تنهنجي اکڙين جي کيچل ۾

Asad Ali Siyal

سينيئر رڪن
تنهنجي اکڙين جي کيچل ۾

تنهنجي اکڙين جي کيچل ۾ ، وڃائي هوش ويٺاسين
مٺا اڄ تنهنجي محفل ۾ ، وڃائي هوش ويٺاسين

*****

ڪتابن جو علم پڙهندي اڪابر ٿي ويا هئاسين
حسن تنهنجي اڳيان پل ۾ ، وڃائي هوش ويٺاسين

*****

ستارا ، چنڊ ۽ گل ڦل نظارا سئو ڏٺاسين پر
اُڏاڻل ڪنهن ته آنچل ۾ ، وڃائي هوش ويٺاسين

*****

سوين سورن جي صحرائن کان اڪري پار پيا هاسين
مگر هڪ دل جي دلدل ۾ ، وڃائي هوش ويٺاسين

سيال حيات
 
Back
Top