ادا سائين هڪ بهترين معاشري ٺاهڻ جي لا۽ اسان۽ توهان کي پنهنجي ٻارن کي تعليم جي زيوار سان آراسته ڪرڻو پوندو۔اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪاپي ڪلچر کي هميشه هميشه لا۽ ختم ڪرڻ لا عملي جدوجهد ڪرڻي پوندي۔ڇا توهان چاهيندو ته توهان جي پيارن جا آپريشن اهوئي ڊاڪٽر ڪن جيڪي ڪاپي ڪري پاس ٿيا هجن۔ڇا توهان پنهنجو ڪيس ڪنهن اهڙي وڪيل کي ڏيندا جيڪو ڪاپي ڪري پاس ٿيو هجئي۔انهي ڪاپي جي آڌار تي مليل ڊگري کان ماڻهو آڻ پڙهيل ئي چڱو آهي۔جيستائين اسان پنهنجي اولاد ۾ صحيصحي تعليمي شعور پيدا نه ڪنداسين۔۔هنن کي صحيحي معاشرو نه ملي سگهندو۔اسان سڀني کي پنهنجي گريبان ۾ جهانڪي ڏسڻو پوندي ته اسان ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون خرابيون آهن ۽ انهن کي درست ڪرڻو پوندو۔معاشرو انسانن جي عملن سان ٺهندو ۽ بگڙجندو آهي۔اسان کي پنهنجي ۽ پاڙسيرن جي حقن جو خيال رکڻو پوندو۔قانون تي پاڻ کي به عمل ڪرڻو پوندو ۽ ٻين کي به عمل ڪرڻ جي تلقيد ڪرڻي پوندي۔ڪرپشن جو هر محڪمي مان خاتمي لا گڏجي ڪوششون وٺڻيون پونديون۔مير ٽ ۽ صرف ميرٽ کي پروموٽ ڪنسڊر ڪيو ويندو سفارش جي لعنت کي جڏهن ختم ڪيو ويندو ته اسان ۽ توهان هڪ نئين ۽ سٺي معاشري کي وجود ۽ آڻي سگهنداسين نه ته ايئن ڳالهيون ڪندا رهنداسين۔مختصر اسان سڀني کي پنهنجو ذميداريون حق ۽ انصاف سان نڀائڻيون پونديون۔توهان هڪ تمام حساس موضوع تي ليک لکيو آهي جيڪو توهان جي دلي ڪفيت معاشري جي خراب حثيت جي ترجماني ڪري رهيو آهي۔اها هڪ بهترين سوچ آهي۔توهان جون مهربانيون۔