ڪي اي ايس سي جو موجوده بُحران ۽ ڪراچيء جون اونداهيون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [​IMG]

    ٻه ڏينهن اڳ شام جو ستين بجي بجلي وئي ۽ اسان سمجهيو ته معمول جي لوڊ شيڊنگ آهي ۽ نائين بجي اچي ويندي پر ۔۔۔۔۔ رات جو ٽين بجي آئي ۽ وري صبح جو پنجين بجي هلي وئي ۔۔۔۔۔۔۔ ۔

    ڪالهه به شام جو ڇهين بجي لائيٽ وئي ته رات جو 11 بجي آئي ۽ وري ٻيهر ايندي رهي ۽ ويندي رهي، بجليء جي اها اکٻوٽ پئي هلي۔ڪي اي ايس سي جا ڇا پرڪار آهن ۔۔۔۔ان تي ڇا لکجي ؟؟؟؟۔

    سنڌي ملازمن کي ڪڍي ڪانٽريڪٽ تي ۽ ٽين پارٽي کي ڪم ڏيڻ جو مقصد ڪراچيء جي هن بجلي اداري کي هڪ لساني تنظيم جي حوالي ڪرڻ آهي، ملازم اڻ اعلانيه هڙتال تي آهن۔ اسان سچل ڳوٺ وارا ته بجليء جون راهون تڪيندا رهون ٿا ۔۔۔

    هيٺ عوامي آواز ۾ ڇپيل محمد سميع گوهر جو ليک ونڊ ڪجي ٿو:

    [JUSTIFY]
    ڪي اي ايس سي جي خانگائڻ جي عمل کي هاڻي ڇهه سال پورا ٿيڻ تي آهن. ان اداري جي خانگائڻ جو بنيادي سبب ان اداري کي مالي طور مستحڪم بڻائڻ ۽ شهر ۾ بجلي جي فراهمي واري نظام کي بهتر بڻائڻ جو مقصد به شامل هو. نومبر 2005ع ۾ ان اداري جو انتظام هڪ خانگي ڪمپني جي حوالي ڪرڻ وقت پاڪستان حڪومت پاران واضح نموني ٻه خاطريون ڪرايون ويون هيون ته ايندڙ ستن سالن تائين نه بجلي جا اگهه وڌايا ويندا ۽ نه ئي ملازمن جي ڇانٽي ڪئي ويندي. هاڻي جيڪڏهن ڇهن سالن جي صورت حال جو جائزو وٺون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته گرمي جي موسم ايندي ئي شهر ۾ ٻارنهن ٻارنهن ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي. ظلم ته اهو جو رات جي وقت جڏهن شهر جا سمورا واپاري مرڪز ۽ ڪارخانا بند ٿي وڃن ٿا ته تڏهن به شهرين کي رات جو سمهڻ نه ٿو ڏنو وڃي ۽ رات جو ٻارهين وڳي کان صبح جو ستين وڳي تائين لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي. شهرين کي چڱيءَ ريت ڄاڻ آهي ته ان اداري جي خانگائڻ کان اڳ شهر ۾ايڏي اذيت جوڳي لوڊشيڊنگ نه ٿيندي هئي.هاڻي ڏسون ته ستن سالن تائين بجلي جا اگهه نه وڌائڻ واري دعوى جي صورت حال. ٿيو ايئن آهي ته پوئين ڇهن سالن ۾ 24 ڀيرا بجلي جي اگهن ۾ 150 سيڪڙو تائين واڌارو ڪيو ويو آهي. ٻيو ته ڇڏيو هلندڙ سال ۾ ئي ٽي ڀيرا بجلي جا اگهه وڌي چُڪا آهن.

    هاڻي اچون ٿا ڪي اي ايس سي جي مالي حالت ڏانهن. ان اداري جي خانگائڻ کان اڳ ساليانو نقصان سورنهن ارب جي لڳ ڀڳ هو جڏهن ته وفاقي حڪومت ان اداري کي ٻارنهن ارب رپيا ساليانو سبسڊي ڏيندي هئي. هاڻي ڇهن سالن کان پوءِ صورت حال اها آهي جو پوئين مالي سال جي اڪائونٽس رپورٽ موجب ان کي 14 ارب رپين جو نقصان آڏو آهي. هڪ محتاط اندازي موجب ڪي اي ايس سي جي خانگي انتظاميا ڪنهن نه ڪنهن بهاني هر سال 20 ارب رپيا ساليانو مالي فائدا ماڻيندي آهي. حالت اها آهي ته جيڪڏهن نيپرا ڪي اي ايس سي جي بجلي جا اگهه وڌائڻ جي درخواست رد ڪندي آهي ته ان جي ڀوڳنا وفاقي حڪومت کي برداشت ڪرڻي پوندي آهي ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ نه ٿيڻ سان ٿيندڙ نقصان خانگي انتظاميا کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي. هڪ خانگي ادارو هئڻ باوجود حڪومت کان هر سال اربين رپين جو فائدو ماڻڻ باوجود اهو ادارو پيٽرول، گيس ۽ بجلي مُهيا ڪندڙ ادارن جو 300 ارب رپين جو قرضي آهي. جڏهن ته موجوده خانگي انتظاميا ابراج ڪيپٽل هن وقت اداري جي 51 سيڪڙو حصي جي مالڪ آهي جنهن جي پنهنجي سرمائيڪاري ڪنهن به نموني 20 ارب رپين کان مٿي نه هوندي. ڪي اي ايس سي 105 ارب رپين کان مٿي جي اثاثن جي مالڪ بڻيل آهي ۽ هن وقت تائين لڳايل سرمائي کان گهڻي ماليت جا قرض ڪي اي ايس سي جائيدادن کي گروي رکي بينڪن کان وصول ڪري چُڪي آهي. هتي اها ڳالهه به ذڪر جوڳي آهي ته موجوده انتظاميا ڪي اي ايس سي کي ٻولي لڳائي حاصل نه ڪيو هو پر ٻولي ۾ حصو وٺندڙ سعودي عرب جي ڪمپني الجمائيه جنهن اداري جا 73 سيڪڙو شيئر خريد ڪري انتظام سنڀاليو هو تنهن کان ٽي سال اڳ هڪ معاهدي تحت 51 سيڪڙو شيئرز حاصل ڪري مالڪ بڻيل آهي جيڪا ڪنهن وقت به ٻئي ڪنهن کي وڪرو ڪري سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته اها پنهنجو لڳايل سرمايو ۽ سئو سيڪڙي کان به مٿي منافعو ڪمائي چُڪي آهي.

