾ آهي. تقريبًا 1992ع کان وٺي ڪمپيوٽر جي فيلڊ ۾ آهيان. 1999ع کان وٺي هڪ سرڪاري اداري ”سنڌي لئنگويج اٿارٽي“ حيدرآباد ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر جا فرض نڀائڻ جي ڪوشش ڪريان پيو.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    منهنجا ڀاءُ ابو واصف، الله تنهنجي اولاد ۾ ڪيچ ڪري، اسين ابو واصف سان ضرور واقف هئاسون ۽ ڪيتري حد تائين اهو به اندازو هو ته اوهانجو دوست ابو زين سان به ضرور ڪو واسطو آهي، جنهنجو انڪشاف اتفاق سان ادي ابو زين اڄ ئي ڪيو هو ...

    (چاچا سائين) ، اوهين اسانجي اکين تي ... سٺي ۽ عزتيافته گهراڻي سان تعلق اٿوَ ۽ هن وقت ڪيو به ڪم سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لئه ٿا ... ۽ اهو ادارو جڏهن قائم پئي ٿيو ته اسانجا سڀ استاد ان خدمت لئه تيار هئا ... جن ۾ سائين شوق، سائين سليم ميمڻ، ميڊم فهميده ميمڻ ۽ گهڻو وقت اڳ اسانجي محسن سائڻ درشهوار پڻ هن اداري لئه جدوجهد ڪندي رهي هئي ...

    پارت هجيوَ، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ...

    باقي چوندا آهن ته نالي چڙهيو چور سزا ڀوڳي، سو اهو ڪم مونسان به ٿي چڪو آهي ... ذري گهٽ نثار ابڙي جي نالي جي سزا کائيندي کائيندي بچي ويو هيس، هڪ نثار ابڙو جيئي سنڌ ۽ شايد خيرپور ضلعي سان تعلق رکندو هو ان دور ۾ پوليس کي گهربل هو، هڪ ڏينهن آءُ ڊي سي لاڙڪاڻي سان ملڻ ڪنهن ڪم سانگي ويس ته، همراه بس هٿن مان ٿي ويو ... جڏهن مون تفصيلي تعرف ڪرايو تڏهن جان ڇٽي ...

    هڪ دفعو ٻيهر ” ڀلي ڪري آيا“ باقي گلن ڏيڻ وارا دوست شايد اڄ موڪل تي آهن، اميد ته اوهان ۽ اوهانجي دوست ڀٽي صاحب کي گل ضرور پيش ٿيندا ...

    shal judy hujeen
    محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو.
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    السلام عليڪم ادا ابو واصف

    ادا اڄ اوهان جي باري ۾ تقصيل پڙهي ڪري خوشي ٿئي خاص طور تي توهان جي نالي جي باري ۾ جڏهن پڙهيم ته اڄا دل خوش ٿي،
    مان اوهان کي اهو ٻڌائيندو هلان ته جيڪو ڦوٽو مون جي ڊسپلي تي لڳل آهي اهو مون جي ننڍڙي پٽ جو آهي ۽ ان جو نالو به اسدالله آهي
    ٻئي وڏي خوشي اها ته توهان شڪارپور سان واسطو رکندڙ آهيو مهرباني اوهان جي اوهان ان کي واضع ڪيو باقي هتي جنهن تي هٿ رک ته اهو ٿو چوي ته مان دادو جو آهيان ادا مون جي ڪوشش به آهي توهان به ڪوشش ڪيو ته اٺ ، ڏه ٻيا ميمبر هن فورم تي آڻيو ته جيئن اسان به پنهنجي سادي اڪثريت ظاهر ڪريون دادو جا ته سڀ اسان جا سائين آهن باقي مان ته ان هڪڙي زاهد فقير کي ئي منهن نه ٿو ڏئي سگهان :D ادا ابو واصف سائين نثار ابڙو پيو چوي ته گل ڏيڻ وارا دوست ڪٿي آهن، سو سائين نثار ابڙا صاحب هي دوست مون جي ڳوٺائي آهي ان جو استقبال ته عاليشان ڪبو صرف گل نه پر گهڻو ڪجهه انتظام ڪبو :D
    ادا ابو واصف هڪ دفعو ٻيهر اوهان کي خوش آمديد ۽ هي ڪجهه تحفه قبول ڪجو .





    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]






    دعائن ۾ ياد


    sindhsalamatsaathsal​
     
  4. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    ادا فقير صاحب! تمام ٿورا اوهان جا جو هن حقير کي ياد ڪيوَ. واقعي ۾ به اهو ”اسدالله“ جو نالو ان حيثيت سان به تمام وڌيڪ بهتر آهي ته اهو لقب حضور ﷺ جن پنهنجي چاچي حضرت حمزه رضي الله عنه کي عطا ڪيو هو ۽ ساڳيو لقب حضرت علي سائينءَ جن جو پڻ هو.

    (2) باقي رهي ڳالهه ته دادوءَ جي ميمبرن جي، سو ادا! دادوءَ وارن سان پاڻ پهچي نه سگهنداسين، ڇاڪاڻ ته ”دادوءَ ۾ جادو آهي“ سو ٻيلي انهن کي پنهنجو مُرشد سمجهي، غلامي ڪر، ان ۾ ئي بهتري آهي، نه ته ڪو ڦيڻو منتر پڙهي، پاڻ کي گهر ڀيڙوڪري ڇڏيندا.

    (3) اوهان جي گُلن ڏيڻ جي مهرباني. هونئن ته سڀئي گُل سانڍي رکڻ جهڙا آهن، باقي ٻيو نمبر گلدستو مون کي تمام گهڻو وڻيو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ”گلن“ سان گڏ ”دستو“ به هيو. نه اڪثر دوست گل ته موڪليندا آهن پر دستو ”گُل“ ڪري ڇڏيندا آهن.

    (4) ادا هي ڇا! هي ته اوهان هن حقير لاءِ افطاريءَ جو سمورو سامان پڻ موڪليو آهي. دوست! سعودي عرب ۾ به روزو سڀاڻي آهي. اهڙيون شيون ڏسڻ سان ئي دل مُلن وانگر هرکجي پوندو آهي. ان ڳالهه جي اوهان کي ڪيئن خبر پئي ته آءٌ به هڪ ”مُلو“ آهيان. اوهان به جادوگر ته ناهيو؟ آئون هروڀرو ”دادوءَ ۾ جادو آهي“ جو راڳ آلاپيندو پيو اچان. اوهان کي هڪ ڪَنَ ۾ راز جي ڳالهه ٻُڌايان ٿو ته واقعي به آءٌ سَنَد يافته مولوي آهيان، (حلوي جو ئي صحيح).
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو