عرس پريو
سينيئر رڪن
اداس ڍنڍون
ٿڌن ستارن کي وهنجارين ٿيون
آءٌ خود پنهنجي بيقينيءَ کان
تنگ ٿي پئي آهيان
هلڪن ڌڪن سان شڪ نرم پوي ٿو
۽ تنهنجو مون لاءِ شڪ ڏسي
خود منهنجو پاڻ تان اعتبار کڄي ٿو
***
ڊپ جي سنهڙي بليڊ سان وڍيل اکيون
ڏرا ڏنل آخري حد تائين ڊنل اکيون
رات جي اڌ ڪلاڪ جي پسار مهل
ڏڪندڙ، مدد لاءِ اعلاز ڪندڙ
منهنجي سامهون هيون،
***
۽ تون آهين
منهنجي ڪٺ پتلين جي ٿيٽر جو جادوگر
۽ آءٌ سنهڙي رسي تي هلندڙ
آخري امتحان تائين
۽ هلندي رهنديس خاموشيءَ ساڻ
جيسين تنهنجون اکيون منهنجي ڪرڻ جو اعلان ڪن
***
اي زندگي کي توازن ڏيڻ وارا
آءٌ رڙ ڪرڻ ٿي چاهيان
’ڪري پئو، ڪري پئو!‘
۽ راهه جا سڀ پٿر رت سان ڀرڻ ٿي چاهيان
***
تنهنجي نگهبان اکين اڳيان
منهنجي رڳن جا ڌاڳا جهليندڙ!
پنهنجن سگهارن هٿن سان
مون کي پيڙا ڏيندڙ جادوگر!
آءٌ تنهنجا هٿ چمڻ ٿي چاهيان.
ٿڌن ستارن کي وهنجارين ٿيون
آءٌ خود پنهنجي بيقينيءَ کان
تنگ ٿي پئي آهيان
هلڪن ڌڪن سان شڪ نرم پوي ٿو
۽ تنهنجو مون لاءِ شڪ ڏسي
خود منهنجو پاڻ تان اعتبار کڄي ٿو
***
ڊپ جي سنهڙي بليڊ سان وڍيل اکيون
ڏرا ڏنل آخري حد تائين ڊنل اکيون
رات جي اڌ ڪلاڪ جي پسار مهل
ڏڪندڙ، مدد لاءِ اعلاز ڪندڙ
منهنجي سامهون هيون،
***
۽ تون آهين
منهنجي ڪٺ پتلين جي ٿيٽر جو جادوگر
۽ آءٌ سنهڙي رسي تي هلندڙ
آخري امتحان تائين
۽ هلندي رهنديس خاموشيءَ ساڻ
جيسين تنهنجون اکيون منهنجي ڪرڻ جو اعلان ڪن
***
اي زندگي کي توازن ڏيڻ وارا
آءٌ رڙ ڪرڻ ٿي چاهيان
’ڪري پئو، ڪري پئو!‘
۽ راهه جا سڀ پٿر رت سان ڀرڻ ٿي چاهيان
***
تنهنجي نگهبان اکين اڳيان
منهنجي رڳن جا ڌاڳا جهليندڙ!
پنهنجن سگهارن هٿن سان
مون کي پيڙا ڏيندڙ جادوگر!
آءٌ تنهنجا هٿ چمڻ ٿي چاهيان.
ماگڊا پورٽل/ ڊاڪٽر فهميده حسين