هـــــــــر روز توکـــــــــي ڏســڻ سٺو نٿو لڳي

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن
غزل
هـــــــــر روز توکـــــــــي ڏســڻ سٺو نٿو لڳي
لڪــــي ماڻــهن کـــــان ملڻ سٺو نٿو لڳي

دنيــا جــــــــي تـ دل ۾ آ نفــرت ڇـــانــــيـل
گــــــــــڏي وک وک هــلڻ سٺو نٿو لڳـــي

آ خـــامــوش رهــــڻ هـــــن دنيـــا ۾ سٺــــو
ڏئــــــــي ٽــهــــــڪ وڏا کلڻ سٺو نٿو لڳي

لڪــــائي راز پنــهنجا تــــــون وتندو ڪر
ڌئـــــي اک جـــا اشـــارا سڏڻ سٺو نٿو لڳي

ٿــــــي پئــون نـــ جـــــــدا آ ڊپ مــــونـــکــي
ڳــــــلابي ڳــــلڙن کــــي ڇهڻ سٺو نٿو لڳي

زمـــانــــو تـ آ شــــڪ جــــو شڪـار ٿيــل
تـوڏي روز "مزمل" جو اچـڻ سـٺو نٿو لڳي
مزمل چانڊيو
 
Back
Top