افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
بلاگ ڇا آهي؟
لفظ بلاگ ” blog “ ويب لاگ ” weblog “ کان ٺهيو آهي . بلاگ هڪڙي قسم جي ذاتي ڊائري آهي جيڪا اوهان انٽرنيٽ تي لکندا آهيو ، ذاتي لائيبريري ۾ هڪڙو فرق اهو آهي ته ذاتي ڊائري اوهان تائين يا چند ماڻهن تائين محدود هوندي آهي . جڏهن ته بلاگ سڄي دنيا اڳيان کليل ڪتاب جيان هوندي آهي ، جٿي اوهان پنهنجي سوچ ۽ شوق مطابق پنهنجي خيالن ۽ معلوماتن کي لکندا آهيو ۽ پڙهندڙن سان خيالن جو تبادلو ڪندا آهيو. اوهان ائين به چئي سگهو ٿا ته بلاگ اوهان جي شخصيت جي عڪاسي ڪندوو آهي.. جئين اوهان هوندو اوهان جو بلاگ به ساڳيو ئي هوندو . هن کان سواءِ جئين اوهان ڊاتي ڊائري ۾ شاعري ۽ سٺيون ڳالهيون لکندا آهيو اهڙِ نموني بلاگ ته به اوهان شاعري ۽ سٺيون ڳالهيون ، تقويرون ۽ ويڊيوز ونڊ ڪري سگهو ٿا . سڄي ڳالھ جو نچوڙ اهو آهي ته جيڪر اوهان سوچيو ۽ سمجهو ٿا ته اوهان پنهنجي سوچ ۽ معلومات ٻين تائين پهچائڻ چاهيو ٿا ته هن لاءِ بهترين شيءَ بلاگ آهي . سولي نموني هن کي ئي بلاگ چئبو آهي ، بلاگ جا ڪيترائي قسم آهن ، جئين ؛ ڊاڪٽر ميڊيڪل بابت معلومات لاءِ بلاگ ٺآهيندا آهن .ٽيڪنالوجي جا ماهر ٽيڪنالوجي تي لکندا آهن، ڦوٽو گرافر تصوير ونڊ ڪندا آهن ، اديب ادب تي لکندا آهن، شاعر حضرات شاعري تي لکندا آهن۽ ويڊيو جا شوقين ويڊيو ونڊ ڪندا آهن ...
بلال ڪي بياض جي ٿورن سان
سنڌيڪار ؛ افتخار علي چوهاڻ