اکڙيون ڳوڙها ، تون ۽ مان

Asad Ali Siyal

سينيئر رڪن
اکڙيون ڳوڙها ، تون ۽ مان

اکڙيون ڳوڙها ، تون ۽ مان
سڏڪا سڏڪا ، تون ۽ مان

*****

سارو ڏينهن سفر ۾ آهيون
گهايل سپنا ، تون ۽ مان

*****

هر پل هاڻ عذاب ڏين ٿا
گهاريل لمحا ، تون ۽ مان

*****

درد جي واچوڙي ۾ گم سم
تنها تنها ، تون ۽ مان

*****

ٻيجل جي ٻاڪار هوا ۾
واڪا واڪا ، تون ۽ مان

سيال حيات
 
جواب: اکڙيون ڳوڙها ، تون ۽ مان

هر پل هاڻ عذاب ڏين ٿا
گهاريل لمحا ، تون ۽ مان
تمام بهترين سٽون ادا سيال حيات
 
جواب: اکڙيون ڳوڙها ، تون ۽ مان

ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن هن ڪائنات ۾ پيار پئدا ڪيو ويو ته فراق (جدائي) ڇو پئدا ڪيو ويو؟ ۔۔۔ سوچي سوچي آخر ۾ ان نتيجي ته پهچندو آهيان ته جيڪڏهن، سج چڙهي آسمان تي بيهي رهي ته انجي اهميت جي خبر نه پوي ها، ۽ جيڪڏهن رات جو چنڊ اڀري وري ڪنهن هنڌ گم نه ٿئي ها ته انجي اهميت به ختم ٿي وڃي ها ۔۔ انڪري ئي شايد فطرت ۾ پيار سان گڏ جدائيءَ کي رکيو ويو آهي ته جيئن ان پيار جي اهميت جو قدر ٿئي ۔۔۔ ۽ سيال حيات جهڙا شاعر پئدا ٿين ۔۔۔

تون ۽ مان
 
Back
Top