    جيستائين ڪي اي ايس سي جي ملازمن جو تعلق آهي ته ان اداري خانگائڻ وقت اها خاطري ڪرائي وئي هئي ته مزدورن جي ڇانٽي نه ڪئي ويندي پر انهن کي هن اداري ۾ ڀاڱيوار ڪرڻ لاءِ کين وفاقي حڪومت 10 سيڪڙو شيئرز ڏيندي پر اهي مزدورن کي اڃا تائين ناهن مليا. ٻيو ته موجوده انتظاميا جي ٻن سي اي اي اوز نويد اسماعيل ۽ تابش گوهر جا بيان به ريڪارڊ تي موجود آهن ته ڪي اي ايس سي جي مزدورن جي ڇانٽي نه ڪئي ويندي پر 2011ع جو سال شروع ٿيندي ئي موجوده انتظاميا ملازمن لاءِ رضاڪاراڻي رٽائرمينٽ اسڪيم وي ايس ايس جو اعلان ڪيو ۽ ان اسڪيم تحت ادارو ڇڏيندڙ ملازمن کي 40 لک رپيا ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي جنهن کي مزدورن هڪ دم رد ڪيو ته ان آڇ جو مُدو ختم ٿيندي ئي اداري کي ساڍن چار هزار غير هنرمند مزدورن کي بنا ڪو سبب ٻڌائڻ جي ملازمت کان هٽايو ويو. حيرت جي ڳالهه ته اها به آهي ته ايڏي وڏي ڪارروائي ڪرڻ وقت مزدور قانون کي نظرانداز ڪندي سي بي اي يونين کي به اعتماد ۾ نه ورتو ويو هو پر مزدورن چئن ڏينهن تائين ڪمپني جي هيڊ آفيس تي ڪامياب ڌرڻو لڳائي پاڻ کي بحال ڪرائي ورتو پر انتظاميا پوءِ به ان معاملي کي پنهنجي انا جو مسئلو بڻائي ڇڏيو هو ۽ انهن برطرف ٿيل ساڍن چار هزار مزدورن کي سرپلس پول م وجھي انهن کان ڪم وٺڻ بند ڪيو ويو ۽ انهن جي جڳهه تي ٺيڪيدار ڪمپنين جي ملازمن کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو ويو. ان خلاف ملازمن 29 اپريل کان ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي ڪئمپ لڳائي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال شروع ڪري ڏني آهي جيڪا ٻن هفتن کان هلي رهي آهي. هن وقت 47 مزدور بک هڙتال تي آهن، جڏهن ته گذريل چئن ڏينهن کان انهن ڪي اي ايس سي جي آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. جنهن ڪري شهرين کي بجلي جي سهولتن کان محروم رهڻو پيو آهي. ڪنهن جي بجلي جيڪڏهن فني خرابي سبب بند آهي ته اها ٺيڪ ڪرڻ يا بحال ڪرڻ لاءِ ڪو ماڻهو موجود ناهي. ٻيو ته لوڊشيڊنگ به ڪلاڪن جا ڪلاڪ هلي رهي آهي. نتيجي ۾ شهر جي هر علائقي ۾ عوام روڊن تي اچي احتجاج ڪرڻ، ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. پر افسوس ته ان بدترين صورت حال ۾ نه ڪي اي ايس سي جي انتظاميا، نه صوبائي حڪومت، نه وفاقي حڪومت موجوده بحران کي حل ڪرڻ ۾ ڪا سنجيدگي ڏيکاري رهي آهي جنهن سبب بحران ڏينهون ڏينهن چوٽ چڙهي رهيو آهي.
    [/JUSTIFY]

    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪي اي ايس سي جو موجوده بُحران ۽ ڪراچيء جون اونداهيون

    بس ڙي ادا سليمان، جاڙي به جڳ سان، حڪومت آهي جو اسامه ۽ آمريڪا جي چڪرن ۾ اهڙو رڌل آهي جو عوام وڃي پوي کڏ جي تري ۾ ۔۔۔ ڀلا ڪهڙي حڪومت ۽ ڪهڙو عوام ۔۔۔ اصل حالت اهڙي اچي پهتي آهي جو دل ٿي چئي ته ۔۔۔۔۔؟؟؟؟؟ مارو يا مرجائو

    پر ها ها هي مجبوري هي موسم ۽ هي بجلي ۔۔۔؟ بس ڪربلا آهي، ماتم ڪرڻ تي دل ٿو ڪري ۔۔۔
     
  3. عبدالحڪيم راڄڙ

    عبدالحڪيم راڄڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    111
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    238
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Sachal Goth, Karachi
    جواب: ڪي اي ايس سي جو موجوده بُحران ۽ ڪراچيء جون اونداهيون

    سٺو ٿيو ته سائين بجلي ڪونهي نه ماڻهو پنهنجي ڪم ۾ مصروف هوندا آهن۔ انهن کي ايترو وقت نه هوندو آهي جو ٻئي ڪنهن جو احساس ڪن رڳو پئسن جي ڪڍ هوندا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ٻه پل کڻي پنهنجي گهرن وارن سان وهندا ته سهين؟ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڪيئن صحيح نٿو چوان ڇا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ڇا انسان بجلي کانسوا نٿو رهي سگهي ڇا؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو