Asad Ali Siyal
سينيئر رڪن
اکڙيون ڳوڙها ، تون ۽ مان
اکڙيون ڳوڙها ، تون ۽ مان
سڏڪا سڏڪا ، تون ۽ مان
*****
سارو ڏينهن سفر ۾ آهيون
گهايل سپنا ، تون ۽ مان
*****
هر پل هاڻ عذاب ڏين ٿا
گهاريل لمحا ، تون ۽ مان
*****
درد جي واچوڙي ۾ گم سم
تنها تنها ، تون ۽ مان
*****
ٻيجل جي ٻاڪار هوا ۾
واڪا واڪا ، تون ۽ مان
سيال حيات